خاص

شهزادو هيري پرنس فلپ جي آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ برطانيا پهچي ويو

شهزادو هيري سندس ڏاڏي فلپ جي آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ برطانيا پهچي ويو. پرنس هيري لاس اينجلس کان لنڊن هيٿرو ايئرپورٽ پهتو ۽ هاڻ هو قرنطينه ۾ آهي، ميگهن مارڪل جي ڊاڪٽرن کيس سفر نه ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو جنهن ڪري هوءَ شهزادي هيري سان نه آئي ۽ آمريڪا ۾ ئي ترسيل آهي. شهزادو هيري هن وقت پنهنجي زال ميگهن ۽ پٽ آرچي سان مانٽيڪٽو ڪيليفورنيا ۾ ترسيل آهي، شاهي ذميدارين کان هٿ کڻڻ بعد هو گذريل سال آمريڪا هليو ويو هو.