بلاگ

نيڻ نيري سمنڊ جا ساحر راهو جي شعري ڪتاب سانوري شام جي حوالي سان وسيم سومرو  

تازومون ماني ساڌوءَ جو سندس ڊائريءَ تي مشتمل مضمونن جو ڪتاب ”In days of great peace“ پئي پڙهيو، ان جي ڪنهن مضمون ۾ هو ته:

God Speaks to us in Silence, but we are rarely allow the Silence to come, or Listen for him to speak

“خدا اسان سان هم ڪلام خاموشي ۾ ٿيندو آهي، پر اسين خاموشيءَ کي (پاڻ وٽ) ورلي داخل ٿيڻ جي اجازت ڏيندا آهيون ته جيئن اها اسان سان هم ڪلام ٿئي.“ ان ڪري به ته اسين پنهنجي موجود زندگيءَ جي شور ۾ گم ٿي ويندا آهيون. شور اسان جي ٻڌڻ واري حس جي عادت بڻجي ويندو آهي، ايتري قدر جو خاموشيءَ ۾ اسان کي خوف ٿيڻ لڳندو آهي ۽ اسان کي لڳندو آهي ته ڄڻ اهو بي معنيٰ شور ئي ڪا اسان جي زندگي آهي ۽ اسين جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ شور ڪرڻ شروع ڪندا آهيون، پنهنجي انا تي ماتم جو شور، پرائي گلا جو شور، اجائي واويلا جو شور ۽ ان طرح اسان جي اڳيان پويان رهجي ويندو آهي شور ئي شور! اندر به شور ۽ ٻاهر به شور. ٽريفڪ جي پان پان جو شور، ڊيڪ تي زور زور سان ڊرم بيٽ جو شور، ٽي وي جي ڪنهن چينل تي ڊسڪو جي ڌن جو شور، هاڻ ان شور ۾ اسان کي پنهنجو وجود به ڄڻ وسري ويندو آهي. ساڳئي ڪتاب جي هڪ ٻئي مضمون ۾ هيءَ املهه سٽ به آهي ته: God to see, to be God منهنجي نظر ۾ سچي شاعري ماڻهو جي خود ڪلاميءَ جي برابر هوندي آهي، جيڪا هو خاموشيءَ ۾ پاڻ سان ڪندو آهي، ان وقت جڏهن ڌرتيءَ جو شعور ننڊ ۾ هوندو آهي، جڏهن آسمان جا ستارا ڌرتيءَ جون اکيون ٿي، پکين وانگر پنهنجا بي آواز پر پکيڙي، اجريءَ ڍنڍ ۾ گڏ ٿيڻ لڳندا آهن. جڏهن شهر جي رستن تي سانت پنهنجي هستيءَ کي پکيڙي ڇڏيندي آهي. جڏهن گهرن جا آواز خوابن جي ننڊ ٿي ويندا آهن. جڏهن وڻن جي ٽارين تي ٻوليون آساس کي اُڻڻ شروع ڪنديون آهن، جڏهن انسان پنهنجي بگهڙ واري هستي منجهان نڪري فرشتن جي شڪل ۾ اچي ويندو آهي. جڏهن وقت ازل ۽ ابد جو خط استوا ٺاهي، اوٻاسيون ڏيڻ لڳندو آهي، تڏهن شاعر جي خود ڪلاميءَ جو آغاز ٿيندو آهي. سچي شاعري خاموشيءَ جي بر پٽن مان گلاب جي خوشبو تي اُڀرندي آهي، جنهن وٽ ڪو به اجايو شور نه هوندو آهي، جنهن کي صرف خدا جي هستي جيان محسوس ڪري سگهبو آهي. باقي جيڪو به اجايو شور آهي، بي معنيٰ ۽ بي مطلب شور! اهڙو شور اڄوڪيءَ سنڌي شاعريءَ ۾ عام جام آهي. مان اهڙي شور تي اجايو شور نٿو ڪرڻ چاهيان، مان هت ”سانوري شام“ جي شاعر ساحر راهوءَ جي صرف ان شاعريءَ کي ڇهڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. جنهن جو درجو خود ڪلاميءَ وارو آهي، جنهن جي پوري پد تي پهچڻ لاءِ شايد هن کي به هڪ سانت جي گهري سمنڊ منجهان گذرڻ جي ضرورت پوي. سانوري شام ٻن پدن تي ٻڌل مرڪب لفظ خود اَن سانت ڏانهن اشارو ڪري ٿو، جڏهن پکي پنهنجي سڄي ڏينهن جي شور مان آجا ٿي، وچينءَ جي ويلا ٽپي، سانجهه جا گيت اُڻڻ  شروع ڪندا آهن، جن ۾ ڪو به اجايو آواز نه هوندو آهي، جن ۾ صرف آساس ۽ آرام جو احساس هوندو آهي، اهڙو نرم احساس جنهن کي اکيون ننڊ ۾ ۽ ٻارڙا ماءُ جي اکين ۾ محسوس ڪندا آهن. جنهن ۾ حواسن کي وجود جي آگاهي ملندي آهي. توڙي جو اندر ۾ ڪيئي طوفان لڪل هوندا آهن، ان سمئي شاعر خدا سان هيئن هم ڪلامي ڪندو آهي:

سموري شهر تي تو آ، وڌي آرام جي چادر،

لُڇڻ جو دل ۾ ساحر کي، مگر ناسور بخشيو تو.

ايئن سڄي سرشٽي تضادن سان ڀري پئي آهي، تضاد ئي ان جي هجڻ ۽ نه هجڻ طرف اشارو ڪن ٿا. تضاد ئي ماڻهوءَ کي گهڻن رستن جي شناس  ڏين ٿا، جن مان ان کي ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي آهي ۽ هن ان ريت تضاد(Anti thesis)  منجهان ميلاپ(Synthesis)  جو هڪ دڳ  ٺاهڻو پوندو آهي. جڏهن انسان تمام گهڻو انڌيرو ڏٺُو، جهنگلن جو انڌيرو رات جو انڌيرو، غارن جو انڌيرو، جهڙالن جو انڌيرو ۽ پنهنجي اندر جو انڌيرو ته هن اُجالي ڪرڻ لاءِ باهه کي تخليق ڪيو. هن جڏهن پنهنجي هستيءَ کي دنيا جهان جي سور ۽ غوغاءَ ۾ گم ٿيندي ڏٺو ته هن سڌارت (گوتم ٻڌ) جو پيءُ جي بادشاهيءَ کي ڇڏي، بن واس وٺڻ، حضرت موسيٰ عليہ السلام جو طور سينا تي خدا سان هم ڪلام ٿيڻ، حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جو غار حرا ۾ اڪيلو عبادت ڪرڻ، تمام ٿورا مثال آهن، جن منجهان خاموشيءَ جي اهميت محسوس ڪري سگهجي ٿي، پر پري وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، گانڌي اسان جي ماضي قريب جو مثال آهي، جو خاموشيءَ جو ورت (روضو) رکندو هو، ڇا، ائين ته نه آهي ته انسان جو ازل ۽ ابد خاموشي ئي آهي ڇو ته خاموشي ان کي تخليق ڪري ٿي ۽ خاموشي ئي ان کي انت ڏانهن وٺي وڃي ٿي ته باقي هي وچ ۾ ڪهڙو وايو منڊل آهي، جنهن ۾ حضرت سليمان کان وٺي شيخ اياز جي گيتن ۾ سريلن آوازن جا رنگ ان خاموشيءَ ۽ سانت کي وڌيڪ چٽو ڪرڻ ۾ انسان جي مدد ڪن ٿا ۽ ان اجائي شور سان جنگ به ڪن  ٿا، جنهن انسان کي هجڻ ۽ نه هجڻ جي شڪ ۾ وجهي ڇڏيو آهي، تڏهن شاعر کي اهڙو خيال اچي ٿو.

نيڻ ڌنڌلا ٿي ويا اسان جا!

يا ته ميرو ٿي ويو آڪاس آهي.

پر اها ڪيفيت لمحن جي ڪيفيت آهي، جڏهن ماڻهو وسوسن جي دنيا مان نڪري ٻاهر اچي ٿو ته هن کي هيءَ دنيا ۽ ان جا منظر ڏهوڻا وڌيڪ  چٽا نظر اچن ٿا. ساحر جي نظر تي آيل اهڙا ئي منظر ڏسڻ جهڙا ۽ محسوس ڪرڻ جهڙا آهن.

 نديءَ ۾ لهر، لهرن ۾ ستارن رقص جاري آ.

 ڪنارو آ، هي سنڌوءَ جو يا گنگا تي ڏياري آ.

 وڻن جي ميڙ ۾ پريان، وڻي ٿو ڳوٺ ٻلهڙيجي،

 ۽ اسٽوپا جي سائي ۾ گهڙي ڪيڏي نه پياري آ.

 شام ميرانجهي سڄڻ جي سار جا منظر اُڻي ٿي.

 سانوري پهرئين پرينءَ جي پيار جا منظر اُڻي ٿي.

 هو هنجهه اُڏاڻو ڀڙڪو ڏئي، ٿيو آڙين ڇپڪو پاڻيءَ ۾،

 ٿي مال وٿاڻن  ڏانهن وريا ۽ ڀر مان گذّري ويل هئي.

اهو سڀ ڪجهه خاموشيءَ ۾ ئي ٻڌي، ڏسڻ جو مزو ماڻي سگهجي ٿو، ڇو ته ماڻهوءَ جا ڪن رڳو خاموشيءَ ۾ سرلا ٿيندا آهن، اهي شور ۾ ٻوڙا ٿي پوندا آهن، جيئن گهڻي روشني اکيون انڌيون ڪري ڇڏيندي آهي ۽ ماڻهو چانڊوڪي مان لطف اندوز نه ٿي سگهندو آهي. منهنجي ويجهو شاعري ڳائڻ کان وڌيڪ خاموشيءَ ۾ پڙهڻ جي شيءِ آهي. شايد اهو ئي سبب  آهي ته دنيا جي سُٺي ۾ سٺي شاعري آهي، جيڪا ڳائڻ بدران پڙهڻ لائق آهي، پر جي ڪا سٺي شاعري ڳائجي ٿي ته ڪو هرج ڪونهي، پر شاعريءَ جو پنهنجو آواز هوندو آهي، جيڪو سازن ۾ گم ٿي وڃي ٿي ته پوءِ ان جو پنهنجو وجود فنا ٿي ويندو آهي. راڳ بابت به ڪيترن سٺن ڄاڻن جو چوڻ آهي ته اهو ٻولن (شاعري) جو محتاج نه هوندو آهي. ايئن سٺي شاعري به منهنجي نظر ۾ راڳ جي محتاج نه هوندي آهي نه وري ان کي محتاج ٿيڻ به گهرجي. ازرا پائونڊ جي چوڻ موجب سٺي شاعري پڙهڻ وقت پنهنجي سنگيت جو تاثر ڇڏيندي آهي، پر ان کي هر ماڻهو محسوس ڪري، مشڪل ڪم آهي، ڇو ته شاعريءَ ۾ هڪڙو داخلي سنگيت جو احساس هوندو آهي ۽ اهو صرف انهن کي محسوس ٿيندو آهي، جن جي ڪن ۾ رس وڌيڪ سرلو هوندو آهي. ساحر جا ڪجهه اهڙا ئي شعر ڌيان ۾ آڻڻ جهڙا آهن:

نه ڄاڻ ڪهڙي سفر هلياسين، وجود کان بي خبر رهياسين.

جوان جذبن شڪست کاڌي، ٿي واٽ ساري سراب وئي آه.

نڪور موسم جا خواب پوکيا، اسان  ها نيڻن جي برپٽن ۾،

مگر جو موسم ٽڙي ته هرڪا، ڪلي ڪلي ٿي حجاب وئي آه.

مٿان چنڊ خاموش مرڪي پيو ٿو،

۽ ٻانهن ۾ مون کي لڳن ٿيون هوائون

ڳڙکين مان سرهاڻ سڄڻ جي، ڪاهي آئي ڪمري ۾،

چنڊ لڳي ٿو مون جيئن مون کي، هاڻ اڪيلو ناهيان مان!

بنا احساس جي ماڻهو الائي ڪيئن جيئن ٿا پيا؟

هي ماڻهو ها يا اخبارون هي پٿر يا لاشا ها!

چنڊ تارن جي وطن جي ڪا هئي نازڪ پري،

کير جهڙا پر پکيڙي، اُڀ ۾ اُڏندي رهي

نيڻ نيري سمنڊ جي ڪنهن ڏيک جيان هن جا هئا،

باک جي جهوٽن جيان، هر انگ تي ڇهندي رهي.

ساحر راهو جو شاعراڻو سفر ”خواب کٿوري چنڊ کان سانوري شام“ تائين سلوڻو سفر آهي، جنهن ۾ هن هڪ وک اڳتي کنئي آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته هن جي قلم جو دل جي جستجوءَ ۽ اکين جي جاڳرتا سان واسطو ڳنڍيل آهي، باقي ڏسڻ جي اک هر ڪنهن وٽ پنهنجي آهي، ان ڪري به ته هر ماڻهوءَ وٽ سوچ جو پنهنجو زمان ۽ مڪان هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن انهن ۾ هڪ جهڙائي فطري عمل لڳندو آهي. جيئن ساحر جو هي شعر آهي.

ٻور ناهيان ڇڻي خاڪ بڻجي وڃان.

لڙڪ ناهيان ڳڙي ماڪ بڻجي وڃان.

ان تي جڏهن مان پنهنجي حقيقت جون اکيون رکان ٿو ته مون کي اهو شعر هن ريت نظر اچي ٿو:

ٻورن وانگر ڇڻي خاڪ بڻجي وڃان.

لڙڪ وانگر ڳڙي ماڪ بڻجي وڃان.

بهرحال ساحر جي شاعراڻي ڪهاڻي اڳيان ڪهڙو موڙ وٺندي، ان تي سندس ئي شعر پڙهي مان پنهنجي ڳالهه پوري ڪندس.

نگاهن ۾ آهه سڀني جي فقط ڪيفيت تجسس جي،

ڪهاڻي موڙ ڪهڙو ٿي وٺي، ڪنهن کي خبر ناهي!

***