شاعريشاعري

شاعري october 2020

غزل

مزمل سائر

منهنجي پياسَ ڏِسي ائن صحرا مَٽجن ٿا

جئن آئيني آڏو چهرا مَٽجن ٿا

منزل مَٽجڻ سان ئي رستا مَٽجن ٿا

سرمد مَٽجن ٿا، پوءِ دارا مَٽجن ٿا

منهنجا جذبا، سپنا تون ائن پرکين ٿو

جئن بانديءَ تي اڪثر پهرا مَٽجن ٿا

منهنجي من ۾ ڪي ته نگر اتهاس بڻيل

ڌرتي مَٽجي ٿي جئن دريا مَٽجن ٿا

موکي هر ميخاني جي زينت آهي

پر متوالن جيئن متارا مَٽجن ٿا

منهنجو رستو ڇڏ، تون ٻي ڪا منزل ڏِس

مان چاهيان نه به چاهيان رستا مَٽجن ٿا

لوچ نه پوڇ ته دنيا تو کي ڪئن ڏِسندي

سج سان گڏ هر ڪنهن جا پاڇا مَٽجن ٿا

هيءَ بازار سمئه جي جادو ئي جادو

تون ويٺو ڏِس پل پل ڇا ڇا مَٽجن ٿا

تون ته نه مون کان پيارا ائن بدليو آهين

جئن آرهڙ مَٽجن، جئن پارا مَٽجن ٿا

ڌوڪا ساڳيا، من جون ساڳيون فنڪاريون

ها پر تن سان چهرا، نالا مَٽجن ٿا

ساڳيو ميخانو، ساقي، ساغر ۽ مئه

ايندڙ ويندڙ سڀ متوالا مَٽجن ٿا

چانگن کي ته رڳو منزل ٿي پَسجي بس

تن لئه رستا، چندن، لاڻا مَٽجن ٿا

تون هنئن نانگ ته ناهين پر ان جي کَلَ جئن

ساٿي، تنهنجا رنگ پراڻا مَٽجن ٿا

ديوانا ڪنهن هڪڙي سوچ مٿي اٽڪيل

هر نئين سوچ جيان پر دانا مَٽجن ٿا

منهنجي پياسَ ته ساڳي مئه جي پر ساقي

منهنجي رستن سان ميخانا مَٽجن ٿا

هيءَ ڌرتي ڇا ائن ئي سُک لئه پئي جهڄندي؟

جئن واهن تي، تئن هت وارا مَٽجن ٿا

تنهنجي يادن-مالها دل جي هٿڙن ۾

خوشبو مَٽجي ٿي جئن داڻا مَٽجن ٿا

جيون جو سُرندو ايّامن کان ساڳيو

پر گهارڻ لئه “سائر” نغما مَٽجن ٿا

***

تاج بلوچ

تون منهنجي پوئين محبت جو جمال آھين

بي انت ڀوڳنائن جو ثمر آھين

مون ڳوڙهن سان پٿر ڳوهي 

تنهنجو بت ٺاهيو آھي 

ان تي سجدن جو حق فقط منهنجو آھي.

***

منهنجي بيپناهه ۽ لازوال محبت

تنهنجي قدمن ۾ ئي دفن آھي

خيال سان هلجان

متان پاڻ نه چيڀاٽي وجهين.

***

راج راڄپر

ويران ٿيون وسنديون، جھنگن ۾ روڄ آھي

ھن ديس جي دلين ۽ دنگن ۾ روڄ آھي

تنبور جي نگر ۾، جنگي طبل وڄي ٿو

وِڌوا ٿي بانسري ۽ چنگن ۾ روڄ آھي

ھن واڻڪي جڳھ جي، سِر سِر اڃان به سُڏڪا

در ۽ دريون به دانهون، ونگن ۾ روڄ آھي

اڌمن جي آڱرين جي، ھيءَ جا پِڙي لڳي آ

در در ڪَلا وڪاڻي، رنگن ۾ روڄ آھي

ڀاڪر ۾ ايئن ڀري ڪيئن، ايڏو پري ڪري وئين

لونءَ لونءَ اڃان لڇي پئي، انگن ۾ روڄ آھي

گُھرجي به يا نه گُھرجي، بادل ته بي خبر آ

ٿر بر چِڪار ٿيو پر، ڏنگن ۾ روڄ آھي

بندوق جي نظر آ، ڪويل جي ڪوڪ تاڙِي

آڙي مُٺي ڪُٺي ھئه! ڪنگن ۾ روڄ آھي

مند ٿي ته نيٺ نِسري، وِکري وري به وڃبو

سنبري لٿو آ ڳاھو، سنگن ۾ روڄ آھي

طوفان جي سَٽن ۾، ٿيو بادبان لِيڙون

غوراب تاب ۾ آ، ڦنگن ۾ روڄ آھي

يمراج چوڏسا ڪئي، تاراج زندگي آ

گھرِ گھرِ ڪَلور ڪِيھون، ننگن ۾ روڄ آھي

***

غزل

فراخ جانوري

معصوم دليون جو گهائي ٿو، مشرڪ ڀي آ ڪافر ڀي آ،

۽ وحشت کي ڦهلائي ٿو، مشرڪ ڀي آ ڪافر ڀي آ.

ڪوڙي عزت، دولت، شهرت ۽ پنهنجي خاص حڪومت خاطر،

جو ناحق خُون وهائي ٿو، مشرڪ ڀي آ ڪافر ڀي آ.

چوري، زوري، ڏاڍ ڏمر سان جڳ ۾ ليڪن ڪنهن به طرح سان،

جو هيڻن جو حق کائي ٿو، مشرڪ ڀي آ ڪافر ڀي آ.

آزادي سان سچ چوڻ جا ۽ جيئڻ جا حق ڇني سڀ،

جو زوري زيرِ بڻائي ٿو، مشرڪ ڀي آ ڪافر ڀي آ.

ڪاروني ڪردار ٿيڻ لئه بي انت خزانا هوندي ڀي،

جو نه بُکين کي کارائي ٿو، مشرڪ ڀي آ ڪافر ڀي آ.

پنهنجا اوچا محل اڏڻ لئه بي شرمي ۽ بي رحمي سان،

گهر ٻين جا جو به جلائي ٿو، مشرڪ ڀي آ ڪافر ڀي آ.

مجبورن تي مظلومن تي ظلم ڪري جو پوءِ ٺري ٿو،

۽ مومن پو به سڏائي ٿو، مشرڪ ڀي آ ڪافر ڀي آ.

***

نثري نظم

خالده منير

آئيني جي سامھون،

ڇرڪي پيس،

پنهنجي ئي بدن کان،

ڊڄي پيس پاڻ،

منهنجو ئي جسم،

مون کي دشمن لڳو،

بوکلاهٽ ۾ پنهنجو پاڻ،

سونگهڻ لڳيس،

ڪٿي منهنجي بدن ۾،

سيڪسي بدبوءِ ته ناهي،

جو واٽ ويندي ڏسي،

مرد ڇتي ڪتي جيان،

منهنجي بدن کي ٿو،

روز رستي تي چيري ڇڏي،

مون کي منهنجي بدن مان،

ماءُ جي خوشبوءِ آئي،

حيرت ٿي حيوانگي تي،

مرد کي به آ مون عورت جنميو،

پوءِ ڇو نه هن کي واٽ ويندي،

منهنجي بدن مان،

ماءُ جي ٿي خوشبو اچي؟

***

نظم

سجاد سهتو

تون يروشلم جي گھٽين ۾

گھمي رهي آھين

۽ مان

پنهنجي شھر جي ھر گھٽي جي

ديوارن تي يروشلم لکي

ائين گھمي رھيو آھيان

ڄڻ منهنجي ھٿ ۾

تنھنجو ھٿ آهي ۽

منهنجي ڪلھي تي

تنھنجو ڪنڌ لڙيل آهي

۽ دنيا جون سڀ صليبون

اسان جو پيڇو

ڪري رھيون آھن.

***

غزل

علي عاجز  شر

نيڻن جا در ڇو ٻوٽيا ٿي؟

رشتن جا در ڇو ٻوٽيا ٿي؟

ھاڻي تنھنجو روپ سڃاتم،

لفظن جا در ڇو ٻوٽيا ٿي؟

دردن سان نينھن نڀائيندس،

دردن جا در ڇو ٻوٽيا ٿي؟

ڪاوڙ ڪَرِ تُون ۽ رُسُ مونکان،

دڙڪن جا در ڇو ٻوٽيا ٿي؟

ڪاڏي تنھنجا قُربَ وَيا ڏَسِ؟

قربن جا در ڇو ٻوٽيا ٿي؟

ڏھَه ڏھَه ڏيکاريندو ڪَرِ ساجن،

چھرن جا در ڇو ٻوٽيا ٿي؟

***

غزل

بيتاب ناپر

شُعاعُ ٿورو به آ سهارو

پسي ته سگهجي ٿو ڪجهه نظارو!

نگاهه جيڏانهن به ڦيرِ آهي

خدا جو جلوو نيڻان نيارو!

درياءَ! تنهنجون حسين لهرون

ايئن پياريون جيئن تون پيارو!

اسان جي اُڃ ته ڪڪر تو لاٿي

وئين تون رهجي اڙي، اُڃارو!

اسان هون جهڙا جهان جي لئه

اسان تهڙو جهان سارو!

مها ڪوي ته اهو ئي آهي

ڪري جو ڪمزور کي سگهارو!

اسان جي مقدر ۾ ڦول ناهن

بهار آهين تون بي ميارو!!

***

غزل

امر ابڙو

اٿو اٿو  اي دوستو! کڙي کڻي سوار ٿيو

وڏو ننڍو ٻڍو ٻڍي ڄڻو ڄڻي سوار ٿيو

اٿو ته جاڳ سان جٽي پئو ۽ ننڊ کي ننديو

جتي به ھو اتان او ديس جا ڌڻي سوار ٿيو!

اروڙ کان اڳيان وڌي ٺٽي کان لاڙ ڏي لڙي

ڪلاچ جي ڪنين گهڙي وڙھي ڇڻي سوار ٿيو

لطيف جي تنبور جئن ڇڙو ۽ شيخ تند ٿي

وڙھو مرو ۽ پاپ کي ڪري پڻي سوار ٿيو

سڏي ته سڏ وراڻجو مٽي وڏي مھان آ

حيات ڪيو تڏو ۽ موت کي وڻي سوار ٿيو

***

نثري نظم

آزادي جو ھڪ خيال

سانگي شبير ڪنڀر

منهنجي من ۾ ھڪ خيال آهي

اھو خيال مونکي صدين کان ايندو رھيو آهي!

ھن خيال وٽ ڪو به مذهب ناهي

۽ ھن خيال جو ڪو به نانءُ ناهي

ھو ڪنهن آزادي جو خيال ٿي نٿو سگهي

ڇو جو آزادي اسان کي سدائين غلامي جي روپ ۾ ملي آهي!

ھن ڪوڙي آزادي ۾ رڳو ڪي مذهب نه بلڪه انسان مئا آهن!

۽ جڏهن ڪنهن آزاد ٿي ڪري پنهنجي حق لاءِ

آواز اٿاريو آهي ته ان کي ماريو ويو آهي

مذهب جي نالي تي آزادي جي نالي تي!

آئون پنهنجي انهي خيال بابت سوچان ٿو

جيڪو مون سالن کان ڏٺو آهي!

پر ھتي ھا ھتي ھن گھٽ ٻوسٽ واري ماحول ۾

آئون اھو چئي سگهان ٿو

ته مون وٽ ھڪ خيال آهي

پر سچ ۾ مون وٽ ڪوئي خيال ناهي!

***

غزل

شاهه زمان ڀنگر

ڪوئي جي سورَ اوريندو ته هوندس سنڌ جي پاسي

جڏهن ڀي فيصلو ٿيندو ته هوندس سنڌ جي پاسي

قضائن جون رليون هر پل ڪلهي تي پاڻ کي هونديون

جي پئجي وقت ڪو ويندو ته هوندس سنڌ جي پاسي

سڏي سيني سان لائيندڙ ويا هيڪل ڇڏي، ڇا ٿيو؟

وري جي روح روئيندو ته هوندس سنڌ جي پاسي

سمورو شهر هڪڙي مرحلي تي هوش ۾ آيو

وري سو مرحلو ايندو ته هوندس سنڌ جي پاسي

اسان ڪنهن کي ميارن جي عدالت ۾ نه آندو آ

جي ڪوئي وات کوليندو ته هوندس سنڌ جي پاسي

ڀلا ڪو ڪيستائين منتظر اڳواڻ جو رهندو

ڪوئي جهنڊو جه کوڙيندو ته هوندس سنڌ جي پاسي

***