شوڪت شورو انٽرويو
تعارف: منهنجو جنم 04 جولاءِ 1947ع تي سجاول ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ حاجي نور محمد شورو، تعلقي سجاول (هاڻي ضلعو) ۾ ٿيو. چوٿين درجي تائين پرائمري تعليم مون پنهنجي ڳوٺ ۾ پرائي. پوءِ سجاول شهر جي چانڊيا هاءِ اسڪول ۾ ڇهين ڪلاس ۾ داخلا ورتم. 1964ع ۾ اتان ميٽرڪ ڪيم. انٽر ۽ بي اي سچل آرٽس ڪاليج مان ڪيم. سنڌ يونيورسٽي مان ايم. اي سنڌي ۾ ڪيم. اسين پاڻ ۾ پنج ڀائر ۽ ٻه ڀينرون آهيون. منهنجو ننڍو ڀاءُ مشتاق احمد شورو به ڪهاڻيڪار آهي هن سنڌي ڪهاڻي ۾ جديديت ۽ اسٽريم آف ڪانشيسنيس جو نئون رجحان متعارف ڪرايو. سڀني کان ننڍي ڀاءُ نذير احمد شوري به ڪهاڻيون لکيون. هن سي. ايس. ايس ڪئي، هن وقت انڪم ٽيڪس جو چيف ڪمشنر آهي. منهنجي ڏاڏي ۽ چاچي وٽ قصن ۽ ڪهاڻين جا ڪتاب جام هوندا هئا جن ۾ الف ليلىٰ، حاتم طائي، ممتاز دمساز، داستان امير حمزه جهڙا ڪتاب مون ننڍي هوندي پڙهيا. حيدرآباد مان ٻارن جو رسالو گلستان نڪرندو هو ان ۾ مون چٽڪا لکڻ شروع ڪيا. جڏهن هاءِ اسڪول ۾ آيس ان وقت اخبارن ۾ ادبي صفحا نڪرندا هئا. مون ڪهاڻين جا ترجما ڪري اخبارن ۾ موڪليا، مون پهرين ڪهاڻي “اکيون روئي پيون” 1964ع ۾ لکي جيڪا حميد سنڌي جي رسالي روح رهاڻ ۾ ڇپي. وري جڏهن ڳوٺان لڏي پهرين ڪوٽڙي پوءِ حيدرآباد آياسين گول بلڊنگ ۾ رسول بخش پليجي جي آفيس ۾ سنڌي ادبي سنگت جون ڪچهريون ٿينديون هيون ۽ وڏا توڙي مون جھڙا سيکڙاٽ اديب به اتي ايندا هئا. علي بابا کي به پهريون ڀيرو مون اتي ڏٺو. خبر پئي ته هن جو گھر ڪوٽڙي ۾ هو. ان کانپوءِ علي بابا سان دوستي ٿي وئي، گهڻو ڪري گڏ هوندا هئاسين. ٻئي بيروزگار، هوٽلن تي ويهي هڪٻئي کي ڪهاڻيون ٻڌائيندا هئاسين. ڪهاڻيون به ڇپجنديون رهيون. اڳي ريڊيو تي ترقي پسند اديبن تي بندش هوندي هئي ۽ اتي قدامت پسند اديبن منظور نقوي، عبدالحليم جوش جهڙن جو قبضو هوندو هو. پوءِ آغا سليم ۽ امر جليل ٻاهران کان امتحان ڏيئي ريڊيو تي اچي ويا. اهي اسان جي لڏي جا هئا، هنن جي آفيسن ۾ اچڻ وڃڻ ٿيندو هو، انهن مون کان ۽ علي بابا کان ڊراما لکرايا. منهنجي هڪڙي ڪهاڻي هئي “اڌ مڙهيل سوئيٽر” ان تي سڪندر بلوچ “خوشي ۽ غم” جي نالي سان ڊرامو ڪيو هو. ٻيو ڊرامو “بوءِ بهار جي” مراد علي مرزا ڪيو. تڏهن گھر جون مالي حالتون خراب هيون. مون شيخ اياز کي خط لکيو ته ڪا نوڪري وٺرائي ڏيو. جواب جي اميد ڪانه هئي، پر شيخ اياز مون کي ان خط جو جواب ڏنو ته مان فلاڻي تاريخ تي حيدرآباد جيRitz هوٽل ۾ اچي رهندس، اتي مون سان ملجانءِ. ان تاريخ تي ساڻس وڃي مليس، محمد ابراهيم جويو به ويٺل هو. ان کي چيائين، “ابراهيم، شوڪت کي نوڪري ڏيڻي آهي”. جويو صاحب چپ ويٺو هو، شيخ صاحب مون کي چيو ته سڀاڻي تون سنڌي ادبي بورڊ ۾ وڃجانءِ. ٻئي ڏينهن تي آئون ويس ۽ جويي صاحب مون کي آرڊر ڏنو. مون کي بُڪ اسٽال ۾ مقرر ڪيائين، پوءِ غلام رباني سيڪريٽري ٿيو ته هن مون کي گل ڦل رسالي جو ايڊيٽر ڪيو. 74-72ع تائين گل ڦل جو ايڊيٽر رهيس. 74 ۾ پي ٽي وي تي سنڌي پروگرامن جو وقت وڌايو ويو، روز ڪلاڪ جو ٽائيم ڏنو ويو، ان ۾ پروڊيوسرن ۽ اسسٽنٽ پروڊيوسرن جي ڀرتي جا اشتهار آيا، مون به درخواست ڏني. پروگرام مئنيجر عبدالڪريم بلوچ، جيڪو علي بابا جو مائٽ هو مون کي چيائين ته تون اديب ماڻهو آهين پروگرام جي بدران اسڪرپٽ ۾ اچ، توکي اسسٽنٽ پروڊيوسر اسڪرپٽ ٿا ڪيون. 76-74ع تائين اهو عرصو ڪراچي ۾ رهيس، 76ع ۾ شيخ اياز سنڌ يونيورسٽي جو وي. سي ٿي آيو. غلام رباني سندس پرووائيس چانسلر هو. مون شيخ صاحب کي سنڌ يونيورسٽي ۾ سنڌي جو ليڪچرر ڪري رکڻ لاءِ چيو. هن غلام رباني جي صلاح تي مون کي اسٽوڊنٽس ويلفيئر آفيسر مقرر ڪيو. اهو شاگرد سياست جي حساب سان تمام ڏکيو دور هو. اٺ سال ان پوسٽ تي رهيس. ان کانپوءِ پبلڪ رليشنس آفيسر، ڪنٽرولر آف اگزمئنيشن، ڊائريڪٽر (بيورو آف اسٽيگس) ۽ 2000ع ۾ سنڌ الاجي جو ڊائريڪٽر ٿي آيس، 2007ع ۾ رٽائر ٿيس، پر پوءِ مون کي ٻه سال ايڪسٽينشن ملي ۽ 2009ع تائين اتي رهيس. ان وچ ۾ ڪهاڻيون به لکندو رهيس، ڪهاڻين جا مجموعا ڇپجندا رهيا ۽ انڊيا جا سفر به ڪندو رهيس. اتي سنڌ جو بيسٽ رائيٽر ايوارڊ به مون کي مليل آهي. مون پي ٽي وي لاءِ به ڊراما لکيا. جن ۾ ڏهه کن سولو پلي ۽ چار ڊراما سيريل هئا. منهنجو پهريون ڊراما سيريل “ملڪيت” هو. پوءِ ڌاڙيلن جي پسمنظر ۾ “ڌٻڻ” لکيم. “باک” ڪوهستان ۾ تعليم جي پسمنظر ۾ لکيم جيڪو تمام گهڻو مشهور ٿيو. اردو ۾ ڪجھ سولو پلي به لکيم، چوٿون سيريل هو “سونيتي”. پي ٽي وي تي ڊرامن جو معيار تمام گهڻو اعليٰ هوندو هو. گهڻي محنت ڪئي ويندي هئي، ڊرامي جو رائيٽر به گڏ ويهندو هو، ٻه ٻه هفتا ريهرسل هلندي هئي. ٻوليءَ جو تمام گهڻو خيال رکيو ويندو هو. هاڻي پرائيويٽ چئنلن تي لو بجيٽ ۾ غير معياري ڪم ٿي رهيو آهي. خود پي ٽي وي به ختم ٿي وئي آهي.
منهنجين ڪهاڻين جو پهريون مجموعو “گونگي ڌرتي ٻوڙو آڪاس” 1982 ۾ شايع ٿيو. ان کانپوءِ ٻيو مجموعو “اکين ۾ ٽنگيل سپنا” 1984ع ۾ آيو. انڊيا ۾ منهنجو مجموعو “گم ٿيل پاڇو” 86ع ۾ ڇپيو. 2009ع ۾ منهنجي سڀني ڪهاڻين جو مجموعو سنڌي ادبي بورڊ مان شايع ٿيو “رات جو رنگ”. ان مجموعي جو هندي ۾ ترجمو “کوئي هوئي پرڇائي” ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي ڪيو ۽ دهلي مان ڇپيو آهي. چونڊ ڪهاڻين جو انگريزي ۾ ترجمو رام درياني ڪيو آهي جيڪو پڻ دهلي جي پبلشر ڇاپيو آهي.
سوال: توهان جي نظر ۾ ڪهاڻي ۽ افساني ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
جواب: مون کي ته ڪهاڻي ۽ افساني ۾ ڪو گهڻو فرق نظر نٿو اچي. منهنجو خيال آهي ته ڪهاڻي يا افسانو ساڳي ڳالهه آهي. ڪهاڻي، آکاڻي اسان جا لفظ آهن. افسانو فارسي جو لفظ آهي. اسان وٽ شروع ۾ لوڪ ڪهاڻيون هونديون هيون، ديون ۽ پرين جون، شهزادن ۽ شهزادين جون، پر شارٽ اسٽوري جي ٽيڪنيڪ الڳ آهي، هن ۾ شروعات، وچ ۽ پڇاڙي وارا عنصر هوندا آهن. ان ۾ ڪردار نگاري ڪيئن هجڻ گهرجي، ڪهاڻي شروع ڪيئن ٿئي ۽ ان جو ڪلائيميڪس ڪيئن ٿئي، شارٽ اسٽوري ۾ اهي بنيادي ڳالهيون آهن ۽ اهي اسان وٽ يورپ ۽ آمريڪا مان آيون. جڏهن 1853ع ۾ انگريزن سنڌي صورتخطي ٺاهي ته پوءِ ڪتابن جا ترجما ٿيڻ شروع ٿيا، جنهن ۾ يورپ ۽ آمريڪا جي وڏن وڏن ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون ترجمو ٿيڻ لڳيون. پهرين سنڌي ڪهاڻي جيڪا سنڌي ۾ 1914 لکي وئي اها هئي لالچند امر ڏني مل جڳتياڻي جي“حُر مَکيءَ جا”، جيڪا حُر تحريڪ جي پسمنظر ۾ لکي وئي هئي، پر ان ۾ ڪهاڻي جو ڏانءُ ۽ ڪردار نگاري شارٽ اسٽوري جي ٽيڪنڪ ۾ آهي. اسان 2014ع ۾ سنڌي ڪهاڻي جا 100 سال ملهايا هئا ۽ مون هڪ مجموعو به ترتيب ڏنو هو “سئو سالن جون چونڊ ڪهاڻيون”، جنهن جو پهريون جلد سنڌ الاجي وارن ڇپرايو آهي.
سوال: ڇا ڪهاڻي لکڻ جو ڏانءُ سکي سگهجي ٿو يا اها ڏات آهي؟
جواب: آئون توهان کي پنهنجي حوالي سان ٻڌايان ته ننڍي هوندي کان منهنجي ماءُ ۽ ڏاڏي مون کي رات جو سمهڻ کان پهرين ڪهاڻي ٻڌائينديون هيون ۽ آئون بنا ڪهاڻي ٻڌڻ جي نه سمهندو هئس. ٻڌڻ کانپوءِ ڪهاڻي پڙهڻ جو دور شروع ٿيو، پڙهڻ کانپوءِ لکڻ وارو مرحلو شروع ٿيو. هڪ ته اها ننڍي هوندي کان عادت پوي ٿي ۽ ٻيو ماڻهو جو قدرتي لاڙو به ٿئي ٿو. ڪنهن ماڻهو جو لاڙو شاعري، ڪنهن جو نثر ۽ ڪنهن جو ڪهاڻي ڏانهن ٿئي ٿو، پر ڏات سان گڏ ڏانءُ به هجڻ گهرجي. ڪهاڻيڪار ته الائي ڪيترا پيا لکن، پر هڪڙي ماڻهو کي لکڻ جو ڏانءُ ڪونهي ته هن جي ڪهاڻي پڙهندڙ کي متاثر نٿي ڪري سگهي.
سوال: هن وقت سنڌي ادب ۾ مرد يا عورت ڪهاڻيڪارن ۾ ڪي اهڙا نالا جيڪي توهان سمجهو ته اهي مستقبل جا وڏا نالا بڻجي سگهن ٿا.
جواب: هن وقت ڪجهه ڪهاڻيڪار آهن جيڪي تمام سٺو لکي رهيا آهن انهن ۾ رسول ميمڻ، ضراب حيدر، امر لغاري، طارق قريشي، منور سراج، ابراهيم کرل، محمد صديق منگيو، شبنم گل، نصير ڪنڀر، انور ڪاڪا، راجن مڱريو ۽ ٻيا به گهڻائي نالا آهن جيڪي هن وقت ذهن تي نه به اچي رهيا هجن، باقي عورت ليکڪائن ۾ مون کي ڪو گهڻو ٽئلنٽ نظر نٿو اچي جيڪو خيرالنساءِ جعفري يا نورالهديٰ شاهه يا تنوير جوڻيجو ۾ هو. اهي اڃا ان سطح تي ڪونه آيون آهن جن کي چئجي ته اهي پڪيون ڪهاڻيڪار آهن يا انهن کي مڃتا ملي سگهي. خبر ناهي ته ان جا سبب ڪهڙا آهن يا ته پڙهن گهٽ ٿيون.
سوال: هڪ دور هو ايوب ۽ يحيٰ جي مارشل لا وارو، ليکڪ تي سياسي ۽ سماجي حالتون ڪيئن اثر انداز ٿين ٿيون جيئن اسان جي ملڪ ۾ ڪڏهن مارشل لا ته ڪڏهن جمهوريت ۽ ڪڏهن ميڊيا تي پابندي، اهي سڀ شيون ليکڪ جي لکڻين تي به اثر انداز ٿين ٿيون يا نه؟
جواب: 1958ع ۾ جيڪو مارشل لا لڳو شروع ۾ ته ماڻهن کي خبر ئي ڪانه پئي ته هي ڇا ٿيو آهي، پر ان وقت ۾ جيڪا وڏي مصيبت سنڌ سان هئي اها هئي ون يونٽ، ون يونٽ ته اڳ ۾ ٺهي چڪو هو ۽ ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته ون يونٽ کي بچائڻ لاءِ مارشل لا هنيو ويو هو، پر ماڻهن ۾ اڃا ايتري سياسي سجاڳي ڪونه آئي هئي. جي ايم سيد ۽ حيدر بخش جتوئي وارن ته پنهنجي جاءِ تي ڪوشش ڪئي پئي، پر ون يونٽ جي خلاف جيڪا زوردار تحريڪ هلي سا چوٿين مارچ 1967 واري واقعي کانپوءِ شروع ٿي. باقي سنڌي ٻولي کي بچائڻ توڙي ون يونٽ جي خلاف تحريڪ ۾ اديب به اڳ ۾ شامل هئا. روح رهاڻ رسالي ۾ قومپرستي واريون ڪهاڻيون ڇپجنديون هيون. اسان به ان تحريڪ ۾ شامل هئاسين. شيخ اياز، رشيد ڀٽي جيلن ۾ پيا. اهو ته ٿيو ايوب ۽ يحيٰ جي دور جي مارشل لا جو واقعو. پهرين جولاءِ 1970ع ۾ يحيٰ جي دور ۾ ون يونٽ ٽُٽو، پوءِ ڀٽي صاحب جو دور آيو ان ۾ سنڌي ڪتابن ۽ رسالن تي بندش پئجي وئي. جمهوري دور ۾ سنڌي ڪتابن ۽ رسالن سان اها جٺ ٿي، سهڻي، روح رهاڻ، اڳتي قدم، سوجهرو اهي سڀ ڀٽي صاحب جي وقت ۾ بند ٿيا. پوءِ مارشل لا جي دور ۽ جمهوري دور ۾ فرق ڪهڙو رهيو. اديب ۽ شاعر طارق اشرف ۽ ابراهيم منشي جيل ۾ پيا، اهي جمهوري دور جا واقعا آهن. تنهن کانپوءِ ضياءُالحق واري آمريت بدترين آمريت هئي ان دور ۾ آمريت خلاف لکڻ تي پابندي هئي، پر مون کي ان دور ۾ ڪابه اهڙي ادبي تحريڪ نظر نٿي اچي. ضياءُ الحق جي دور ۾ ايم آر ڊي جي تحريڪ تمام زورن تي هلي، مزاحمتي ادب به لکيو ويو، پر ان ۾ اديب جو ڪو خاص ڪردار نظر نٿو اچي.
سوال: اڌ صديءَ کان وڌيڪ توهان پنهنجي شعوري زندگي گذاري آهي ماضي ۾ ايوب ۽ يحيٰ وارا دور به هئا توهان سنڌ جي ماضي جي حالتن سان حال کي ڪيئن ڀيٽيندا؟
جواب: سنڌ جي ماڻهوءَ ان وقت به لوڙهيو پئي اڄ به لوڙهي پيو، پر اڳي سنڌي ماڻهوءَ ۾ مزاحمت هئي هاڻي مزاحمت نظر نٿي اچي. ون يونٽ ٽٽڻ کانپوءِ اسان جا ڪجهه خواب هئا ته سنڌ جي هڪ جدا حيثيت ٿيندي ۽ سنڌي ماڻهن جي حڪومت ٿيندي، پر ان تي وڏيرڪو ڪلاس حاوي ٿي ويو ۽ سياستدان به ان ڪلاس مان ئي اچي ويا ۽ وڏيري کي پنهنجي ذاتي مفادن کانسواءِ سنڌ سان ڪا دلچسپي نظر نٿي اچي ۽ هن وقت تائين اهو ڪلاس سنڌ جي سياست تي ڇانيل آهي، پر آهن سنڌي، پيپلز پارٽي ۾ اهي سڀ ماڻهو چونڊجي اچن ٿا ۽ پوءِ ماڻهو ڪيئن چون ته اها پارٽي سنڌ جي خلاف آهي! قومپرست سياستدانن جي حالت اسان کي خبر آهي ته ڇا آهي قومپرستي هاڻي وڃي نالي جي رهي آهي ڀتا خوري ۽ قبضا قومپرستي جي نالي تي ئي ٿي رهيا آهن.
سوال: هن وقت سنڌ ڏکئي دور مان گذري رهي آهي ۽ اسان وٽ سنڌي ادبي سنگت جو هڪ وڏو فورم موجود آهي، پر اتان مزاحمتي ادب سرجندي نظر نٿو اچي.
جواب: سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ تمام شاندار رهي آهي ان ون يونٽ جي خلاف ۽ سنڌي ٻولي کي بچائڻ لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو، پر پوءِ آهستي آهستي گروهه بندي ٿيندي وئي ۽ ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته هاڻي سنڌي ادبي سنگت ٻن گروهن ۾ ورهائجي وئي آهي ۽ اهو هڪ الميو آهي ته سنڌي اديبن جي ايڏي وڏي تنظيم ايئن تباهه ۽ برباد ٿي وڃي، پنهنجي ذاتي انائن، ذاتي جهيڙن ۽ مفادن جي ور چڙهي وڃي. هاڻي اها اميد رکڻ ته سنڌي ادبي سنگت ڪو وڏو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي اجائي آهي. سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو وٺرائڻ لاءِ سنڌي ادبي سنگت ڪامياب تحريڪ ڪونه هلائي سگهي. سنڌي اديب ڪڏهن ڪڏهن انفرادي طور تي لکي ٿو وٺي، پر ادب ۾ مزاحمت هن وقت نظر نٿي اچي.
سوال: توهان پنهنجون ابتدائي ڪهاڻيون ترقي پسند تحريڪ جي اثر هيٺ لکيون هيون، پر پوءِ توهان طبقاتي سماج وارن موضوعن کي ڇڏي سنڌ دوستي وارن موضوعن کي ترجيح ڏني. سوچ جي انهيءَ تبديليءَ جو سبب ڪهڙو هو؟
جواب: اصل ۾ مون کي لکڻ جي سکيا سنڌي ادبي سنگت وسيلي ملي. سنگت بنيادي طور ترقي پسند تحريڪ سان واسطو رکندڙ هئي. منهنجو ڪجھ ڪميونسٽ دوستن سان به تعلق هو. هڪ نظرياتي ليکڪ جي حيثيت سان منهنجي لاءِ طبقاتي اڻ برابري اهم موضوع هو. جڏهن سنڌ جي سڃاڻپ بحال ڪرڻ لاءِ ون يونٽ جي خلاف تحريڪ هلي ته ڪميونسٽن پاران ان کان لاتعلقي ظاهر ڪئي وئي، ڇو ته هنن جي نظر ۾ ان جو طبقاتي جدوجھد سان واسطو ڪونه هو. ان ڳالھ تي اختلاف وڌي ويو جو ان وقت اسان لاءِ سنڌ کان مٿي ڪجھ نه هو. مون ۽ ٻين ليکڪ دوستن قوم پرستي واريون ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون.
سوال: پنهنجي ڪتاب “اکين ۾ ٽنگيل سپنا” جي مهاڳ ۾ اوهان پنهنجي مشهور ڪهاڻي “سمنڊ ۽ هڪ اڪيلو روح” جي علامتن کي کولي ٻڌايو آهي. ڇا ڪنهن ليکڪ کي تخليقي علامتن جي وضاحت پاڻ ڪرڻ کپي؟ ڇو ته ليکڪ جي وضاحت کانپوءِ بحث جا دروازا بند ٿي وڃن ٿا.
جواب: صحيح ٿا چئو. ليکڪ کي پنهنجي تخليقي علامتن جي وضاحت نه ڪرڻ کپي. پڙهندڙن کي آزادي هجڻ کپي ته هو علامتن کي ڪيئن سمجھن ۽ پروڙين ٿا. منهنجي وضاحت جو ان وقت هڪ پسمنظر هو. اسان جڏهن جديد ڪهاڻيون لکيون ته ٻوليءَ کي بگاڙڻ، نااميدي پکيڙڻ، بي معنىٰ علامتن وسيلي پڙهندڙن کي منجھائڻ جھڙا الزام لڳايا ويا. ان ڪري مھاڳ ۾ وضاحت لکڻي پئي، جيڪا لکڻ نه کپندي هئي.
سوال: اوهان جي ڪيترين ڪهاڻين جا ڪردار خود رحمي ۽ بيوسي جي ڪيفتن ۾ مبتلا نظر اچن ٿا. ڇا اهڙا ڪردار پڙهندڙ جي ذهنن ۾ تي مايوسي جا اثر نٿا ڇڏين؟
جواب: منهنجي خيال ۾ ڪوبه تخليقڪار پڙهندڙن جي پسند، ناپسند يا اثرن کي ذهن ۾ رکي تخليق ناهي ڪندو. هو پنهنجي اندر جو اظهار ڪندو آهي. پوءِ پڙهندڙ ڪهڙو اثر ٿا قبولين سو هنن تي ڇڏيل آهي. ها، البته ڪن تخليقڪارن تبديلي يا انقلاب آڻڻ جا خواب پنهنجي شاعري يا ڪهاڻين ۽ ناولن وسيلي پيش ڪيا. مثال طور وڏيرا شاهي، پير پرستي جي خلاف اسان وٽ ايتري ساري شاعري ۽ ڪهاڻيون لکيون ويون آهن جو هيستائين انقلاب اچڻ کپندو هو، پر سنڌ ۾ اڃا تائين وڏيرن، رئيسن، پيرن ۽ شاهن جو دٻدٻو ۽ طاقت قائم آهي. جيستائين منهنجين ڪهاڻين جي ڪردارن ۾ خود رحمي ۽ بيوسي جي ڪيفيت جو تعلق آهي ته اسان جي ٽهي انهن حالتن مان گذري هئي. ون يونٽ ٽٽڻ کانپوءِ جي سنڌ جا اسان جيڪي خواب ڏٺا هئا سي ڀڄي ڀورا ٿي پيا هئا. سنڌ تي وڏيرا شاهي جو قبضو ٿي ويو. ڪراچي ۽ حيدرآباد جھڙن وڏن شهرن ۾ سنڌي نوجوان ويڳاڻا، وائڙا، بيروزگار ۽ دربدر هئا. اهڙين حالتن ۾ اهڙا ئي ڪردار تخليق ٿيندا آهن.
سوال: ڪجھ عرصي کان سنڌي ۾ فلئش ڪهاڻي مقبوليت ماڻي آهي. اوهان پاڻ به ڪجھ فلئش ڪهاڻيون لکيون آهن. فلئش ڪهاڻي کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟
جواب: فلئش ڪهاڻي جا نمونا ته تاريخ کان به پراڻي دور ۾ ملن ٿا. ان نموني جون ڪهاڻيون 500 سال قبل مسيح جي ڪتاب “ايسپ جون آکاڻيون” ۾ به موجود آهن. سنسڪرت جي ڪتاب “پنچتنتر” ، گوتم ٻڌ جي دور جون جاتڪ ڪهاڻيون، سعدي شيرازي جي ڪتاب “گلستان سعدي” ۾ اهڙي نموني جون ننڍڙيون ڪهاڻيون آهن. 19 صدي ڌاري آمريڪا ۾ والٽ وٽمئن، پوءِ سامرسيٽ ماهم توڙي هيمنگوي فلئش ڪهاڻيون لکيون. سنڌي ۾ فلئش ڪهاڻي ڪجھ سالن کان لکجڻ شروع ٿي آهي، پر اها ڪهاڻي جي جاءِ والاري نه سگھي آهي. ادب ۾ ڪهاڻي جي صنف وڌيڪ ڀرپور ۽ جاندار آهي.
سوال: اڳي لکڻ پڙهڻ جي حساب سان اسان وٽ محدود ذريعا اخبارون، رسالا ۽ پوءِ اليڪٽرانڪ ميڊيا هئا، پر هاڻي سوشل ميڊيا ماڻهن کي هڪ نئون پليٽ فارم مهيا ڪيو آهي، پر اتي به مزاحمت نظر نه پئي اچي. ان جو ڇا سبب آهي؟
جواب: اسان وٽ سوشل ميڊيا جو استعمال غلط ٿي رهيو آهي. فيس بڪ ڏسو گھڻو زور شخصي طور تي پنهنجو پاڻ کي اڳيان آڻي نروار ڪرڻ ئي آهي. جيڪي ماڻهو پسند ناهن انهن جا پٽڪا لاهڻ، جن ماڻهن سان توهان جو ٺاهه ناهي انهن جي خلاف سازشون سٽڻ اهم ڪم آهن. هن دور ۾ سوشل ميڊيا هڪ وڏي طاقت آهي ان کي صحيح نموني سان استعمال ڪجي. فيس بڪ تي مون کي اهڙي ڪابه شيءِ نظر نٿي اچي ته ان تي سنڌ جي حقيقي مسئلن تي ڪو لکيو پيو وڃي يا ڪي اهڙا گروپ هجن جيڪي سنڌ سان ٿيندڙ بنيادي بيواجبين ۽ ڏاڍاين تي پنهنجو آواز اٿارين.
سوال: جن موجوده حالتن کي سنڌ منهن ڏيئي رهي آهي انهن کي ڪيئن تبديل ڪجي ۽ اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟
جواب: هر ملڪ ۽ خطي جون پنهنجون پنهنجون حالتون رهيون آهن سنڌ جي حالتن کي ڪنهن سان ڀيٽي ته نٿو سگهجي، ڪيترا ملڪ اهڙين حالتن ۾ تباهه به ٿي ويا. هينئر تازو ئي جيڪو عرب اسپرنگ آيو ان ۾ لبيا، شام ۽ مصر تباهه ٿي ويا ۽ اهي ملڪ وري ڪڏهن ٺهندا ڪا خبر ڪانهي. سنڌ جون سياسي حالتون ايتري حد تائين خراب ڪونه آهن. هن وقت سنڌ ۾ پاڻي تمام وڏو مسئلو آهي. ان کان علاوه وڏن شهرن ۾ سنڌي ماڻهن جي اڪثريت ڪونهي اتي ايم ڪيو ايم مائينڊ سيٽ جي ڪوشش اها آهي ته سنڌي ڪراچي ۾ ڄمي ويهي نه سگهن. ان کان علاوه پٺاڻ فيڪٽر به اچي ويو آهي. سنڌ تعليم جي ميدان ۾ تمام پٺتي هلي وئي آهي، ڳوٺن جا اسڪول تباهه ٿي چڪا آهن. تعليم ۾ سڌارو نظر نه پيو اچي. ان ۾ اسان جو پنهنجو به ڏوهه آهي ان کي ٻاهرين اچي خراب ڪونه ڪيو آهي. پورو هڪ نسل خراب ٿي رهيو آهي.
سوال: ڇا سنڌي اديب هن وقت حالتن مطابق لکي رهيو آهي؟
جواب: گھڻي حد تائين نه، اديب کي پنهنجو پاڻ تائين محدود نه رهڻ کپي پنهنجي آسپاس ڏسڻ کپيس ته ڇا ٿي رهيو آهي. سماج ڪهڙي پاسي پيو وڃي، سياسي حالتون ڪٿي بيٺل آهن، انهن سڀني تي نظر رکڻ کپي.
سوال: تنقيد ادب جي واڌ ۽ ويجهه ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندي آهي، پر سنڌ ۾ تمام وڏا نقاد پيدا نه ٿي سگهيا آهن ۽ تنقيد کي برداشت به نٿو ڪيو وڃي. ان جا ڪهڙا سبب آهن؟
جواب: توهان ته چئو ٿا ڪو وڏو نقاد، پر آئون چوان ٿو ڪو ننڍو نقاد به پيدا نه ٿي سگهيو آهي. سنڌي ادب ۾ تنقيد آهي ئي ڪونه. ان جا سبب ڪيترائي ٿي سگهن ٿا. هتي اسان وٽ هرڪو تنقيد ڪرڻ کان پهرين اهو سوچي ٿو ته اسان جا تعلقات خراب ٿي ويندا جيڪا سطحي سوچ آهي ۽ ادب کي ان سان تمام وڏو نقصان ٿي رهيو آهي. تنقيد ادب کي سگھارو بڻائيندي آهي، تنقيد صرف خامين کي ڏيکارڻ نه، پر خوبين کي به ڏيکارڻ جو نالو آهي نه ته انهن جي خبر اسان کي ڪيئن پوندي. مثال طور: جيڪڏهن ڪا تمام سٺي ڪهاڻي اچي وئي آهي ۽ نقاد ان جو تنقيدي جائزو نٿو وٺي ۽ ان جون خوبيون اڳيان نٿو آڻي اوستائين اها ڪهاڻيunnoticed ٿي رهجي ٿي وڃي، پوءِ ڀلي اها شاهڪار ڪهاڻي هجي. اهو سنڌي ادب جو تمام وڏو الميو آهي. هڪ ٻيو سبب اهو به آهي ته نقاد کي تمام گهڻو پڙهڻو ٿو پوي ۽ اسان وٽ پڙهڻ جو رجحان گهٽ آهي. نقاد لاءِ ضروري آهي ته اهو بين الاقوامي ادب پڙهندو رهي. ان کانسواءِ توهان اهو اندازو نٿا لڳائي سگهو ته دنيا ۾ ڇا لکجي رهيو آهي ۽ ادب ڪٿي بيٺو آهي. رڳو ادب نه، پر ادب سان لاڳاپيل ٻيون شاخون جيئن فلسفو، نفسيات ۽ سماجي علمن جي ڄاڻ هجڻ کپي. وسيع مطالعي کانسواءِ نقاد نٿو بڻجي سگھجي.
سوال: اسان جي دانشورن ۽ اديبن تي هڪڙو الزام آهي ته اهي پنهنجن ذاتي مفادن جي ڪري قومي مفاد قربان ٿا ڪري ڇڏين ان ۾ ڪيترو سچ آهي؟ ڪجهه ليکڪن اهڙا ڊراما لکيا جنهن سان سنڌ جي ثقافتي چهري کي مسخ ڪري ڏيکاريو ويو.
جواب: انفرادي طور تي ڪنهن ايئن ڪيو هجي ته ڪيو هوندو، پر اجتماعي طور تي ته ايئن نٿو چئي سگهجي. باقي ڊراما لکڻ واري ڳالهه جي باري ۾ ته نورالهديٰ شاهه به هڪ ڪالم ڪاوش ۾ لکيو هو جنهن ۾ هن مڃيو هو ته اسان کي اها لائين ڏيئي لکرايو ويو هو. ايم آر ڊي جي تحريڪ کانپوءِ سنڌ ۾ جيڪو ڌاڙيل فيڪٽر پيدا ٿيو هو، ان کي کڻي سنڌي ماڻهن کي ڪيئن خوار ۽ خراب ڪجي. جنهن سان انهن ليکڪن کي ته تمام وڏي شهرت ملي ۽ وڏا ڊراما نگار ٿي ويا، پر ملڪ ۾ اهو تاثر عام ٿي ويو ته سنڌي ماڻهو آهن ئي ڏوهاري ۽ جرائم پيشه ۽ انهن جي وچ ۾ پڙهيل لکيل ۽ سلجهيل ماڻهو آهن ئي ڪونه. اهڙن ليکڪن کي ضياءُ الحق پنهنجي محل ۾ سڏرائي صدارتي ايوارڊ ڏنا ۽ انهن جي پذيرائي ڪئي وئي.
سوال: سنڌي ڪتاب ۽ رسالا خريد ڪري پڙهڻ جو رجحان گهٽ آهي جنهن جي ڪري ليکڪ کي ڪو مالي فائدو نٿو ملي جنهن جو نقصان اهو ٿي رهيو آهي جو اعليٰ سطح جو ادب پيدا نه ٿي رهيو آهي.
جواب: پبلشر وٽ ڪو ڪهاڻين يا شاعري جو مجموعو کڻي ٿو وڃي ته هن کان ڇپائي جو خرچ گهرن ٿا يا وري ان سان اها رعايت ڪئي ٿي وڃي ته چاليهه سيڪڙو خرچ ليکڪ ڀري ۽ سٺ سيڪڙو پبلشر. ڪتاب جڏهن ڇپجي اچي ٿو ته ان مان ٽيهه/پنجٽيهه ڪاپيون ليکڪ کي ڏين ٿا جيڪي هو پنهنجن دوستن کي ورهائي ڏئي ٿو، گهڻو ڪري ته ليکڪ کي اها به خبر ڪونه هوندي آهي ته ڪاپين جو ڪيترو تعداد ڇپيو آهي. اهو ليکڪ جو استحصال آهي. طارق عالم ابڙو جو ناول “رهجي ويل منظر” جا پندرهن/سورهن ڇاپا مختلف پبلشرن ڇاپيا آهن، پر ان جي وارثن کي ان مان هڪ ٽڪو به نه طارق کي مليو، نه ان جي وارثن کي. هي جيڪي وڏا وڏا شاهوڪار پبلشر ٿيا آهن اهي ڇا مان ٿيا آهن. هن وقت ڪتاب لکجي پيو، ڇپجي پيو، وڪامجي پيو ۽ خريد به ٿئي پيو، پر ليکڪ کي رائلٽي نٿي ملي.
سوال: عبدالقادر جوڻيجو هڪ دفعو چيو هو ته سنڌي ڪهاڻي مري چڪي آهي، ڇا اها ڪهاڻي زنده ٿي آهي يا نه؟
جواب: ان وقت هڪڙو واقعو ٿيو هو تازو ئي نسيم کرل کي گولي لڳي هئي، اهو هڪڙو جذباتي قسم جو رد عمل هو. ڪنهن هڪ ڪهاڻيڪار جي مرڻ سان ڪهاڻي مري نٿي سگهي. ان کانپوءِ به ڪهاڻيون لکيون ويون ۽ لکجن پيون. منهنجي خيال ۾ ته ڪهاڻي مئي ڪونه هئي جو زنده ٿئي اها ان وقت ۾ به زنده هئي ۽ اڄ به زنده آهي.
سوال: سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه لاءِ جيڪي سنڌ حڪومت قدم کنيا آهن ڇا توهان ان مان مطمئن آهيو ته اهي صحيح رخ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن؟
جواب: جيستائين ٻوليءَ جي ڳالهه آهي جيترو ڪم ٿيڻ گهرجي اوترو ڪم نه ٿيو آهي. آئون سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جو ميمبر به آهيان ۽ اسان اتي تمام گهڻي ويڙهه کاڌي آهي ۽ چاهيون ٿا ته اداري اندر جيڪي مسئلا آهن اهي حل ٿين ته جيئن ادارو اڳتي وڌي ۽ ڪم ڪري، پر جي اداري اندر انتظامي خرابيون دور نه ٿيون ته اهو ڪيئن ڪم ڪري سگهندو. اداري کي ٻوليءَ جي لاءِ جيترو ڪم ڪرڻ کپندو هو اوترو ته ڪم ٿيو ئي ڪونهي. سنڌيانا جي نالي سان انسائيڪلو پيڊيا شايع ڪئي اٿن ان ۾ بيشمار غلطيون آهن. داخلائون غلط ۽ اجايون سجايون آهن جن جو سنڌ سان ڪو واسطو ڪونهي هاڻي ماڌوري يا شاهه رخ جو سنڌ سان ڪهڙو واسطو، اهڙا ڪيئي قصا آهن. سنڌي لئنگويج اٿارٽي جهڙو ادارو جيڪڏهن اهڙا ڪم ڪري ته پوءِ ٻين کي ڇا چئجي.
سوال: سنڌي لئنگويج اٿارٽي جو بنيادي ڪم ڪهڙو آهي ڇا اهو ڪم ٿي رهيو آهي يا نه؟
جواب: بنيادي ڪم سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۽ انگلش ميڊيم اسڪولن ۾ ٻارن کي سنڌي به کي پڙهائجي ۽ ميڊيا جنهن ۾ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ٻئي شامل آهن انهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو صحيح استعمال ٿئي، ٻولي غلطين کان پاڪ هجي. سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق ٿئي، موهن جي دڙي جي اسڪرپٽ کي ڊي ڪوڊ ڪيو وڃي ته اهو ڇا آهي، اهي مقصد پوري طرح حل ٿي نه سگهيا آهن. انگلش ميڊيم اسڪولن کي سنڌي پڙهائڻ لاءِ سنڌي لئنگويج اٿارٽي وارا صرف هڪڙو خط لکي ڇڏيندا آهن ته توهان وٽ سنڌي نٿي پڙهائي وڃي سنڌي پڙهايو. اهو خط پرنسپال ڦٽي ڪري ڇڏيندو آهي. سنڌ حڪومت هڪ وڏي غلطي اها ڪئي ته ان کي تعليم کاتي سان منسلڪ نه ڪيو. سمجهه ۾ نٿو اچي ته ان کي ثقافت کاتي سان ڇو ڳنڍيو ويو. سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪم ڪرڻو آهي ته توهان تعليم کاتي سان گڏجي ئي ڪم ڪري سگهو ٿا. ان سان تعليم کاتي جا قائدا ۽ قانون ۽ انهن جي اٿارٽي استعمال ٿئي ها.
سوال: سنڌي لئنگويج اٿارٽي يا ثقافت کاتي طرفان لکيڪن کي ايوارڊ ڏنا ٿا وڃن، ڇا توهان ان مان مطمئن آيو ته اهي ايوارڊ صحيح ليکڪن کي ملن ٿا.
جواب: ايوارڊن جي باري ۾ اداري جي طرفان ڪابه اهڙي هدايت نه هوندي آهي ته ڪنهن کي ايوارڊ ڏجي يا ڪنهن کي نه ڏجي. ايئن ٿيندو آهي ته اداري جي طرف کان جيڪي جج مقرر ٿين ٿا ماڻهو ڪوشش ڪري انهن جا نالا معلوم ڪري وٺن ٿا پوءِ اهي ليکڪ انهن ججن تائين پهچڻ جي ڪوشش به ڪن ٿا. هن دفعي ته ايتري حد تائين خيال رکيو ويو جو هڪ جج کي ٻئي جج جي نالي جي به خبر ڪونه هئي.
سوال: اوهان جي ڪهاڻين ۾ حقيقت نگاري سان گڏ علامت نگاري به ملي ٿي. اوهان جي نظر ۾ پڙهندڙ تي سماجي حقيقت نگاري واري ڪهاڻي وڌيڪ اثرانداز ٿئي ٿي يا علامت نگاري؟
جواب: ظاهر آهي حقيقت نگاري واري ڪهاڻي پڙهندڙ لاءِ سمجھڻ ۾ سولي آهي، پر علامتون ۽ استعارا به ادبي اظهار جا طريقا ۽ خوبيون آهن. جڏهن ڪا ڪهاڻي ذهن ۾ اچي ٿي ته اها هيئت ۽ ٽيڪنڪ به پاڻ سان گڏ کڻي اچي ٿي. منهنجين ڪهاڻين ۾ جيڪا علامت نگاري آهي اها ٽيڪنڪ سان گڏ آئي آهي. جيڪڏهن آئون انهن ڪهاڻين کي زوريءَ حقيقت نگاري تحت لکان ها ته اهي لکجي نه سگھجن ها. جيستائين پڙهندڙن جو تعلق آهي، جن دنيا جو ادب پڙهيو هوندو، انهن جي لاءِ علامت نگاري مشڪل نه هجڻ کپي.
سوال: اوهان هڪ هنڌ لکيو آهي ته ڀارت ۾ جديد سنڌي ڪهاڻي اڳ ۾ لکجڻ شروع ٿي ۽ سنڌ ۾ پوءِ. انهيءَ جا ڪهڙا سبب هئا؟
جواب: ڀارت جي سنڌي ادب ۾ جديديت 60 جي ڏهاڪي ۾ آئي. هي اهو دور هو جڏهن سنڌ ۾ سنڌ جو نالو وٺڻ ڏوھ هو. سنڌ جي شاعرن ۽ ڪهاڻيڪارن ان پابنديءَ کي ٽوڙي سنڌي قوم پرستي جي موضوعن تي لکڻ شروع ڪيو. ون يونٽ جي خلاف جيڪا تحريڪ هلي سنڌ جي ليکڪن جو سڄو ڌيان ان طرف هو. سنڌ ۾ فقط مشتاق شورو اهڙو ڪهاڻيڪار اڀري آيو جنهن 67 ڌاري جديديت جي لاڙي هيٺ لکڻ شروع ڪيو. ون يونٽ ٽٽڻ بعد منير احمد پوءِ “ماڻڪ” جي نالي سان، مون، علي بابا، بعد ۾ مدد علي سنڌي، طارق عالم، اخلاق انصاري ۽ ٻين جديديت جي لاڙي کي اختيار ڪيو.
سوال: سنڌ سان گڏ هند ۾ به سنڌي ادب سرجي رهيو آهي، پر هند ۾ هاڻي سنڌي ادب جي صورتحال اڳ جھڙي ناهي رهي. ڇا هند ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جو مستقبل آهي؟
جواب: ڀارت ۾ ٻارن کي سنڌي نٿي پڙهائي وڃي. سنڌي اسڪول بند ٿي چڪا آهن. سنڌي ۾ پڙهڻ لکڻ ته پري جي ڳالھ آهي، گھڻن گھرن ۾ سنڌي ڳالهائي ڪانه ٿي وڃي. سنڌي ادب جا پڙهندڙ آهن ئي ڪونه. اڳئين نسل جا ڪجھ اديب شاعر جيڪي زنده سلامت آهن سي لکن به پاڻ ته پڙهن به پاڻ. خود هنن کي سنڌي ٻولي ۽ ادب جو مستقبل نظر ڪونه ٿو اچي.
سوال: سنڌي سماج جي اجتماعي ڪمزوري ڪهڙي رويي کي ٿا سمجهو ۽ سنڌي سماج جي اجتماعي طاقت ڪهڙي آهي؟
جواب: ڪا هڪڙي ڪمزوري ته ڪونهي ڪمزوريون ته گهڻيون ئي آهن. سنڌي سماج انارڪي جو شڪار آهي، ذاتين ۽ قبيلن ۾ ورهايل آهي وري انهن جا پنهنجا پنهنجا مفاد آهن، جنهن جي ڪري اجتماعي سوچ اسان وٽ آهي ئي ڪونه. اسان جي پڙهيل لکيل ماڻهن جو ڌيان ان ڳالهه ڏانهن ڪونهي ته ماڻهن کي تعليم ڏانهن راغب ڪجي. تعليم ڏانهن اسان جو رويو لاتعلقي وارو آهي. جنهن جي ڪري اسان جي اسڪولن ۾ تباهي متل آهي. انفرادي مفادن ۾ گم آهيون ۽ ان کان علاوه اسان ۾ سستي ۽ ڪاهلي آهي. ثقافتي طور تي اسان هڪ مضبوط قوم آهيون ۽ سنڌيت کي جيڪڏهن اسان پنهنجي اجتماعي مفادن تي لاڳو ڪريون ۽ سنڌيت کي اڳيان رکي ڪم ڪيون ته گهڻو ڪجهه ڪري سگهون ٿا. سنڌيت هڪڙو لفظ ڪونهي ان جو تعلق سماج جي هر شيءِ سان جڙي ٿو. ان شيءِ جو جيڪڏهن اسان شعور پاڻ ۾ پيدا ڪريون ته اهو اسان جو قومي اثاثو بڻجي سگهي ٿو.

