شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ٻيو جنم شبير کوکر
شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شخصيت گذريل ٽن صدين کان اسان سڀني لاءِ قابل مثال بڻيل آهي. ڪنهن به فرقي يا طبقي کي ڀٽائيءَ سرڪار جي معتدل ۽ مثالي ڪردار تي ڪوبه اعتراض نه آهي. زندگيءَ جي هر شعبي جي فرد لاءِ هو قابل عمل ۽ هڪ رهنمائي جو روشن مينار بڻيل آهي.
فرض ڪريو ڀٽاِئي سرڪار ٻئي جنم طور اسان جي اڄوڪي سماج ۾ ساڳي طبقي ۽ خاندان ۾ جنم وٺي ٿو ته اڄ هو ڪهڙو رستو اختيار ڪندو. روايتي سيد گهراڻي جي روايت کي جاري رکندو يا ساڳي پهرين جنم کي ورجائيندو؟
اڄوڪي سماج جي پسمنظر ۾ هڪ اهم سوال؟:
منهنجي خيال ۾ شاہه لطيف جي شخصيت هڪ مجسم ڪامل انسان جي شخصيت آهي. هو ڀلي ڪيترا به جنم وٺي اچي، پر هو پنهنجي اصل مثالي ڪردار تان دستبردار نه ٿيندو.
اهڙي پسمنظر ۾ هو اڄوڪي سماج ۾ به ڪنهن خانداني گادي نشين جي مسند، سماجي رتبي يا سياسي پارٽي جو حصو بڻجڻ بدران ساڳي ڀٽ وسائڻ کي غنيمت سمجهندو. ڇاڪاڻ ته سنڌي سماج ڀٽائي لاءِ اڃان ساڳي جاءِ تي بيٺل آهي، پوءِ ڀٽائي سرڪار ڇو اهڙي سماج ۾ پنهنجي ڪردار کي بدلائڻ پسند ڪندو؟
هي سماج اڳ کان به وڌيڪ گند جو ڍير بڻجي چڪو آهي. ان خلاف اڳ کان به وڌيڪ مزاحمت جي ضرورت آهي. ڀٽائي کان وڌيڪ مزاحمت جو دعويدار ڪير ٿي سگهي ٿو؟
شاھه جا مثالي ڪردار:
جيڪي دولت منصب جي خواهش کان پري آهن، جيڪي وقت جي جابر حڪمرانن جي درٻار کان پري آهن، جيڪي ظلم خلاف مزاحمت ۾ مصروف آهن، جيڪي سماج جي جبري ۽ غير موزون ضابطن کي ترڪ ڪري الڳ ٿلڳ رهڻ تي مجبور آهن، جن جي سياستدانن ۽ آفيسرن سان نٿي لڳي، جيڪي تخليق ۽ تنقيدي شعور جي علامت بڻيل آهن، جن ۾ ڪوبه تعصب، وير، انا ۽ نفس پرستي شامل ناهي، جيڪي ڪردار ڏاڍ ۽ ڏمر کي للڪاري رهيا آهن. اڄوڪي سماج جا مهذب سڏجندڙ ڪيترا دانشور آهن، جن اهڙن ڪردارن سان پنهنجي وابستگي ۽ نسبت ظاهر ڪئي هجي. سڀ دانشور، موقعه پرست پيا ڏسجن. رڳو مولوي وانگر تبليغ ۽ تقرير جي حد تائين شاھ سان تعلق رکن ٿا، باقي عملي زندگي ۾ ان جي نفي پيا ڪن. ام رباب، ڪجھ صحافي، اهل دانش، پورهيت، تمام مظلوم طبقو، لاچار عورتون بهادر جوڌا جوان، سخي ۽ انصاف پسند نيڪ مرد تڏي جا مڙس ماڻهو ۽ جبري گمشده فردن کي شاھ جي ڪردارن طور ڳڻائي سگهجي ٿو، پر انهن سان هن سماج جو سلوڪ مذمت جوڳو آهي. سماج جو فائدا حاصل ڪندڙ طبقو اڄ به ڀٽائي جي ڪردارن جو دشمن بڻيل آهي.
شاھ عبداللطيف ڀٽائي اڄ پنهنجي ٻئي جنم ۾ سڀ کان پهرين پنهنجي گادي نشين، اوقاف کاتي، ثقافت کاتي ۽ رسالي جي محققن ۽ لطيف شناس کان لاتعلقي جو اظهار ڪندو. ڇاڪاڻ ته انهن پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ ڀٽائي کي ڪنھن به طرح نه اپنايو آهي، رڳو تبليغ ۽ ٻين کي نصيحت ڪرڻ ۾ وقت ضايع ڪيو آهي.
شاھه لطيف تي تحقيق جو حاصل:
تحقيق جو حاصل شاھ جو تخليقي ۽ تنقيدي شعور ۽ مثالي انسان ڪنهن کان ڳجهو ناهي رهيو. هتي اصل سوال انسان جي سماج مان نيڪالي آهي اڄ شاھ جا مثالي ڪردار موجود آهن، پر انهن سان هن سماج جي مهذب سڏجندڙ فردن جو سلوڪ ڪهڙو آهي؟ جنهن تي ڳالهائڻ ۽ لکڻ اڄ سڀ کان وڏو سچ آهي.
شاھ جا محقق به مولوين وانگر رڳو تبليغ تي پورا لهن ٿا باقي ڪردار ۾ ان جي بلڪل نفي پيا ڪن. شاھ جي مثالي ڪردارن کي اڄوڪي مهذب سماج ۾ ڪير به پڇڻ وارو ناهي، جيڪي شاھ وانگر اڄ به سماج کان الڳ رهڻ تي مجبور آهن. شاھ جا مثالي ماڻهو اڄ به جلاوطن ۽ اجنبي بڻيل آهن. سماج ۾ انهن ڪردارن کي مڃتا ۽ قبوليت ملي ٿي، جن کي شاھ ڌڪاريندو رهيو آهي. موقعا پرست، مفاد پرست، خود غرض ۽ نفعا خور ماڻهو سماج مٿان ڇانيل آهن. اصول پسند، ماڻهپي ۽ ظرف وارا ماڻهو اڄ به سماج ۾ گمنام پيا رهن. ان ڪري شاھ جي شاعري آفاقي ۽ مثالي درجو رکي ٿي، سندس معيار تي پورو لهڻ وارا سماج ۾ رهندي سماج جو حصو نٿا بڻجي سگهن. اڄ ڀٽائي جي گادي، اوقاف کاتي، ثقافت کاتي، لطيف جي پارکو، مقررن، لطيف شناسن ۽ ميڊيا کي ڀٽائي جي زنده ڪردارن تائين رسائي حاصل ناهي. اڄ به مذاڪرن ۾ زنده ڪردارن کي نظر انداز ڪري رڳو سندس عهد جي ڪردارن کي ياد ڪيو پيو وڃي.
ڀٽائي ڀٽ تي ترڪ سماج تحت نه پر حڪومت سان تعلق ترڪ ڪرڻ تحت وڃي ويٺو هو، جنهن جو ثبوت سندس رسالو آهي، جنهن ۾ هن سماج سان پنهنجي وابستگي برقرار رکي آهي. رڳو سرڪار کان پاسيرو رهيو، سٺي حڪمراني جي کوٽ سبب هو ڀٽ تي وڃي ويٺو. جتي هو روحاني سڪون حاصل ڪري سگهيو ۽ ٻيو سبب پنهنجي ناراضگي يا ڌڪار يا احتجاج جي اظهار واسطي ايئن ڪيو، سماج کان الڳ ٿي رهڻ اڄ به هڪ بائيڪاٽ طور سمجهيو وڃي ٿو.
سماج ۾ بهترين ۽ مثالي ماڻهو لاءِ رهڻ آسان ناهي رهيو، ان ڪري هر ماڻهو ڏاڍي جي پاسي ٿي پيو آهي. ڪمزور مجبوريءَ طور ڏاڍي جي سهاري تي ڀاڙيندو آهي. ان ڪري درويش يا روحانيت وارا انسان سماج کان پاسيرو پيا رهن.
لطيف شناس ۽ لطيف جا پارکو سڏجندڙ، جشن لطيف ملهائيندڙ شاهه جي ذاتي زندگي تي به نه پيا ڏسجن، سماج ته پري جي ڳالھ آھي.
شاھ جا زنده ڪردار اڄ به سماج ۾ دربدر يا نظر انداز ٿيل آهن پوءِ رسالي جو اثر ڪٿي آهي؟ يا شاہه جا محقق يا شارح سماج ۾ مخالف روين ۾ اڳڀرو ڏسجن ٿا. معروضي طور اثرات نٿا ڏسجن، باقي ڪتابن ۽ تقريرن جي حد تائين ان جو اثر ڏسي سگهجي ٿو.
سڄي تاريخ ۾ ڪٿي به سماجن تي ڪتابن جو اجتماعي اثر نٿو ڏسجي رڳو سياست، مذهب ۽ تجارت يا صنعت جا اثر نظر اچن ٿا. ڪتابن جا اثر رڳو ڪتابن يا محققن تائين محدود رهيا آهن. جي سماجن تي ڪتابن جو ڪو اثر ٿئي ها ته پوءِ سماج گهڻو تبديل ٿي چڪا هجن ها. جڏهن ته سماج هميشه سياست ۽ تجارت جي گرفت ۾ رهندو پيو اچي. تعليم، تربيت تبليغ، ڪانفرنس، ادب، تهذيب، سجاڳي، ڪانفرنس شعور سان سماج تي ڪو اثر نه پئجي سگهيو آهي.
ڪتاب ته پري جي ڳالھ سماجي تحريڪن جا به سماج تي ڪي اثر نٿا ڏسجن. اسان ڏسون ٿا تاريخ ۾ڪيتريون تحريڪون ھليون، پر انهن سان سماجن تي ڪي خاص اثر مرتب نه ٿي سگهيا، جيئن ترقي پسند تحريڪ سان ڪھڙو فرق پيو؟ ڇا سماجي قدر تبديل ٿيا؟ رڳو ادب يا ڪتاب متاثر ٿي سگهيا سماج تي ساڳي سياست ۽ تجارت غالب رهي.

