خاص

شهزاد منگواڻو ڇهين سالگره جي موقعي تي ميگزين بابت تاثرات

همسري: همسري ٽيم سان ڪم ڪندي توهان جو تجربو ڪيئن رهيو؟

شهزاد منگواڻو: همسري ٽيم سان گڏ ڪم ڪرڻ ۾ تمام گهڻي خوشي محسوس ٿئي ٿي. هن ٽيم ۾ شامل ٿيڻ کان پهرين جڏهن اڃان آئون ٽيم جو حصو نه هئس تڏهن به مئگزين کي مارڪيٽ ۾ اسٽالن تي ڏسندو هئس ته منهنجي دل ۾ هڪڙي خواهش پيدا ٿيندا هئي ته ڪاش آئون به هن ٽيم جو حصو هجان ۽ پوءِ جڏهن مون کي هن ٽيم ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ته باقائدي مون محنت ڪري ڪم ڪيو ۽ منهنجي هميشه همت افزائي ڪئي وئي ۽ منهنجي ڪنهن به ڪم کي رد نه ڪيو ويو. هڪ لي آئوٽ ڊزائينر جي حيثيت سان واقعي مون کي نون آئيڊياز تي ڪم ڪندي مزو اچي رهيو آهي. اسان وٽ سنڌي مئگزينن ۾ گهڻو ڪري ڪور پيج جي ذريعي ڪو پيغام ڏيڻ جو رجحان نه آهي ۽ ڪيتريون ئي شيون گڏيل لڳائي ڇڏنيدا آهن، اسان وٽ همسري ۾ اهو رجحان ڪونهي. همسري جي ڪور پيج ذريعي هڪڙو پيغام پڙهندڙن تائين پهچايو ويندو آهي جيڪو وڏي معنيٰ رکي ٿو ۽ ان سان گڏ هڪڙي ننڍي ٽيگ لائين هوندي آهي اها تصوير ڏسي همسري جو پيغام پڙهندڙن تائين پهچي ويندو آهي ڇو جو ان جي پنهنجي هڪ طاقت هوندي آهي ۽ اها تصوير ڳالهائيندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن مون کي خود ائين لڳندو آهي ته توهان جو ڪور پيج سڄي مئگزين کي ليڊ ڪندو آهي. مون هميشه ڪور پيج ٺاهڻ ۾ تخيلقي انداز ۾ ڪم ڪندي ڏاڍو لطف ماڻيو آهي. ڇو جو هڪڙي وڏي ڳالهه کي هڪ تصوير جي ذريعي پڙهندڙن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ هڪ تخليقي عمل آهي.

همسري: اِي-مئگزين جي مستقبل کي ڪيئن ٿا ڏسو؟

شهزاد منگواڻو: اِي-مئگزين اسان جي لاءِ ته هڪڙو نئون خيال ۽ تصور آهي جيڪو شايد ڪورونا جي اچڻ کانپوءِ هتي عام ٿي رهيو آهي، پر سڄي دنيا ۾ خاص ڪري ترقي يافته ملڪن ۾ ڪيتريون ئي اخبارون ۽ ڪيترائي مئگزين آن لائين هليا ويا ۽ ان کي ڪيترائي سال ٿي چڪا آهن. ان جو هڪڙو فائدو اهو به آهي ته مئگزين ڊجيٽل هجڻ ڪري جنهن وٽ به ڪمپيوٽر ۽ سمارٽ فون آهي اهو ان تائين رسائي حاصل ڪري سگهي ٿو. پرنٽ ميڊيا جا گهڻائي فائدا آهن ته ان جا خفا به الاهي آهن سڀني کان وڏو نقصان ان جو اهو آهي ته توهان پني جو استعمال جڏهن ڪريو ٿا ته توهان ان وقت فطرت سان دشمني ڪري رهيا هوندا آهيو. ڇو جو توهان جو پنو وڻن مان ٺهي ٿو ۽ وڻ جڏهن ڪٽجن ٿا ته اسان جي ماحول کي شديد قسم جو نقصان پهچي ٿو ۽ ڊجيٽل ڪاپي ان نقصان کي روڪي ٿي ۽ توهان جا پڙهندڙ جيڪي هارڊ ڪاپي حاصل ڪري پڙهن ٿا ان کان به وڌيڪ ٿين ٿا ڇو جو اهو سڄي دنيا تائين پهچي وڃي ٿو. ڪجهه وقت پهرين بينڪن ۾ رسيد ڪڍڻ تي ڪي به پئسا نه لڳندا هئا، پر هاڻي رسيد تي به چارجز لڳايا ويا آهن ته جيئن پيپر جي استعمال کي ڪنٽرول ڪري گهٽائي سگهجي. مستقبل آن لائين اخبارن ۽ مئگزينن جو آهي ۽ اسان کي جيترو جلدي هن پاسي وڃي سگهون ٿا وڃڻ گهرجي. نه رڳو ايترو، پر ڪرنسي به ڊجيٽل ٿي رهي آهي جنهن ۾ ڪيترن ملڪن پنهنجي ڪرنسي کي اِي-ڪرنسي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي نوٽ نٿا هلن انهن جي جاءِ تي توهان آن لائين خريد و فروخت ڪري سگهو ٿا  ۽ اها ئي وقت جي تبديلي آهي ۽ وقت سان گڏ اسان کي نون لاڙن کي اختيار ڪرڻو پوندو.

همسري: توهان جو ڇا خيال آهي ته اسان جو سماج ان ڊجيٽل لاڙي کي قبول به ڪري پيو يا نه؟

شهزاد منگواڻو: هر نئين شيءِ کي قبول ڪرڻ لاءِ ٿورو وقت لڳندو آهي ۽ اسان وٽ به ظاهري ڳالهه آهي ڪنهن حد تائين ماڻهو ان طرف وڃي رهيا آهن ۽ ٻين کي قبول ڪرڻو پوندو، سکڻو پوندو، دنيا سان گڏ جيڪڏهن هلڻو آهي ته توهان کي اهي سڀ شيون اختيار ڪرڻيون پونديون. سمارٽ فون تقريبن هاڻي گهڻن ماڻهن وٽ آهي، بهتر آهي ته پاڻ ۾ آن لائين ريڊنگ جي عادت وجهو. هارڊ ڪاپي جي پرنٽنگ کان وٺي ڊسٽريبيوشن تمام مشڪل مرحلو آهي ۽ ان جي باوجود به توهان جي پهچ محدود ٿئي ٿي. ڊجيٽل ۾ توهان جيڪڏهن ڪا شيءِ پڙهڻ چاهيو ٿا ته توهان وٽ وقت ڪونهي ته توهان ان کي محفوظ ڪري رکي ڇڏيو ۽ فارغ وقت ۾ توهان ان کي پڙهي سگهو ٿا.

همسري: اسين پنهنجي ڪم کي اڃان به بهتر ڪري سگهون ٿا؟

شهزاد منگواڻو: منهنجي خيال ۾ ته همسري تمام سٺو ڪم ڪري رهيو آهي، پر ڪجهه تجويزون به ڏيڻ چاهيندس، پراڻن ليکڪن سان گڏ نون ليکڪن کي به موقعو ڏنو وڃي، پهرين همسري ۾ آرٽ جو پيج هوندو هو جيڪو اڄڪلهه شايع نه پيو ٿئي ان کي وري شروع ڪيو وڃي، هڪ حصو ٻارن جي لاءِ به رکو ته جيئن هر عمر جو ماڻهو ۽ مختلف ذوق رکندڙ ماڻهو پنهنجي پنهنجي شوق مطابق همسري مان پنهنجي مطلب جي ڪا نه ڪا شيءِ ڏسي ۽ پڙهي سگهن. جڏهن هڪڙو دفعو ڪنهن به ماڻهو کي پنهنجي مطلب جي شيءِ همسري ۾ نظر ايندي ته هو هر دفعي همسري کي کولي ضرور ڏسندو.

***