شاگردن جا مسئلا، اديب، مهورتون ۽ ٻاراڻين راندين جو مختصر جائزو ڊاڪٽر ذوالفقار علي جلباڻي
ٻاراڻي نوٽ: ماهوار ’همسري‘ مئگزين ۾ هي اسان جو لڳاتار ٻاراڻي ادب متعلق ٽيون مضمون آهي، جيڪو پڙهندڙن جي اڳيان پيش ڪجي ٿو. اميد ته ادب سان دلچسپي رکندڙ پنهنجي علمي نگاهن سان مذڪوره مضمون کي پڙهي پنهنجي مفيد راين سان اسان کي آگاھ ڪندا ته جيئن رهيل ڪميون ڪوتاهيون دور ڪري سگهجن. اسان هن کان اڳ وارن ٻنهي مضمونن ۾ جن ڳالهين جو ذڪر ڪري آيا آهيون ته ٻاراڻي ادب تي جن علم ادب سان دلچسپي رکندڙ سڄڻن ابتدائي ڪم ڪيو سو هو گهڻي قدر ٻين ٻولين جي ڪتابن جا ترجما ڪري ڪتابي ۽ نصابي صورت ۾ آڻي عام پڙهندڙن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهيءَ کانپوءِ هڪڙو تسلسل جڙي پيو ۽ ڪيترا ئي ليکڪ انهن تان استفادو حاصل ڪري پنهنجون خودڪار تخليقون پيش ڪرڻ لڳا. ٻاراڻي ادب ۽ نصاب جي جديد سنڌي نظم ۽ نثر جي عمارت جي پيڙھ جي پٿر رکڻ ۽ عمارت کي اڏڻ ۽ سينگارڻ ۾ جن شروعاتي عالمن ڪوششون ورتيون تن ۾، ديوان ننديرام مير چنداڻي سيوهاڻي، سيد ميران محمد شاهه (اول)، ديوان اڌا رام پرڀ داس، ديوان ڪوڙو مل چندن مل، مرزا صادق علي بيگ، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، ڪشنچند ”بيوس“، ڪاڪو ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي، محمد صديق ”مسافر“، حافظ احسن چنا، محمد بخش ”واصف“، شيخ عبدالحليم ”جوش“ ۽ ٻين عالمن ۽ استادن ٻاراڻي ادب جي عمارت مضبوط رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي جنهن کي وڌيڪ سنوارڻ ۽ سينگارڻ ۾ پروفيسر علي نواز جتوئي، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ٻين سنڌ جي ذهين ۽ سٺن تخليقڪارن جي تخليقن مان چونڊ ڪري ڪن اسمن کي ٻاراڻي نصاب ۾ شامل ڪيو ويو. اُن وقت جي رائج تعليمي نظام مطابق سنڌي زبان ۽ ادب تي تمام گهڻو زور ڏنو ويندو هو. انهيءَ سان گڏ دينيات، جاگرافي ۽ انگي حسابن بابت معلومات ٻارن ڏانهن منتقل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. راقم جو هن موضوع تي لکڻ جو مقصد آهي ٻارن جي نصاب، ادب ۽ راند روند، استادن ۽ شاگردن جا مسئلا جن کي بحث هيٺ آندو ويو آهي ته جيئن پڙهندڙ پنهنجي قيمتي سرمايي کان واقفيت حاصل ڪري موجوده دور جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ بابت غور ويچار ڪري سگهن. وقت مطابق شيون ايجاد ٿينديون رهنديون آهن ۽ انهيءَ وقت جي پنهنجي ضرورت هُئي ۽ انهيءَ کي پنهنجو سمجهندي استادن ۽ شاگردن پاڻ مڃرايو. انهيءَ زماني جو انسان ٿڌي ڪوسي برداشت ڪرڻ جي سگھ رکندو هو توڙي جو استادن ۽ شاگردن کي موجوده دور واريون سهولتُون مُيسر ڪونه هُيون. استادن ۽ شاگردن کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وڏا وڏا ڪشالا ۽ جتن ڪرڻا پوندا هئا، ڏورانهان ڳوٺ ۽ شهر لتاڙي پيادل پنڌ ۽ اٺن تي سفر ڪري تعليم کي جاري رکيو. هن وقت گهڻين سهولتُن جي باوجود نوجوانن ۾ پڙهڻ ۽ لکڻ وارو جذبو نه رهيو آهي. ڪاپي ڪلچر هڻي اسان جي ستياناس ڪري ڇڏيو آهي. مون کي هڪ سنڌي ٻوليءَ جي استاد جي حيثيت سان نوجوانن مان اميد آهي ته هُو هڪ ڏينهن انهيءَ موذي مرض کي پاڻ ختم ڪرڻ لاءِ گُهر ڪندا ته هاڻي دنيا بدلجي چڪي آهي، اسان کي ڪاپي ڪلچر جهڙو زهر نه پياريو. ٻئي طرف دنيا جهان تي نگاھ رکندڙ باشعور طبقو صحافي ۽ قلمڪار ٻئي چاهين ٿا ته معاشري مان بُرايون ختم ٿين. مون کي خوشي ٿيندي آهي جڏهن ڏسندو آهيان ته سنڌ سميت سموري ملڪ جا سچا خير خواھ انسان انهيءَ ڳالھ جو درد رکن ٿا ته ملڪ مان بُرايون ختم ٿين. سنڌ جا سڄڻ ۽ گَهڻ گُهريا دوست نئين نسل جي بهترين رستي جي چونڊ ڪرائڻ ۾ پنهنجي قلم جي ذريعي اهو شعور پکيڙڻ جي ڪوشش ۾ مصروف عمل آهن ته ٻار کي نيُن ايجادن وارا رستا ۽ گهيڙ ٻڌائجن انهيءَ لاءِ هُو ڪارائتيون لکڻيون ۽ ڪتاب لکي سنڌي زبان جي خدمت ڪئي/ ڪري رهيا آهن. آئون انهن کي جسُ ڏيان ٿو. انهن سڄڻن مان ڪجھ آهن ۽ ڪي اسان کان موڪلائي ويا آهن اڪبر جسڪاڻي، استاد بخاري ۽ ٻيا. الله وڏي حياتي ڏئي هنن سڄڻن کي جيڪي هن قوم جي ٻارن لاءِ درد رکن ٿا تن ۾، ڊاڪٽر ادل سومرو، ڊاڪٽر ذوالفقار علي سيال، غلام محمد غازي، مختيار ملڪ، وحيد محسن، سرمد عباسي ۽ ٻيا ڪيترائي آهن جن ٻارن لاءِ سٺا، نظم، بيت، گيت، حمد، نعتون ۽ ڪهاڻيون/آکاڻيون لکي ٻاراڻي ادب جي اعليٰ ۽ عمدي نموني خدمت ڪري رهيا آهن. پاڪستاني عوام جو هرهڪ باشعور فرد چاهي ٿو ته اسان جي ملڪ ۾ ترقي ٿئي ته پوءِ تعليم جهڙي اهم شعبي ڏانهن ڌيان ڏيڻو پوندو ۽ اُن تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو يا سوديبازي نه ٿئي ته يقينن اسان جي سمورن شعبن ۾ اهڙا سڌريل فهم ۽ فڪر وارا ماڻهو پيدا ٿيندا رهندا، جنهن سان پاڪستان جو نالو پوري دنيا وڏي احترام سان وٺندي ۽ دنيا انهن جي فهم فراست ۽ قابليت کان فيض پرائيندي. اسان جي قوم کي سوچڻ گهرجي ته اسان ڪهڙي طرف وڃي رهيا آهيون ۽ هي ملڪ وڏي محنت سان جڙيو آهي، اڄ ان ۾ ڪيترائي مسئلا ڪَرُ کڻي بيٺا آهن جن تي ڪٿي به ڪو بحث مباحثو نظر نٿو اچي. اسان کي پاڻ ۾ گڏجي ويهڻ، صلاحون ۽ مشورا ڪرڻ مان ڪيترائي فائدا حاصل ٿيندا. اُن لاءِ ملڪي سطح تي سمينار ۽ ڪانفرنسون ڪوٺائي پنهنجن ٻارن جي روشن مستقبل بابت ڪي رٿائون جوڙڻيون پونديون انهيءَ کانسواءِ ٻيو ڪو چارو نظر نٿو اچي. هن وقت جي صورتحال جو جائزو وٺون ٿا ته اسان جي ملڪ ۾ هرهڪ لاءِ هڪ جهڙي بنياد تي تعليم جهڙي اهم سهولت موجود نه آهي. غريبن جي ٻارن جا اسڪول اجڙيل نظر اچي رهيا آهن. هڪ طرف مخصوص ماڻهن جا ٻار انفرادي فائدا حاصل ڪري رهيا آهن ته ٻئي طرف غريب طبقي جا ٻار تعليم جهڙي زيور کان محروم آهن. سرڪار کي گهرجي ته پنهنجي درسگاهن جي مالڪي ڪري ۽ اُتي به زندگيءَ جي ضرورت وارين شين جي کوٽ جو پورائو ڪرڻ گهرجي. صاف پاڻي، بجلي، واش روم، ٻارن جي ويهڻ لاءِ فرنيچر، استادن لاءِ ڪرسيون، پڙهائيءَ جو سامان مطلب ته هر ڪا سهولت جيڪا هڪ ٻار ۽ استاد کي گهرجي اُن کي عملي جامو پارائڻ گهرجي، اهڙي عمل سان سرڪاري تعليمي ادارا پنهنجو سهڻو ڏِک ڏيڻ لڳندا ته انهن ۾ امير ۽ غريب مطلب هرهڪ طبقي جي ماڻهن جي دلچسپي وڌندي. اسان آزاد ۽ خود مختيار جمهوري رياست جا فرد آهيون. حڪومت جي چونڊ سڀ هڪ جهڙائيءَ جي بنياد تي ڪندا آهيون ۽ هرهڪ جي ووٽ کي ايتري ئي اهميت حاصل هوندي آهي، جيتري ڪنهن وڏي تاجر کان ويندي ٻُهاريدار ۽ بادشاھ جي، پوءِ ايڏو فرق ڇو؟ امير جو ٻار وڏن وڏن ادارن کان ويندي غير ملڪي تعليمي ادارن مان تعليم حاصل ڪري ٿو ۽ صحت جون سهولتون به حاصل ڪري ٿو ۽ هتي خاص طور ذڪر ڪندس ٿر ۾ روزانو کاڌ خوراڪ جي قلت سبب سوين ٻار ۽ انهن جا والدين بک ۽ بيماريءَ کان تنگ ٿي مري رهيا آهن. اسان جي تعليم ئي اسان جي ترقيءَ جي ضمانت ڏئي سگهي ٿي. تعليم انسان کي انسانيت جو درد سيکاري ٿي ۽ انسان کي ٻئي انسان سان همدردي جو احساس سيکاري ٿي. تعليم پوري انسانيت کي تحفظ فراهم ڪري ٿي، جڳهڙي جنون کان بچائي ٿي ۽ روزگار ڪرڻ جا ذريعا ٻڌائي ٿي. تعليم حاصل ڪرڻ سان زراعت، صنعت، جنگي فن، ملڪي ۽ غير مُلڪي روايتن بابت شعور اچي ٿو. سياسي، مذهبي ۽ سماجي حالتن بابت سوچڻ ويچارڻ وارو ادارڪ حاصل ٿئي ٿو. يونان جيڪو اڄ سڀني علمن ۽ فنن جو سرواڻ ليکيو وڃي ٿو، جتي هرهڪ هنر ۽ فن جي عمارت جو بنياد پيو آهي، انهيءَ جا مثال ۽ دليل سموري دنيا کڻي رهي آهي، انهيءَ جو سبب هي آهي ته يوناني قوم محنت سان هر علم ۽ فن جا ماهر پيدا ڪيا آهن. قديم زماني جي ابتدا ۾: ”يونان جي شهري رياست اٿينس(Athens) ۾ پرائمري تعليم لاءِ ڇهن کان چوڏهن سالن جا ڇوڪرا درسگاهن ۾ داخل ٿيندا هئا نه رڳو پڙهندا هئا، پر ٻين سماجي سرگرمين جهڙوڪ: راندين ڊوڙڻ، ورزش جي تربيت به حاصل ڪندا هئا. اهي شاگرد جن جي مالي حالت سٺي نه هوندي هُئي، اهي مڪتب وارو مدو پورو ڪري تيرنهن يا چوڏهن سالن جي ڄمار ۾ وڃي ڌنڌي ڌاڙيءَ سان لڳندا هئا. جڏهن ته شاهوڪار خاندانن جا شاگرد تعليم جو سلسلو جاري رکندا هئا ۽ مهان فلسفين ۽ ناميارن استادن وٽ وڃي تعليم پرائيندا هئا. 390 ق. م تائين اتي ڪي اعليٰ تعليم جا ادارا موجود نه هئا ۽ نه ڪو خاص نصاب. سقراط ماڻهن کي تحرڪ ۾ آندو ۽ همٿايو ته هُو بحث مباحثا ڪن ۽ خاص عنوانن بابت اهڙو نصاب تيار ڪن جيڪو مستقبل ۾ انسان جي زندگي ۽ اخلاقيات کي سُڌارين، اهڙي صورتحال هڪ مرحليوار اوسر کي جنم ڏنو ۽ اعليٰ تعليم لاءِ درسگاهن جو آغاز ٿيو. 378 ق. م ۾ افلاطون ’اڪيڊمي‘ نالي درسگاھ قائم ڪئي جيڪا مغربي دنيا جي سڀ کان پهرين اعليٰ تعليمي درسگاھ هُئي.“ (جوڻيجو، 2021: 14) ڪنهن به معاشري لاءِ انهيءَ ڳالھ جو هئڻ لازمي آهي ته جنهن ڌرتيءَ جي ڪُک مان انسان جنم پائي ٿو، انهيءَ ڌرتيءَ جو وڏو حق آهي ته ڏتڙيل طبقي جي خدمت ڪرڻ ۽ پاڻ جهڙن انسانن لاءِ سوچڻ ته ٻيا ماڻهو ڪيئن جِيءُ رهيا، سندن ضرورتن جي پوراءُ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا طريقا استعمال ڪن ٿا، جنهن مان سندن، گهر ٻار سکيو آهي يا ڏکيو آهي. جي سکيو آهي ته انهيءَ جا سبب ڪهڙا آهن، جيڪڏهن ڪو ڏکيو آهي ته انهيءَ ڏکئي هجڻ جا سبب ڪهڙا آهن. غلام قومن جو نه گهر هوندو آهي ۽ نه انهن جي عزت هوندي آهي، پر جيڪي قومون آزاد ۽ خود مختيار هونديون آهن، تن جا برابر ۽ هڪ جهڙا حق هوندا آهن. اسان پاڪستاني قوم آهيون اسان سڀني جا هڪ جهڙا حق آهن. اسان کي جيڪڏهن پنهنجي حقن جي ڄاڻ نه آهي ته پوءِ انهيءَ مان سمجهي سگهجي ٿو ته اسان کي درست تعليم نٿي ڏني وڃي جنهن ڪري اسان معاملن کان بي خبر آهيون. جنهن قوم جي فرد کي اهو احساس نه آهي ته جنهن اسپتال ۾ آئون پنهنجي صحت جي سلامتيءَ لاءِ وڃي رهيو آهيان، اُها اسان جي سرڪار، اسان جي سهولت واسطي ٺاهي آهي ته جيئن اسان ڪنهن لاحق بيماري ۾ تڪليفون ڪاٽي مري نه وڃون. سرڪار اتي اسان لاءِ ماهر ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو اسان جي خدمت لاءِ ڀرتي ڪيو آهي ۽ انهن کي هر مهيني اسان جي خدمت جي پگهار ملي ٿي. هر مريض جي خدمت ڪرڻ، انهن جي فرض ۾ شامل آهي، جيڪي سرڪار جا اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون قائم ڪيل آهن تن ۾ مالهي، چوڪيدار، گارڊ، ڪلارڪ، آفيسر ۽ استاد هن قوم جي خدمت لاءِ مقرر ڪيل آهن. اسان کي سمجهڻو پوندو يا ڪو ٻيو سمجهائيندو، ها اهو اسان کي تعليم وارو شعور ئي سمجهائيندو. اسان کي تعليم ئي سمجهائيندي ته پاڪستان جي آئين مطابق هرهڪ جا دائرا ٺهيل آهن، هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي ڊيوٽي ۽ فرض ادا ڪرڻو آهي. پاڪستان ۾ ماڻهن جي حفاظت لاءِ پوليس، شهرن ۾ انصاف لاءِ عدالتون، صحت لاءِ اسپتالون، پڙهڻ لاءِ درسگاهون وغيره وغيره قومي خدمت ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل آهن. مذڪوره ادارن مان هر ڪو هڪ جهڙو استفادو حاصل ڪري سگهي ٿو. اسان جو موضوع تعليمي شعور آهي. تعليم ڪير ٿو حاصل ڪري طالب علم، انهن کي ڪيترائي درپيش مسئلا آهن جيڪي هت هيٺ ڏجن ٿا:
شاگردن جا مسئلا:
هن ملڪ ۾ کوڙ مسئلا آهن جيڪي ڏينهن به ڏينهن تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن. مزدور، هاري، ننڍي دڪاندار، ريڙهي هلائيندڙ، گڏهن گاڏي واري ۽ موچيءَ جو ٻار تعليم جهڙي اهم زيور کان محروم آهي. انهن جي طرف ڪنهن جو به ڌيان نٿو وڃي اُهي ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. اُن طرف سرنديءَ وارن جو ڌيان ئي نٿو وڃي ته انهن ٻارن جا والدين پنهنجي اٽي، لٽي، گهر کي هلائڻ جو بندبست ڪن يا ٻارن کي تعليم ڏيارين. مجبوري وڏي خراب شيءِ آهي، نه ته ڪنهن کي ٻچا نٿا وڻن ۽ ڪير به ڪونه چاهيندو ته منهنجا ٻچا تعليم حاصل ڪري سٺو روزگار حاصل نه ڪن. مجبوري آهي جو والدين پنهنجي معصوم ٻچڙن کي پاڻ سان گڏ ٻني ٻاري، گاھ پٺي ۽ مزدوريءَ جو ڪم وٺن ٿا. سرڪاري اسڪولن جي ايراضي به تمام گهڻي آهي ۽ بلڊنگون به وڏيون قائم ٿيل آهن جيڪي هڪ دفعو جڙن ٿيون وري سرڪار اُن طرف ڌيان نٿي ڌري. انهن جون ديوارون سال ڏيڊ کانپوءِ پٽ پئجو وڃن. واش رومن کان ويندي صاف پاڻي تائين جو هجڻ اڻلڀ آهي. سرنديءَ وارن جا ٻار ته سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم پرائڻ ۽ ان ۾ داخل ٿيڻ کي به عيب سمجهن ٿا. صاف پاڻي ۽ واش روم ۽ فرنيچر اهو مسئلو اسڪولن ۾ عام آهي. اسان وٽ وسيلن جي کوٽ ڪونهي دل سان ڪم ڪرڻ چاهيون ته ملڪ جي درسگاهن ۾ هر سهولت ڏئي غريب طبقي جي ٻارن لاءِ وظيفي ڏيڻ وغيره جو بندوبست ڪري سگهجي ٿو. اسان جي غريب ٻارن لاءِ هي به مسئلو آهي ته هاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ٻارن کي جيڪي تعليمي بورڊن مان پاس سرٽيفڪيٽ، مارڪس شيٽ ۽ پڪا سرٽيفڪيٽ ملن ٿا، سي سندن اسڪولن ۽ ڪاليجن مان ملڻ گهرجن. ڇاڪاڻ جو بورڊن ۽ يونيورسٽين ۾ انهن جون ڳريون فِيُون رکيل آهن، جيڪو پورهيت جو ٻار حاصل ڪرڻ ۾، به ڏکيائي محسوس ڪري ٿو. حڪومت جو هي قدم به ساراھ جوڳو آهي جو ٻارهين ڪلاس تائين جي ٻارن جي في معاف ڪري ڇڏي آهي. رهيو مسئلو سرٽيفڪيٽس جو اهو مسئلو اسڪولن ۽ ڪاليجن مان حل ڪيو ويندو ته ٻار جو پئسو ۽ وقت ٻئي بچي پوندا. سرٽيفڪيٽن جي وٺڻ پويان ٻار جيڪي ڀاڙا ڪرايا ڪري وڃي ٿو، اُتي گهڻي رش هئڻ ڪري ٻار يا سندس والدين ٻه ٻه دفعا بورڊن جا چڪر ڪاٽين ٿا ۽ آخرڪار بيزار ٿي ايجنڊن جي رخ چڙهي سرٽيفڪيٽ گهرايو وڃي ٿو. ”عام ماڻهن ۾ اهو خيال ويٺل هوندو آهي ته تعليمي تدريس ۽ سکيا جي ڪاميابي صرف استاد جي شخصيت تي منحصر آهي. ڇو ته تعليم ڏيڻ جو عمل سڌيءَ طرح هن سان ئي وابسته آهي. مگر جيڪڏهن ٿورو غور ڪبو ته معلوم ٿيندو ته تعليم جو مؤثر هئڻ ٻين به ڪيترن ئي ادارن سان واسطو رکي ٿو… نصابي امتحان فعال نه هوندا ته انهن جو سڌو سنئون اثر تعليم جي معيار تي پوندو!“ (عرساڻي، 2015: 52)، تعليمي بورڊن کي رڳو هي ذميواري ڏجي ته اهي رڳو امتحان ڪرائي نتيجو اسڪولن ۽ ڪاليجن کي موڪلي ڏين. منهنجي هي به راءِ آهي ته اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سيمسٽر سسٽم لاڳو ڪيو وڃي ته اڃان به بهتر ٿيندو. هن وقت اسان جي شاگردن سان ڪيترائي ٻيا مسئلا به آهن. مثال: بورڊ مان مارڪون خريد ڪرڻ جو وڪرو عام ٿيڻ، جيڪو غريب شاگردن کي ويڳاڻپ جو شڪار ڪري رهيو آهي.
”دراصل ٿيڻ ايئن گهرجي ته اسان پنهنجي پيڙھ مضبوط ڪريون يعني پنهنجو نسل باشعور بڻايون ۽ اسان جو نسل تڏهن باشعور بڻجي سگهندو، جڏهن اُن کي (پنهنجا حق ملندا)، نصابي تعليم سان گڏوگڏ غير نصابي سرگرمين لاءِ اتساھ ملندو رهندو. ٻار جو ذهن ذميورايون سنڀالڻ لاءِ تازو توانو هوندو آهي (ٿوري به اُن کي مايوسي ملي ته هُو ڪومائجي ويندو) ۽ پوءِ کيس وڌيڪ سٺائي ۽ صفائيءَ سان ڇو نه اهڙيون سهولتون ۽ مواد مُهيا ڪيو وڃي، ان حوالي سان ڪي فرد ادارا بڻجي پنهنجي حالت آهر ٻارن جي مسئلن ڏانهن ڌيان ڏين.“ (سولنگي، 2020: 30) ٻارن کي سَنَدُن حاصل ڪرڻ کان ويندي درسگاهن ۾ به وڏا وڏا مسئلا سامهون اچي رهيا آهن. ڪي ٻار اڌ مان اسڪول ڇڏي ٿا وڃن انهن جا مسئلا معلوم ڪرڻ گهرجن. اڪثر ٻارن کان ملاقاتن دوران اهڙا سوال جڏهن پڇيا ويا ته انهن پنهنجون ڪيتريون مجبوريون ٻڌايون ته انهن سان ڪي يونيورسٽين جا شاگرد ۽ خود ملازمن جا رويا نهايت ئي ڏکائيندڙ آهن جنهنڪري انهن پنهنجي پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي يا غربت جو سبب به ٻڌائيندا آهن ته سندن والدين خرچ برداشت نٿا ڪري سگهن جنهنڪري اچي سندن پيٽ گذر لاءِ مددگار ٿيا آهن. جيڪڏهن ملڪ کي خوشحال ڏسڻ جا خواهشمند آهيون ته اسان کي پنهنجي نئين نسل جي تعليم ڏانهن ڌيان ڌرڻو پوندو. مون هڪ استاد جي ناتي سان پنهنجي زندگيءَ جو سفر پرائمري استاد کان شروع ڪندي ڪاليج جي استاد جي هلندڙ سفر تائين ڪڏهن به پنهنجي فرض کان ڪوتاهي ڪونه ڪئي آهي نه ڪڏهن ڪلاس کان لنوايو آهي ۽ نه وري ڪڏهن ڊيوٽي کان لنوائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ايمانداريءَ سان نوڪري ڪرڻ ۾ جيڪا روح کي راحت ملندي آهي سا ڪٿي به نه آهي. منهنجو ضمير پاڻ کان مطمئن آهي، بس اڌمو ۽ درد تڏهن پيدا ٿيندو آهي، جڏهن معصوم ٻارن کي سخت گرميءَ يا سرديءَ ۾ پورهيو ڪندي ڏسندو آهيان ته دل چوندي آهي ته سندس والدين کي مزدوريءَ جا هر مهيني پئسا ڏئي هن ٻار کي اسڪول ۾ داخل ڪرايان پر ايئن ڪرڻ منهنجي وس کان ٻاهر هوندو آهي. جنهن کي به جنهن طريقي سان ۽ جيئن جيئن ڏٺو ۽ سمجهيو اٿم انهيءَ کي ايئن لکندو ويندو آهيان. ”اسٽوري يا فيچر به انساني زندگيءَ جون حقيقي ڪهاڻيون هونديون آهن، فيچر اسٽوري عام زندگيءَ جي مونجهارن کي ڪهاڻيءَ جو روپ ڏئي ٿو، صحافتي دنيا ۾ ڪي اسٽوريون فوري طور مشهور بڻجنديون آهن، اهي مختلف موضوعن تي ٻڌل اهڙيون ڪهاڻيون هونديون آهن، جيڪي فوري خبر ته نه بڻجنديون آهن، پر انهن کي خبر جي ڍانچي ۾ وجهي ڏسندڙن ۽ ٻڌندڙن جي دلچسپي لاءِ اُن خبر جي چوڌاري وارين حقيقتن کي گڏ ڪري هڪ روايتي فارمولي تحت مڪمل اسٽوري تيار ڪئي وڃي ٿي.“ (سولنگي، 2020: 6) روزاني زندگيءَ جي ڪار وهنوار ۾ ڪيترائي مسئلا آهن، انهن ۾ مکيه مسئلو شاگردن جو آهي ۽ استادن جو آهي ته انهن کي درسگاهن ۾ روز مره جي زندگيءَ واريون سهُولتون ڏنيون وڃن، جنهن کي حل ڪرڻ گهرجي ٻيا مسئلا انهن جي درست تعليم ڏيڻ ۽ وٺڻ سان حل ٿي سگهن ٿا. هن وقت استادن جي پگهارن ۽ پروموشن جا مسئلا سٺن آفيسرن جي اچڻ سان حل ٿي رهيا آهن، پر تعليمي ادارن ۾ سهولتُن جي کوٽ آهي.
…(هلندڙ)…