انٽرويوخاص

آرڪيالاجيءَ بابت انٽرويو اشتياق انصاري Zahida Abro

تعارف:

اشتياق انصاري، سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب انيس انصاريءَ جو فرزند آهي. سندس جنم 30 جنوري 1952ع تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. شروعاتي تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪيائين. سنڌ يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس سان گڏ مهراڻ يونيورسٽيءَ مان سول انجنيئر جي ڊگري حاصل ڪئي. ان دوران فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ٽرافي کيڏيو ۽ قومي ڪئمپ لاءِ چونڊيو ويو. انجنيئر اشتياق بعد ۾ ڪئمبرج ۽ بريڊ فورڊ يونيورسٽي انگلينڊ مان انجنيئرنگ جا ڪورس ڪيا. شاگرد سياست ۾ حصو به ورتو. سير سفر ۽ تحقيق سندس مشغلو رهيو. مهم جوئيءَ واري سلسلي ۾ هن ساٿين سان گڏجي پهرئين ”اسڪائي ليڪس ايڪسپڊيشن“ ڪئي. اسڪائي ليڪس اهو يوناني مانجهي هو، جيڪو سڀ کان پهريائين اترين جابلو علائقن کان ٻيڙين ذريعي سمنڊ تائين پهتو هو. ان بعد سنڌوءَ تي ٻي مهم ”انڊس ايڪسپڊيشن“ 1989ع ۾ ٻيڙين ذريعي درياهه ڪابل کان شروع ڪئي، جيڪا عربي سمنڊ ۾ پورٽ قاسم وٽ ختم ڪئي وئي. انڊس ڊيلٽا بابت مهمن دوران ديبل بندر جي ڳولا به ڪئي. ان کانسواءِ اڇڙي ٿر، لاهوت ۽ کيرٿر جا تحقيقي سفر ڪيائين. قديم آثارن سان دلچسپي ڪري هن اٽلي جي روم، ويٽيڪن، فلورنس، پمپائي، پوستم جي کنڊرن جي معائني کانسواءِ انگلينڊ، ترڪي، ايران، سريلنڪا، ٿائلينڊ، انڊونيشيا، يوگوسلوويا، بلغاريه، هنگري، پولينڊ، آمريڪا، ڪئناڊا ۽ ٻين ڪيترن ملڪن جي ميوزم ۽ قديم آثارن جا مطالعاتي دورا ڪيا. هن سفرناما ۽ ڪهاڻيون به لکيون آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا“ 2 جلد (تحقيق)، ”خيما کاهوڙين“ (سفرنامو)، اينٿراپالاجيڪل ناول ”اُوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ“، ”ووڙيم سڀ وٿاڻ“ (سفرنامو)، ”انيس انصاري فن ۽ شخصيت“، ”ڌرتي ماتا“ (تحقيق)، ”جتي ماڻڪ ماڳ“ (تحقيقي مضمون)، ”گورک“(تحقيق)، ”گورک“ (انگريزي)، ”قيد ڪھاڻي“ (جيل ڊائري) ۽ ” دُکم“ (ڪھاڻيون) شامل آهن. پاڻ واپڊا مان اهم عھدي تان رٽائر ٿيڻ بعد هن وقت انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ ۾ قديم آثارن جي بحاليءَ جي ماهر طور ڪم ڪري رهيو آهي. هن وقت تائين رَني ڪوٽ، شاهه بهارو جو مقبرو، گوبند رام درٻار، ٺل ڪاٺ ٻانڀڻ، سهاڳڻ ڏهاڳڻ جا مقبرا، دولهه دريا خان بيٺڪ، سبزواري مقبرا، مير الهيار خان جا مقبرا، مير الهيار برج، ميرن جا مقبرا حيدرآباد، آدم مري جو مقبرو، ڊگهه بالا جو قبرستان، صاحب محل، پير سرهندي مقبرو مٽياري، پرمانند ميوا رام جي قبر وغيره جي بحالي جي نگهباني ڪري چڪو آهي.

زاهده ابڙو: آرڪيالاجي ڇا آهي؟

اشتياق انصاري: آرڪيالاجي عام طور تي انسان ان جي اسٽڊي آهي انسان جي تاريخ ان کان پهرين جي تاريخ ۾ جيڪو ٿي گذريو آهي ان کي اسان کوٽائين جي ذريعي ۽ کوٽائين مان جيڪي شيون لڀن ٿيون انهن جي اسٽڊي ڪريون ٿا، ان کي آرڪيالاجيءَ چئجي ٿو. هن وقت تاريخ ته پنهنجي جاءِ تي موجود آهي، پر جيڪڏهن آرڪيالاجي ان تاريخ کي ثابت نٿي ڪري تيستائين ان جي تاريخي حيثيت جو تعين نٿو ٿي سگهي. تاريخ جو مطلب ئي گذريل وقت آهي ۽ آرڪيالاجي ان کي سائنسي انداز ۾ ثابت ڪري ٿي ۽ اها ئي آرڪيالاجي جي ڊيفينيشن آهي. آرڪيالاجي جو بنياد برٽش دور ۾ پيو ۽ موهن جي دڙي جي کوٽائي به انهن جي دور ۾ ٿي. ڪاڇي ۾، کيرٿر ۾ مختلف هنڌن تي ڪم ڪيا ويا يا ايئن کڻي چئجي ته اسان کي اهو ٻڌايو ويو ته اسان وٽ ان کان پهرين تاريخ جا ڪتاب جيئن چچ نامون ايئن ٻڌائيندا هئا ته اسان جي تاريخ ڄڻ محمد بن قاسم جي دور کان شروع ٿئي ٿي. پهرين اسان وٽ ان جا ڪي ثبوت ئي ڪونه هئا، پر جڏهن اسان وٽ ٻاهريان آرڪيالاجسٽ آيا جيئن خيرپور ۾ ليلا جا آتڻ جي کوٽائي ڪئي هئي. انهن يا ان کانپوءِ جن آرڪيالاجسٽن ڪم ڪيو انهن اهو ٻڌايو ته سنڌ جو ماڻهو محمد بن قاسم جي اچڻ کان اڳ به سنڌ ۾ موجود هو. بلڪه ايئن چئجي ته سنڌ ۾ ماڻهوءَ جي تاريخ پٿر جي دور کان اڳ جي آهي ۽ ان جو ثبوت ملي ٿو. اسان وٽ ٺٽي پاسي جيڪو اونگر جو جبل آهي جنهن کي هڪ سئو هڪ ميل به سڏيو وڃي ٿو اتي ٻاهرين ٽيم کوجنا ڪري ٻڌايو ته سنڌ ۾ پراڻي کان پراڻو ماڻهو اونگر ۾ ٿي رهيو، اهي ماڻهو غارن ۾ رهندا هئا ۽ انهن جا غار اسان کي مليا آهن. اسان کي گنجي ٽڪر تي به غار مليا آهن جيڪي مون پاڻ ڏٺا آهن. هڪڙي غار ۾ ته ڏاڪا ٺهيل هئا، جنهن مان ڪجهه سامان به مليو هو، جيڪو هن وقت به ممبئي جي فلپس ميوزيم ۾ رکيل آهي. چوڻ جو مطلب اهو آهي ته گنجي ٽڪر ۽ کيرٿر ۾ ڪافي اهڙا غار مليا آهن جيڪي ٽيهه ٽيهه هزار سال پراڻا آهن يا ايئن کڻي چئجي ته ٽيهه هزار سان اڳ جڏهن انسان پٿر جي دور ۾ رهندو هو پوءِ اهو ميدانن تي آيو، انهن کيتي ٻاڙي ڪئي آهي ۽ پوءِ دريائن ۽ ڪئنالن يا چشمن تي آيو. ان تاريخ کي جيڪڏهن نظر ۾ رکي ڏسبو ته سنڌ جو ماڻهو نه ته به نه ڏيڍ لک سال پراڻو آهي. پوءِ وري جڏهن تهذيبن جو دور شروع ٿيو آهي جيئن موهن جو دڙو آهي، هڙپا آهي يا ڪاهوءَ جو دڙو آهي يا وري ٻڌسٽ دور آهي يا ٻيا آرڪيالاجيءَ جا ماڳ مليا آهن، جيڪي اسان کي يورپ ۽ اولهه جي ماهرن کوٽائي ڪري ڏنا آهن ۽ اسان کي اهو به ٻڌايو ته سنڌ جي ماڻهوءَ جي تهذيب جي تاريخ چار کان پنج هزار سال پراڻي آهي. آمري جي تاريخ ست اٺ هزار سال پراڻي آهي. آرڪيالاجي اسان کي وڌيڪ پراڻي دور ۾ وٺي وڃي ٿي ۽ ان جا ثبوت فراهم ڪيا آهن ته سنڌي ماڻهو هن زمين سان تمام پراڻو جڙيل آهي.

زاهده ابڙو: توهان بريڊ فورڊ ۽ ڪيمبرج يونيورسٽيءَ مان انجنيئرنگ جا ڪورس ڪيا، انجنيئرنگ کانپوءِ توهان کي انهن ڪورسن جي ضرورت ڇو پئي؟

اشتياق انصاري: مان بنيادي طور تي بي. اِي سول آهيان ان دور ۾ سنڌ ۾ ٻه ٽي پراجيڪٽ تمام تيزيءَ سان هلي رهيا هئا، هڪڙو ايل. بي. او. ڊي، ٻيو آر. بي. او. ڊي ان جي لاءِ پاڻيءَ جي ماهرن جي ضرورت هئي، خاص ڪري ڊرينيج جي ماهرن جي ضرورت هئي. ان وقت مان ايس. ڊي. او هئس. تازو گريجوئيشن ڪئي هئي، مون کي ان لاءِ موڪليو ويو. جڏهن 1932ع ۾ سکر بئراج جو بنياد پيو ته ان دور جا جيڪي ماهر هئا انهن اها ڳالهه ڪئي ته سنڌ جي واٽر ٽيبل ٽيهه فوٽ هيٺ هئي ۽ ڪن جي چوڻ مطابق ته اڃان به هيٺ هئي. ايترو پاڻي هيٺ هو هاڻي به جيڪڏهن انهن جون پراڻيون رپورٽون ڏسندا ته ان ۾ اهو لکيل آهي ته مقرر سالن کانپوءِ انڊس جي ٻنهي پاسن کان ڊرينيج ڏيڻي پوندي، جيڪڏهن نه ڏني وئي ته واٽر ٽيبل وڌي ويندي، جنهن سان سنڌ جا شهر ۽ زرعي زمينون، باغ ٻڏي ويندا. ان ڪري ان کي ڊرينيج ڏيڻو پوندو، پر اسان ان مقرر ٽائيم تي ڊرينيج نه ڏيئي سگهياسين. توهان گهر جو ئي مثال وٺو ته جيڪڏهن گهر جو ڊرينيج هڪڙو ڏينهن بند ٿي وڃي ته پاڻي گهر ۾ جمع ٿي ويندو، اهڙي نموني اسان کان به غلطي اها ٿي جو اها رٿا 1932ع ۾ ڏني وئي ۽ اهو چيو ويو هو ته ڪجهه سالن کانپوءِ اختيارين کي ايل. بي. او. ڊي ۽ آر. بي. او. ڊي ٺاهڻو پوندو. اهي ٻئي پراجيڪٽ اڌ ۾ پيا آهن جنهن تي اربين رپيا خرچ اچي ويا آهن، پر اڃان تائين به ماهرن کي سمجهه ۾ نٿو اچي. هڪڙو ته اسان وٽ واهن جي ذريعي پاڻي اچي ٿو، انڊر گرائونڊ سيپيج به ٿئي ٿي. هن وقت اسان جي لاءِ جيڪو زمين جي هيٺان پاڻي آهي اهو به مسئلو بڻيل آهي ته زمين جي سطح تي جيڪو پاڻي آهي اهو به مسئلو بڻيل آهي. ان ڪري اسان جا ڪيترائي شهر جهڙوڪ: شڪارپور، لاڙڪاڻو، سکر، جيڪب آباد، بدين جتي نه هاڻي آبادي ٿي ٿئي، نه باغ ٿا ٿين. ڇو ته اسان ايل. بي. او. ڊي ۽ آر. بي. او. ڊي کي صحيح طرح ڊزائين نه ڪري سگهيا آهيون. جيڪا اسان کي هڪ نه هڪ ڏينهن ڪرڻي پوندي. انڊيا ۾ ان ساڳئي پاڻيءَ سان ٿر کي آباد ڪيو ويو آهي، اتي انهن باغ ٺاهيا آهن، روڊ آهن، انهن وٽ جيڪو پاڻي اچي ٿو اهو شڪور ڍنڍ ۾ اچي ٿو. بدين جي پاسي به شڪور ڍنڍ لڳي ٿي ۽ اسان جو به اهو ئي پلان هو ته جيڪا ايل. بي. او. ڊي آهي ان جو پاڻي به شڪور ڍنڍ ۾ ڇوڙ ٿيندو، پر شڪور ڍنڍ جو اسي سيڪڙو انڊيا وٽ آهي، اسان وٽ ويهه سيڪڙو آهي. تنهنڪري انڊيا ان تي اعتراض ڪيو ته جيڪڏهن توهان پاڻي ان ۾ ڇوڙ ڪندا ته اسان لاءِ مسئلو ٿي ويندو. ان کانپوءِ ان پاڻيءَ کي سمنڊ ۾ ڪيرائڻ جو پلان ٺاهيو ويو. جنهن جي لاءِ هڪ ٽائيڊل لنڪ جوڙي وئي. جاتي، بدين، ڪڍڻ وٽان اها ٽائيڊل لنڪ ٺاهي وئي جيڪا تقريبن ستر کان سئو ڪلو ميٽرن جي ڊرينيج آهي. پلان اهو هو ته اهو پاڻي وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو. 1990ع ۾ هڪڙو وڏو طوفان آيو ان دوران ٽائيڊل لنڪ جو ڪم هلي رهيو هو، ان دوران سمنڊ ۾ اهڙي ته اڇل آئي جنهن جي ڪري ان جا پراجيڪٽ سڀ لڙهي ويا. ٻيو انهن هڪڙي چولري ويئر ٺاهي هئي جنهن جو مقصد هو ته جڏهن مٺو پاڻي وڌي ٿو وڃي ته ڪارو گونگڙو ۽ ٻيون ڍنڍون جيڪي پاسي ۾ هيون بدين ۽ جاتي ۾ انهن ۾ وڃي جمع ٿئي جنهن ۾ مينهن ۽ برساتن جو پاڻي وڃي جمع ٿئي جيڪو وري پوءِ سمنڊ ۾ ڪري. ان دوران اها ويئر به لڙهي وئي. چولري ويئر تي جڏهن ڪم هلي رهيو هو ته ان وقت انگلينڊ جي هڪڙي ڪمپني ڪم ڪري رهي هئي ان کي ان وقت بليڪ لسٽ ڪيو ويو. ادريس راجپوت جهڙي ماهر به پنهنجي ڪيترن ئي پروگرامن ۾ اها ڳالهه ڪئي آهي ته ان کي مڪمل ڪيو وڃي. ڇو ته ايل. بي. او. ڊي يا آر. بي. او. ڊي جو ڊزائين غلط ٿي سگهي ٿو، پر ان جو ڪو نه ڪو حل ڪڍڻ لازمي آهي. ايئن نه ڪيو ويو ته سنڌ جي آبپاشي ختم ٿي ويندي.

زاهده ابڙو: ادب جي پاسي توهان جو لاڙو ڪڏهن ٿيو ۽ ڪيئن ٿيو؟

اشتياق انصاري: ڪجهه شيون توهان جي رت ۾ شامل هونديون آهن اسان جو والد صاحب ڊپٽي ڪمشنر ٿي رٽائر ٿيو. اسان جي امان به استاد هئي، والد صاحب کي ڪتابن جو شوق تمام گهڻو هو. ماني ٺهي نه ٺهي، پر محدود پگهار ۾ به ڪتاب وٺي ايندو هو. اسان وٽ هڪڙي سٺي لائبريري هئي، ننڍڙو ٻار گهر ۾ جيئن ريڙهيون پائي صوفي تي اچي ته ان جو هٿ جنهن پهرين شيءِ ۾ پوندو هو اهو ڪتاب هوندو هو. اسان جي پرورش اهڙي ٿي، بابا سائين کي ۽ امان کي پڙهندي ڏٺوسين. ننڍا هئاسين ته گهر ۾ ٻارن جو اردو رسالو ”همدرد“ ۽ سنڌي رسالو ”گل ڦل“ ايندا هئا. اهڙيءَ طرح اسان جي پڙهڻ جي شروعات ٿي. بابا جي پوسٽنگ ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي هوندي هئي، جتي به ويندا هئاسين ڪتابن جو شوق رهندو هو ڪتاب پڙهندا هئاسين. پڙهائي جو رجحان اسان جي سڄي خاندان ۾ آهي. بابا سائين (انيس انصاري) جا ڪتاب جنهن ۾ ڪهاڻين جا ڪتاب آهن، هن خاڪا لکيا، شاعري ڪئي آهي. ان کانپوءِ منهنجا ڀائر ادا مشتاق، اخلاق، اسحاق، آفاق تقريبن سڀ ليکڪ آهن. توڙي اسان جون ڀينرون انيس اختر، نسيم اختر، نفيس اختر، فهيم اختر ۽ شميم اختر سڀ ماشاءَ الله پوسٽ گريجوئيٽ آهن، ٻه هن وقت پرنسپال آهن هڪ قمبر ۾ ٻي ڳڙهي خدا بخش ۾.

زاهده ابڙو: آرڪيالاجيءَ جي پاسي ڪيئن آيا؟

اشتياق انصاري: ان ۾ اسان جي گهراڻي جو پسمنظر شامل ٿئي ٿو. بابا پنج ڇهه ڏينهن آفيس جو ڪم ڪري پوءِ آچر ڏينهن اسان کي وٺي ڪيڏانهن نه ڪيڏانهن گهمائڻ لاءِ نڪري پوندو هو ۽ گهڻو ڪري پنڌ ويندو هو. لاڙڪاڻي ۾ ڪڏهن شاهه بهارو تي وٺي ويندو هو، ڪڏهن ميان شاهه محمد تي وٺي ويو، ڪڏهن اسان کي موهن جي دڙي وٺي ويو، ڪڏهن پير شير تي وٺي ويو. پنڌ هلندا ويندا هئاسين پوءِ جيئن شاهه بهارو تي پيا وڃون ته اسان کي ڳالهين ئي ڳالهين ۾ اسان کي مڙهيندو ويندو هو ۽ سڄي تاريخ ٻڌائيندو ويندو هو، اسان کي اهي سڀ شيون محسوس ٿينديون هيون ته تاريخ ۽ آرڪيالاجي به ڪا شيءِ آهي. ماڻهو ان سان پيار ڪري سگهي ٿو، اها ته ٿي گهر جي تربيت. ٻيو وري سفر جو شوق رهيو، ڪڏهن رني ڪوٽ، نئين ڪوٽ هليا وياسين، انهن ڏينهن ۾ اترين علائقن ۾ گهڻو ويندو هئس جيئن ڪڏهن هنزه، اسڪردو، ڪڏهن ڪپدو ۽ اتي به دوستن جي ٽيم ٺاهي پوءِ ٽريڪنگ ڪندا هئاسين. هاڻي ته نيٽ تي اسان کي هر شيءِ ملي ٿي وڃي، ان وقت پاڻ ئي هڪ نقشو ٺاهي ان تي ٽريڪنگ ڪرڻي پوندي هئي. ان دوران ئي مون کي ڊائري لکڻ جو شوق ٿيو. هن وقت به مون وٽ 1966ع کان وٺي ڪلهه تائين جي ڊائري لکيل آهي. اڄ جو هي انٽرويو وارو ايونٽ به ڊائري ۾ اچي ويندو. انهن ۾ گهڻا تفصيل لکيل ڪونه آهن، پر خاص پوائنٽ لکيل آهن. پوءِ وري جڏهن ٻاهر وڃڻ ٿيو ته هڪڙو سفر نامون لکڻ شروع ڪيم، ان مان پوءِ وري شوق ٿيو ته ڪوٽ قلعا لکيم. مون سنڌ جي پنجاهه قلعن تي ڪم ڪيو آهي. منهنجو پٽ ڪڏهن ڪڏهن لکندو آهي ته مان کيس چوندو آهيان ته جيڪڏهن هڪڙو پنو به لکين ٿو ته ان کي محفوظ ڪري ڇڏ. اڄ کان چاليهه سال پوءِ به اهو پنو توکي ڪم ايندو. اهڙيءَ طرح مان به ان دور ۾ ڪاڏي ويس ۽ ان تي تاريخ لکي پئي هوندي آهي ته ماڻهو ان کي ري ڪال ڪري لکي سگهي ٿو. پهريون دفعو جڏهن رني ڪوٽ ويس ته ان جي هشمت ۽ ان جي بيهڪ ڏسي مان ٿوري دير لاءِ ان جي هڪ برج تي ويهي هڪ دوست کي خط لکيو ته هن وقت صبح جي اڃان هلڪي اونداهي آهي، سج اڃان نه اڀريو آهي مان برج تي پير لڙڪائي ويٺو آهيان. هڪ نئين منهنجي ڀرسان وهي پئي جنهن مان پاڻيءَ جو آواز اچي رهيو آهي، ڳيرن جو آواز اچي رهيو آهي. اهو هڪڙو خط هو اهو خط به اڄ ڏينهن تائين مون وٽ محفوظ آهي. چوڻ جو مطلب اهو آهي ته توهان ڪنهن به موڊ ۾ آهيو ۽ ان موڊ ۾ لکو ٿا ته اها لکيل شيءِ سالن کانپوءِ به توهان کي ڪم ايندي. ڇو ته تخليق وڏي شيءِ هوندي آهي. جنهن لمحي ۾ توهان ڪنهن شيءِ کي تخليق ڪريو ٿا ته اهي نوٽس توهان کي ڪم اچن ٿا.

زاهده ابڙو: درياءِ ڪابل کان درياءِ سنڌ جو سفر ڪيو ان جي ٻنهي پاسن کان جيڪا بايو ڊائورسٽي توهان ڏٺي،  هاڻي اهو ڪلچر هجي يا انساني يا حيواني زندگي خطري ۾ آهي ان کي ڪيئن بچائي سگهجي ٿو ان ۾ رياست يا عام ماڻهو ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.

اشتياق انصاري: سنڌ جو وجود ئي سنڌو درياءَ سان آهي، جي درياءَ آهي ته سنڌ آهي، جي درياءَ ناهي ته سنڌ به ناهي يا ايئن کڻي چئجي ته سنڌو درياءَ جو تحفو سنڌ آهي. پاڻي اهڙي شيءِ آهي جنهن جو ذڪر ويڌن ۾ به ٿيل آهي. اڄ تائين به پاڻيءَ جي پوڄا ٿيندي آهي، درياءَ پنٿ اڄ ڏينهن تائين آهي. اڏيرو لعل خاص طور تي ۽ ٻيا ڪيترائي مندر آهن جن ۾ پاڻيءَ تي پوڄا ٿيندي آهي. ان لحاظ کان پاڻيءَ سان اسان جي محبت آهي. جڏهن کيرٿر، اتريان علائقا يا ڪارونجهر لتاڙي ٿڪجي پياسين. ڪتي جي قبر لڳ ڀڳ ست هزار ٻه سئو فوٽن تي آهي. ان دور ۾ جڏهن سهولتون بلڪل ڪونه هيون اسان کي غيبي ديري کان ڪتي جي قبر تائين پهچڻ ۾ چار ڏينهن لڳي ويا. اهي پنڌ لتاڙڻ کانپوءِ سوچيوسين ته ڇو نه هڪڙو درياءَ جو سفر ڪجي. اسان پهرين اسڪائيلڪس ايڪسپڊيشن ڪئي.

هڪڙو آمريڪن هو، جيڪو پهريون دفعو ٻيڙيءَ تي جبلن کان هيٺ سنڌو درياءَ ۾ لٿو ۽ جڏهن هو پنهنجي ٽيم سان گڏ واپس آمريڪا ويو ته هو ٻيڙيون پاڪستان ايڊوينچر فائونڊيشن وارن کي ڏيئي ويا. انهن ۾ اسان جو هڪڙو دوست هو جعفر اعظم ان ايڊوينچر ۾ انهن سان گڏ هو، ان مون کي همت ڏياري ته اچو ته گڏجي پاڻ اهو درياءَ جو سفر ڪريون. اسڪائيلڪس پهرين پهرين ايسڪسپڊيشن ڪئي جيڪا درياءِ ڪابل کان سمنڊ تائين، اهو دور دارا اعظم ايران جو هو، جنهن کي سنڌ کي فتح ڪرڻ جو جڏهن شوق ٿيو ته هن پهريائين يونان جي هڪ وڻجاري يا سيلر کي اها ذميداري ڏني ته مون کي اهو رستو ٺاهي ڏيکار يا نقشو ٺاهي ڏي ته آئون ان درياءَ رستي سمنڊ تائين ڪيئن پهچان. اها ڳالهه قبل مسيح جي آهي. اهو ماڻهو پوءِ جابلو علائقي کان ٻيڙين رستي سمنڊ تائين آيو، جنهن جو نالو  اسڪائيلڪس هو. هن پنهنجي سفر دوران لکيو آهي ته جڏهن هن سفر شروع ڪيو ته سج سندس ڪهڙي هٿ تي اڀريو، ڪهڙي قسم جا ڪنڊا هئا، ڪهڙي قسم جا ٻوٽا هئا. بهرحال اسان به اهي نقشا کڻي ان هنڌ کي ڳولهي لڌو. ان ايڪسپڊيشن ۾ اسان سنڌ جا ٻه ماڻهو هئاسين هڪڙو مان هئس ۽ ٻيو ڪليم لاشاري. ٻيا سڀ اتان جا ئي هئا جن مان هڪ جو تعلق پاڪستان نيوي سان هو، ڪو ايئر فورس جو هو، جيڪا ڏهن ٻارهن ماڻهن جي هڪڙي ٽيم هئي. ان کانپوءِ ڇا ٿيو جو اسان کي تجربو ٿي ويو ته جيڪڏهن موٽر خراب ٿي وڃي ته ان جي مرمت ڪيئن ڪجي. ايئن سمجهو ته ٻيڙيون هلائڻ ۽ ٺاهڻ جا ماهر ٿي وياسين. پوءِ اسان سوچيو ته اسان سنڌ جي هڪڙي ٽيم ٺاهيون ان وقت ۾ ثقافت کاتي ۾ ميڊم مهتاب چنا هئي ان سان ذڪر ڪيوسين. پرل ڪانٽينينٽل هوٽل جي مالڪ به اسان کي فنڊنگ ڪئي. پوءِ سنڌ جا ٻارهن ڇوڪرا وٺي پشاور کان مٿي نستا مان درياءِ ڪابل کان سفر شروع ڪيو، سمنڊ تائين پڄندي اسان کي ٽي چار هفتا لڳي ويا. بدر ابڙو سنڌوءَ جو سفر جي نالي سان ڪتاب لکيو آهي، هو اسان سان گڏ هو جنهن پنهنجي روزاني جي ڊائري لکي. انور پيرزادو، ڪليم لاشاري گڏ هئا، محمد علي قادري اسان جو فوٽو گرافر هو. ايئن ٻارهن ڄڻن جي ٽيم هئي، جنهن مان هرڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي فن جو ماهر هو. بدر ابڙي جي ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ توهان کي خبر پوندي جنهن ۾ هن لکيو آهي ته پشاور کان وٺي ڪيٽي بندر تائين اسان جي ٻولي جاءِ جاءِ تي ملي ٿي. جيڪڏهن پشتو ڳالهائي ٿي وڃي ته ان ۾ به سنڌي اکر ملن ٿا. هڪ جاءِ تي اسان جي گائيڊ اسان کي ٻڌايو ته هيءَ ڪنڊ آهي ته اسان چيو ته ڪنڊ ته سنڌيءَ جو اکر آهي. سرائيڪي بيلٽ سڄو يا پنجابي ٻولي ۾ ڪيترائي سنڌي ٻوليءَ جا اکر مليا. ٻي خاص ڳالهه اتي اها هئي ته جيڪي ڊيم ٺاهيا ويا آهن ته اسان جو گهڻو پاڻي ڊيمن ۾ جمع ٿي ٿو وڃي ۽ هيٺ سنڌوءَ جو پاڻي نه هئڻ جي برابر آهي. ان ڪري انڊس جا ڪنارا ويران ٿيندا پيا وڃن. خاص ڪري مهاڻا پنهنجا ماڳ ڇڏيندا پيا وڃن، هاڻي ڪو مهاڻو گڏهه گاڏو پيو هلائي، انهن جا جيڪي نسلن کان ٻيڙين جا واپار هئا. نه ته ڪوٽڙي کان وٺي ملتان، ڊيره غازي خان ۽ ڊيره اسماعيل خان تائين ٻيڙيون هلنديون هيون. اڳي ڪوٽڙيءَ کان fraught هلندي هئي ان جو نالو جهلم هو. جنهن کي سنڌ جو ڪمشنر استعمال ڪندو هو. هاڻي اهو ساڳيو ئي جهلم جهاز هن وقت ڊيره اسماعيل خان وٽ بيٺو آهي ۽ پتڻ پار ڪرڻ جي ڪم اچي ٿو. هتي انڊس جو پيٽ سوڙهو آهي، اتي مٿي ته ڪٿي ڪٿي ڏهه کان ٻارهن ڪلو ميٽر آهي. اهو جهاز هاڻي ڊيره اسماعيل خان کان ماڻهو کڻي هڪڙي ڪناري کان ٻئي ڪناري پهچائيندو آهي. جنهن ۾ ماڻهو ۽ جانور ٻئي کنيا ويندا آهن. هاڻي اهو جهاز پاتڻي جي طور تي ڪم اچي رهيو آهي. ان دور ۾ جڏهن بئراجون هونديون هيون ته سنڌ جو واپار اوستائين پاڻيءَ رستي ٿيندو هو. اسان جو گائيڊ پيو چوي ته هو ڪنهن زماني ۾ درياءِ ڪابل کان هلندو هو، هڪڙي ٻيڙي وٺندو هو، مَڇيون ماريندو ايندو هو. سکر وٽ اچي مڇي به وڪڻندو هو ٻيڙي وري سکر ۾ وڪڻندو هو ۽ وري بس ۾ چڙهي واپس هليو ويندو هو. هن وقت سنڌو درياءَ ۾ پاڻي نه هئڻ جي ڪري درياءَ سان لاڳاپيل جيڪا زندگي ۽ معاشيات ختم ٿيندي پئي وڃي. هاڻي درياءَ جي پيٽ ۾ ماڻهن ننڍڙا ننڍڙا درياءَ ٺاهي ڇڏيا آهن. جتي ماڻهن گهر ٺاهي ڇڏيا آهن، ريسٽ هائوس ٺهيا پيا آهن، زرعي زمينون آهن، انهن جون شڪار گاهون آهن.

زاهده ابڙو: ڇا توهان جي کاتي وٽ سنڌ جي سڀني آرڪيالاجيڪل ماڳن جي ڊيٽا موجود آهي؟

اشتياق انصاري: هڪڙا ته آرڪيالاجيڪل ماڳ آهن ۽ ٻيون هيري ٽيج ماڳ آهن جيڪڏهن توهان هيري ٽيج ماڳ ٿا چئو يا آرڪيالاجيڪل ماڳ آهن انهن جي پوري لسٽ اسان وٽ ڪونهي. جڏهن اهو کاتو وفاق جي هٿ ۾ هو ته هنن اسان کي جيڪا لسٽ ڏني ان ۾ مس سئو ماڳ هئا. ان جو مطلب اهو آهي ته سنڌ ۾ رڳو سئو ماڳ آهن، پر حقيقت ان جي برعڪس آهي ته ڪابه شيءِ پنجهٺ يا پنجهتر سالن کانپوءِ هيري ٽيج لسٽ ۾ شامل ٿي وڃي ٿي. ڪا بلڊنگ هجي، ڪو ڀڙو هجي. مثال طور: حيدرآباد جا هڪ سئو اوڻٽيهه هيري ٽيج ماڳ آهن. اهڙيءَ ريت رڳو شڪارپور جون ٻارهن سئو کان تيرهن سئو عمارتون هيري ٽيج لسٽ ۾ اچن ٿيون. اسان رڳو دادوءَ کي ڊاڪيومينٽ ڪيو آهي، اتي ڏسو ته سوين ماڳ اهڙا آهن، پر اسان چوئيتاليهن کي ڊاڪيومينٽ ڪيو آهي. ڊگهه بالا ۾ ٻارهن کان چوڏهن مقبرا آهن. مير الهيار جو يا مير ڪاڪي جو. اهڙيءَ طرح مختلف چوڏهن مقبرا آهن، پر ان ماڳ کي هڪ ماڳ ڪري لکيو ويندو، پر اسان جي انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ CDC جو هڪڙو سيڪشن آهي جنهن جو ڪم هيري ٽيج ۾ شامل ٿيل يا آرڪيالاجيڪل عمارتن کي محفوظ ڪرڻ آهي. اسان جون گاڏيون بيٺل هونديون آهن جنهن ۾ اسان جا آرڪيالاجسٽ، انجنيئر مختلف جاين تي ويندا آهن، پوءِ اتي ان سائيٽ تي لوڪل ماڻهن کان معلومات وٺندا آهن. ان کانپوءِ ان کي رڪارڊ ڪندا آهن ان جي فوٽو گرافي ڪندا آهن، ان جي تاريخ تحرير ڪندا آهن. اسان وٽ اوڻٽيهه ضلعه آهن. جيڪڏهن هڪ هڪ ضلعي ۾ رڳو تصور ڪجي ته چار کان پنج سئو اهڙا ماڳ هجن ته انهن کي رڪارڊ ڪرڻ ۾ ڪيترو ٽائيم لڳندو. وري انهن جي رڪارڊ کي محفوظ ڪرڻ. انهن ماڳن جا اسان نيٽ تي لنڪ ڏيئي ڇڏيا آهن، جنهن جي ذريعي ڪوبه ماڻهو اتي پهچي سگهي ٿو. مثال طور ڪنهن کي ڪاٺ ٻانڀڻ تائين وڃڻو آهي ته توهان کي ڪڙيو گهنور تائين پهچائڻ لاءِ مختلف روٽ ٻڌائيندو ته اهو توهان کي ان ٺل تائين وڃي بيهاريندو. اهي سڀ لنڪ ٺاهي اسان نيٽ تي رکيا آهن ته جيئن عام ماڻهو انهن جاين تائين پهچي سگهي. اسان وٽ جيڪي شاگرد يا ريسرچر اچن ٿا، انهن کي اسان ان جي ذريعي گائيڊ ڪندا آهيون. ٻيو فائدو اهو ٿيو آهي ته هر سائيٽ ۽ اتان جيڪي آرٽيفيڪٽ ملن ٿا، هتي پاڻ وٽ کڻي اچون ٿا ۽ پوءِ هتي اچي ان جي ڪيٽيلاگي ڪريون ٿا. ڪابه شيءِ ڪٿان ملي، ڪيتري اونهائي مان ملي، ڪهڙي شهر جي ويجهو ملي، ان جون تصويرون ڪڍون ٿا. ڪهڙي به دور جو جيڪو به ٺڪر اسان کي ملي ٿو اهو ڪم اسان جي اينڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ جي هڪ الڳ ٽيم آهي جيڪا ڪري ٿي.

زاهده ابڙو: تازو ئي سپريم ڪورٽ اسان جي هڪ تمام خوبصورت هيري ٽيج سائيٽ موهاٽا پيلس کي ميڊيڪل ڪاليج ۾ تبديل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ان جي باري ۾ توهان جي ڇا راءِ آهي؟

اشتياق انصاري: اهو دنيا جو پهرين مثال هوندو ته ڪنهن ميوزيم کي توهان ميڊيڪل ڪاليج ۾ تبديل ڪريو. منهنجي خيال ۾ ته اهو هڪ عجيب فيصلو آهي، ايئن بلڪل به نه ٿيڻ کپي. اسان جا جيڪي به ساڃاهه وند يا وڪيل آهن جن کي پنهنجي ورثي سان پيار آهي اهي سڀ ان جي مخالفت ڪندا. منهنجو خيال آهي ته اها بلڊنگ خريد ڪيل آهي ۽ ان جي لاءِ اپيل ايندي. موهاٽا پيلس کي خريد ڪري ان کي ريسٽور ڪيو ويو آهي. ان ۾ توهان کي باقائدي آفيسون ملنديون، اتي ڊائريڪٽر ليول جا ماڻهو ويٺا آهن، اتي ميوزيم آهي، لائبريري آهي، اتي هڪ پوري مئنيجمينٽ ويٺي آهي. ايئن ڪونهي ته اهي اتي اچي تڪڙ ۾ ويهي رهيا آهن. ڪوبه ماڻهو جيڪڏهن ان فيصلي کي قانوني انداز سان سنڀاليندو ته ايئن نه ٿيندو جيئن فيصلو ڏنو ويو آهي.

زاهده ابڙو: ڪنهن به قديم عمارت کي ٻيهر ٺاهڻ جا اصول ڪهڙا ٿي سگهن ٿا؟

اشتياق انصاري: يونيسڪو جي پهرين ميٽنگ ايٿنس ۾ ٿي هئي ۽ ان جو هڪڙو چارٽر موجود آهي. ٻي ميٽنگ وينس ۾ ٿي هئي، ان کانپوءِ بُرا ۾ ٿي هئي. اهي شهرن جا نالا آهن، انهن شهرن جي نالن پٺيان چارٽر ٺهيل آهن جن ۾ قديم عمارتن کي ٺاهڻ يا آرڪيالاجيءَ جا اصول لکيل آهن. ڪنهن به شيءِ جي ريسٽوريشن جي لاءِ جڏهن چونڊ ڪئي وڃي ٿي يا ڪنزروينشن لاءِ ان کي چونڊيو وڃي ٿو يا محفوظ ڪيو وڃي ٿو يا ان جي مرمت ڪئي وڃي ٿي ته هر ڪم جا پنهنجا پنهنجا اصول آهن ۽ انهن اصولن کان پري ناهي وڃڻو جيڪڏهن ڪو اصولن تي عمل نٿو ڪري ته اهو ڏوهه آهي. 1973ع جو پاڪستان آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ ايڪٽ آهي ان کي فالوو ڪيو.

هڪ نان ٽيڪنيڪل ڳالهه اها آهي ته هر عمارت پنهنجي ڪهاڻي پاڻ ٻڌائيندي آهي. توهان بلڊنگ کي ڏٺو، پهرين ته توهان سِر ڏسندا ته اها ڪهڙي دور جي آهي، ارغون دور جي سِر الڳ آهي، ترخان دور جي سِر الڳ آهي، ڪلهوڙا دور جي الڳ آهي، برٽش دور جي الڳ آهي، سمان دور جي الڳ آهي. سِر توهان کي دور ٻڌائيندي سِر ۾ مصالحو ڪهڙو پيل آهي خبر پوندي ته ڪا مٽيءَ جي ٺهيل آهي، ڪا چُن جي ٺهيل آهي ته ڪا چيروليءَ جي ٺهيل هوندي آهي. هاڻوڪي سِر سيمينٽ جي ٿي ٺهي. مصالحو توهان کي ٻڌائيندو، جيڪڏهن توهان انجنيئر آهيو ته توهان ان جو تناسب ڏسندا ته ان ۾ ڪيترو چُن مليل آهي، ڪيتري واري آهي. اهي آبزرويشن توهان کي هڪڙو سپروائيزر به ٻڌائيندو. جيڪڏهن ان مصالحي کي پاڻيءَ ۾ وجهي ڇڏبو ته ٿوري دير ۾ ئي تهه ٺهي ويندا. اسان جي ڪوشش هوندي آهي ته اسان ڪنهن به عمارت جو اصل ڏيک نه بگاڙيون. جيڪڏهن ان ۾ ٽائل استعمال ٿيل آهي ته ان جي شڪل، ان جو رنگ ساڳيو رکون. جيئن اسان شاهه بهارو جي ڳالهه ٿا ڪريون ته ان جي جيڪا نيل آهي جنهن جي هڪ ماهر پنهنجي ڪتاب ۾ ڏاڍي تعريف ڪئي آهي ته ان جو مثال نٿو ملي. اها جڏهن ڪري پئي ان کي ريسٽور ڪيو ويو، صرف نيل ۾ جنهن جو قد تيرهن فوٽ آهي، جنهن ۾ ويهن کان مٿي قسمن جا ٽائل استعمال ٿيل آهن. هاڻي ان ۾ ڪلهوڙا دور جو رنگ بيهارڻ لاءِ توهان کي ڪيڏي نه محنت ڪرڻي پوندي، جنهن جو گل به اهو بيهي ته شڪل به اها بيهي. ايئن به نه لڳي ته نئين لڳائي وئي آهي، جڏهن اسان مير ڪرم علي ٽالپر جي مقبري تي ڪم پيا ڪريون ته ان جي هڪ ٽائل ۾ پيلي رنگ جو مسئلو ٿي پيو اهو ساڳيو رنگ نه پيو بيهي. پوءِ اسان انگلينڊ مان رنگ گهرايا. جڏهن توهان بنيادن ۾ ويندوَ ته توهان کي خبر پوندي ته ان جي هيٺان پٿر پيل آهي، سِرن ۾ به ڏاڪا ڏنل آهن. عمارت پاڻ گائيڊ ڪندي آهي اها پاڻ چوندي آهي ته مون سان ڪيئن هلو. جيڪڏهن اسان ڪابه هيٺ مٿانهين ڪنداسين ته اها رد عمل ڏيکاريندي. اڳ ۾ آرڪيالاجيڪل عمارتن يا هيري ٽيج عمارتن سان وفاقي آرڪيالاجسٽن ظلم اهو ڪيو آهي جنهن جو مثال ايئن ٿو ڏيان ته ڪا عمارت مٽيءَ جي ٺهيل يا گاري سان ٺهيل آهي يا ان ۾ چيرولي استعمال ٿيل آهي ته ڀتين جي وچ ۾ ننڍا ننڍا سوراخ آهن جنهن مان هوا جو گذر ٿئي ٿو. جيئن انسان ساهه کڻي ٿو اها عمارت به ايئن ساهه کڻي ٿي. اهڙيون عمارتون ٿڌيون هونديون آهن هاڻي جيڪڏهن اهڙي عمارت جو ڪو اڌ ٽڪرو يا اڌ ڀت ڪري پئي ته اسان ان کي سيمينٽ کڻي هڻي ڇڏيو. هاڻي سيمينٽ هڻڻ سان ڇا ٿيندو جو جڏهن اها عمارت ساهه کڻڻ جي ڪوشش ڪندي ته سيمينٽ ان کي روڪيندو ۽ ايئن ڀت ۾ ڏار پئجي ويندا. توهان پراڻيون عمارتون ڏسو جن جي مرمت ان طريقي سان ٿيل آهي انهن ۾ توهان کي ڏار پيل نظر ايندا. اسان ڄاڻ نه هجڻ جي ڪري انهن عمارتن سان اهڙا تجربا ڪيا جنهن اسان جي عمارتن کي تمام گهڻو نقصان رسايو آهي. اسان جي سمت هميشه اها هوندي آهي ته عمارت جيڪا ٻولي ڳالهائي ته ان سان گڏ هلو. جيڪڏهن عمارت مٽيءَ جي آهي ته مرمت به مٽيءَ سان ٿيندي، جيڪڏهن ڪٿي چار سئو سال پراڻي مٽيءَ جي ڪا عمارت ٺهيل آهي ته اسان پراڻي کان پراڻي مٽي ڳولڻ جي ڪوشش ڪنداسين جيڪا اسان کي نصرپور مان ملندي. سانگهڙ شهر جي چوٽياري واري علائقي ۾ مائي ڄامان جي مسجد کي هينئر اسان ريسٽور پيا ڪريون جيڪا مٽي ان ۾ استعمال ٿيل آهي اها ڪٿان ملي نه پئي. پوءِ خبر پئي ته شهدادپور ۾ ڪنهن جاءِ تان ملندي. انٽرويو کانپوءِ مان هالا ويندس مٽي چيڪ ڪري پوءِ بٺي واري کي چوندس ته ان مان ايتريون سِرون ٺاهي ڏئي. جيڪڏهن توهان بلڊنگ جي ريسٽوريشن ۾ عمارت سان ڪٿي به زيادتي ڪئي ته اها ناراض ٿي ويندي.

زاهده ابڙو: هيستائين توهان ڪيترين عمارتن جي ريسٽوريشن ڪرائي آهي؟

اشتياق انصاري: ريسٽوريشن وارو ڪم ڏاڍو آهستي هلندو آهي ۽ پيار سان ڪبو آهي ۽ موسم جو به خيال رکيو ويندو آهي. مثال طور: اسان رني ڪوٽ تي ڪم ٿا ڪريون، ان جو گهيرو تقريبن ٽيٽيهه ڪلو ميٽر آهي. ان جي ديوار هيٺان کان چوڏهن فوٽ ويڪري آهي. ٻارهن فوٽن تائين اوچائي ۾ ان ديوار جي ويڪر چوڏهن فوٽ آهي. ٻارهن فوٽن تي به ديوار ايتري ويڪري آهي جو توهان ان تي جيپ ڊوڙائي سگهو ٿا. ان کانپوءِ جيڪا ٻاهرين ڊفينس وال آهي اها تقريبن هيٺان کان چار فوٽ آهي، مٿي تقريبن اڍائي فوٽ ٿي بيهي. توهان اندازو ڪريو ته ٻاويهه فوٽ هڪڙي ديوار آهي جيڪا چوڏهن فوٽ ويڪري آهي. مٿي وري اڍائي فوٽن تي ختم ٿي ٿئي جتي اندرئين پاسي walkway آهي. هاڻي اهڙي ديوار جو ويهن فوٽن جو ٽڪرو ٺاهڻ ۾ به ڪيترا ڏينهن لڳندا. پٿر گڏ ڪريو، چُن، چيرولي جيڪو سڀ ٺٽي کان ويندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن پاڻي کٽي ويندو آهي ته سن کان پاڻيءَ جا ٽينڪر گهرائيندا آهيون. اسان جنهن هنج چوٽيءَ تي ويٺا ڪم ڪريون اتي روڊ ته آهي ئي ڪونه ۽ اهو گرائونڊ کان ٻه هزار فوٽ مٿي آهي. توهان سئو مڻ چن جي ٽرڪ ڪيئن کڻي ويندا جيڪا ٺٽي کان هلي آهي يا سن کان آيل پاڻي مٿي ڪيئن پڄائيندا. اتان جي ليبر جي ماني اهي سڀ مسئلا پنهنجي جاءِ تي هوندا آهن، جنهن جي ڪري ڪم تمام صبر سان ڪرڻو پوندو آهي. ٻيو وري يونيسڪو جي ڏنل گائيڊ لائين آهي ته ڪم وري ڊاهي ٺاهڻ جهڙو هجي. جيڪڏهن ڪٿي ڪا غلط شيءِ ٺهي ٿي وڃي ته ان کي کولي وري ٺاهي سگهجي. جيئن ٽائل ۾ اسان کي گهرو رنگ بيهارڻ ۾ ڪيتريون ٽائل ضايع ڪرڻيون پيون، تڏهن وڃي ڪلر ميچ ٿيو. ڇو جو اهو reversible هو، سڄا ٽائل کولي وري نئين لڳائي سين. اسان وٽ سم جو آزار تمام گهڻو آهي، تنهنڪري عمارتن جي پيڙهه ختم ٿيو وڃي. چئن پنجن فوٽن تائين ته عمارت ڄڻ ڳري ۽ ڀُري پائوڊر ٿيو وڃي. اهڙي صورت ۾ اسان عمارت جو فوٽ کن کوٽي ان ۾ جيئن کاٽ هڻبو آهي ان ۾ هڪ هڪ سِر وجهي وري ٻه ٽي فوٽ ڇڏي وري هڪ فوٽ کولي ان ۾ سِرون وجهي مرمت ڪري اڳيان وڌندا آهيون ته جيئن مٿي عمارت تي ڏار نه پون.

زاهده ابڙو: ڪجهه آرڪيالاجيڪل جاين تي جيئن سرڻي جو ڪوٽ آهي ڪجهه ماڻهن قبضا ڪيا آهن. اهڙي صورت ۾ حڪومت ڪيئن انهن ماڻهن کي اتان اٿاري وري انهن تي قبضو حاصل ڪري سگهي ٿي؟

اشتياق انصاري: حڪومت کي وڏا پاور آهن ۽ تازو سپريم ڪورٽ جو آرڊر آهي ته جتي به قبضا آهن انهن کي هٽايو. جيڪڏهن ضلعي انتظاميه چاهي ته اهي قبضا ختم ڪرائي سگهي ٿي. هونئن به هڪڙو قانون آهي ته ڪنهن به اهڙي تاريخي ماڳ جي ٻه سئو فوٽن جي ايراضي اندر توهان ٻي ڪابه عمارت ٺاهي نٿا سگهو، نه اتي دڪان ٿا ٺاهي سگهو نه اتي گهر ٿا ٺاهي سگهو. اهو ڪوبه تاريخي ماڳ هجي. پڪي قلعي تي قبضو آهي ان ۾ سياست جو وڏو حصو آهي، پر جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جو حڪم آهي ته اهو قبضو به ختم ڪرائي سگهجي ٿو ڪو مسئلو ناهي. ان پڪي قلعي اندر رهندڙ ماڻهن کي حڪومت ٻه ڀيرا پلاٽ به ڏنا آهن، پر اهي وڪڻي وري قلعي اندر واپس اچي ويا آهن. نوابشاهه ۾ دهليل ڪوٽ جيڪو ڏاڍو سهڻو آهي اوڏڪي مٽيءَ جو ٺهيل آهي، ان تي ماڻهن جو قبضو آهي اهڙيءَ طرح سرڻي جو ڪوٽ آهي، غلام شاهه ڪلهوڙي جي چوڌاري ماڻهو ويٺا آهن ۽ ان جي ديوار سان گڏ هڪ واش روم ٺهيل آهي، جنهن جو ڊرينيج عمارت کي نقصان پيو پهچائي. هن وقت سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ تمام گهڻي سجاڳي پيدا ڪئي آهي. جيئن ڪاهو جو دڙو ڪنهن زماني ۾ مان ويس ته اتي ٽريڪٽر ٽرالي بيٺي هئي جيڪا اتان ملبو ڍوئيندي پئي وڃي، پر هينئر جيڪڏهن ڪابه اهڙي بد احتياطي ٿئي ٿي ته اتان جو مقامي ماڻهو وڙهي ٿو، ٻيو ڪجهه نه ڪري سگهي ته هڪڙي وڊيو ڪڍي سوشل ميڊيا تي ڏيئي ٿو ڇڏي يا اخبارون ان تي لکن ٿيون، پر ان جي باوجود به اسان کي ڪورٽن جي فيصلن تي عمل ڪرڻ گهرجي ۽ آرڪيالاجي جي اصولن جي مطابق ٻه سئو فوٽن اندر ڪابه عمارت تعمير نه ٿيڻ ڏجي ۽ جيڪڏهن ڪو ايئن ڪري ٿو ته ان جي لاءِ هڪڙو ايڪٽ ٺهيل آهي ان تي ان کي سزا به ملي سگهي ٿي ۽ ڏنڊ به پئجي سگهي ٿو. جڏهن هڪ ٻن کي سزا ايندي تڏهن مثال قائم ٿيندو.

زاهده ابڙو: موهن جي دڙي مان ڪنگ پريسٽ جو مجسمو ۽ سمبارا جي مورتي اصلي اسان وٽ موجود نه آهن شايد اهي انڊيا جي ڪنهن ميوزيم ۾ رکيل آهن انهن کي اسان ڪيئن واپس وٺي سگهون ٿا. هيستائين اسٽيٽ يا صوبائي حڪومت ڪڏهن به انهن کي واپس وٺڻ جي لاءِ ڪي قدم نه کنيا آهن.

اشتياق انصاري: جيئن مون شروع ۾ ٻڌايو هو ته تاريخي ماڳن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ چارٽر ٺهيل آهن، انهن مان ڪنهن هڪ ۾ اها ڳالهه به لکيل آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ملڪ جا آرٽيفيڪٽ ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ رکيل آهن ته اهو ملڪ ان لاءِ دعويٰ ڪري واپس وٺي سگهي ٿو ۽ ڪافي ملڪن ايئن ڪيو آهي. جيئن توهان ڪنگ پريسٽ ۽ ڊانسنگ گرل جي ڳالهه ڪئي، اهي شيون کوٽائيءَ کانپوءِ انڊيا شفٽ ڪيون ويون. جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو ۽ اندرا گانڌيءَ جي وچ ۾ شملا معاهدو ٿيو هو ته ان ۾ ڀٽو صاحب قيدي به رها ڪرايا هئا ۽ اسان جي هزارين ڪلو ميٽر ايراضي به واپس ورتي هئي. ان وقت ڪنگ پريسٽ ۽ ڊانسنگ گرل جي لاءِ به ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. اسان کي ڪنگ پريسٽ ته واپس مليو آهي، اهو ڪراچي ميوزيم ۾ پيل آهي، پر جيڪو موهن جي دڙي تي رکيل آهي اهو ريپليڪا آهي. باقي ڊانسنگ گرل هن وقت تائين انڊيا وٽ آهي. ان وقت ۾ ڪجهه اهڙا آواز اٿيا جن ۾ ڊانسنگ گرل کي مذهب جي آڙ ۾ متضاد ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر هينئر به اسان ان کي واپس وٺي سگهون ٿا. گنجي ٽڪر جي غارن مان اسان جو ڪافي سامان نڪتو جيڪو انڊيا ۾ پيل آهي. ان کان علاوه ڪوٽڏيجي ۾ اسان جون توپون پيل هيون اهي هاڻي لاهور ميوزيم ۾ رکيل آهن، اهي واپس گهرائي سگهجن ٿيون. اهڙيءَ طرح انڊس سول لائيزيشن جون ڪيتريون شيون جيڪي پشاور ۾ پيل آهن اهي واپس وٺي سگهجن ٿيون. اصول اهو آهي ته جيڪڏهن ٻه شيون آهن ته هڪ واپس ڪريو، پر جيڪڏهن ناهن ته ان تي ڪليم ڪري واپس وٺي سگهجي ٿو، اهو بين الاقوامي قانون آهي.

زاهده ابڙو: منهنجي آبرزويشن آهي ته جنهن جنهن ملڪ ۾ تاريخي ماڳ آهن اتي تمام گهڻا ماڻهو سياحت لاءِ پهچن ٿا، ماڻهو پئسو خرچ ڪن ٿا ٽڪيٽ وٺي اهي جايون گهمن ٿا، اسان وٽ تمام قيمتي تاريخي ورثو موجود آهي، پر اسان ان مان معاشي فائدو وٺڻ ۽ ان کي سياحت لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪابه پلاننگ نه ڪئي آهي. توهان هينئر جيڪي قديمي ماڳ ريسٽور ڪيو پيا انهن کي سياحت لاءِ ڪيئن استعمال ڪري سگهجي ٿو؟

اشتياق انصاري: دنيا ۾ يورپ آهي يا ٻيا ڪيترائي ملڪ آهن جن ۾ سياحت مان وڌيڪ ڪمايو وڃي ٿو. اسان وٽ ته ماڻهو جيڪو چار پئسا گڏ ڪري ٿو اهو چوندو ته ان مان پٽ کي داخلا وٺي ڏيان يا جاءِ وٺڻي آهي. ٻاهر جي دنيا ۾ سوشل سيڪيورٽيز ايتريون آهن جو سڄو سال ڪمائين ٿا ۽ ان ڪري ٿا ڪمائين جو سوچيندا آهن ته اهي گهمندا يا جيڪي ماڻهو رٽائر ٿين ٿا اهي به گهمڻ لاءِ نڪرن ٿا. ٻاهرين ملڪن ۾ گهمڻ ڦرڻ جي سيزن ۾ اهي ملڪ اسي سيڪڙو سياحن سان ڀريل هوندا آهن. اهڙن ملڪن ۾ جڏهن ايئرپورٽ تي لهندا ته توهان کي انهن جي ماڳن جي لاءِ معلومات جا مرڪز ملندا، توهان کي بروشر ملي ويندا. اسان وٽ اهڙا ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن، رني ڪوٽ، نئين ڪوٽ، حيدرآباد يا گورک جو بروشر ڪٿي به نه ملندو. اتي سياحن کي ڪابه تڪليف ناهي ٿيندي انهن کي توهان رڳو ايترو ٻڌايو ته توهان ڪيترو پئسو خرچ ڪري سگهو ٿا ته اهي توهان کي توهان جي ٽائيم، پئسي ۽ پهچ مطابق گائيڊ ڪندا ۽ توهان جو مسئلو حل ڪندا. جيئن مان ترڪي مان ايران ويس مون کي اصفهان گهمڻو هو، اتي هوٽل واري کي چيم ته مون وٽ ٽائيم گهٽ آهي مون کي ڪجهه ماڳ گهمڻا آهن ۽ مون کي ڪو گائيڊ هٿ ڪري ڏي. هن ٿوري دير مون کي انتظار ڪرڻ لاءِ چيو، ٿوري دير کانپوءِ هڪڙو پروفيسر آيو جنهن کي پنهنجي ڪار هئي ان ٻڌايو ته ڪار ۾ پيٽرول ڪيترو پوندو ۽ مون کان ڪل ڪيترا ڊالر وٺندو. مان جيڪر اهي سڀ جايون ڇهن ڏينهن ۾ ڏسان ها هن مون کي ٻن ڏينهن ۾ گهمائي پوريون ڪيون. اسان وٽ ايڏو سارو ٽوئرزم جو محڪمو آهي، پهريان ته PTDC هو، هاڻي اهو STDC ٿي ويو آهي. انهن جي طرف کان اهڙيون سهولتون ايئرپورٽ تي هجڻ کپن.

زاهده ابڙو: گورک هل اسٽيشن جي سالن کان پلاننگ ٿئي پئي، بجيٽ به مختص ٿئي ٿو، فنڊ به اچن ٿا، پر اتي ترقياتي ڪم تمام سست رفتاري  سان نه ٿيڻ جي برابر ٿي رهيو آهي ان جا ڪهڙا سبب آهن.

اشتياق انصاري: اصل ڳالهه ته اها آهي ته اسان جي ڪنهن به شعبي ۾ ترقي ناهي ٿي چاهي صحت هجي يا تعليم هجي، ٽوئرزم هجي يا ٻيو ڪو محڪمو هجي ان جا سبب ڪيترائي آهن ۽ سڀني کي معلوم آهن.

زاهده ابڙو: توهان روم، ويٽڪن سٽي، عراق، اسپين، ترڪي، فلورنس انهن ملڪن مان گهمي آيا آهيو، اتان جي جيڪڏهن قديم عمارتن کي سنڌ جي عمارتن سان ڀيٽجي ته انهن ۾ ڪهڙي هڪ جهڙائي آهي ۽ ڪهڙو فرق آهي.

اشتياق انصاري: ايسٽ يورپ ۽ ٻيا شهر گهمڻ جو مون کي موقعو مليو. مان جتي به ويندو آهيان ته اتي منهنجي پهرين چونڊ تاريخي ماڳن جي هوندي آهي. مان جتي به ويندو آهيان پهرين اتان جا ميوزيم گهمندو آهيان. هينئر تازو هڪڙو واقعو ٿي گذريو آهي جنهن ۾ توهان ڏٺو هوندو ته پڪي قلعي کي بيلچن، ڪوڏرن ۽ مترڪن سان ان جا در ڀڳا ويا. جيڪڏهن ٻاهر ٻئي ڪنهن ملڪ ۾ ڪوبه ڪم ڪرڻو هجين ها ته اهو برش سان ڪن ٿا. وڌ ۾ وڌ ڇيڻي يا هٿوڙو استعمال ڪن ها. اهڙا خطرناڪ هٿيار استعمال ئي نه ڪبا آهن. اتي اسان تاريخي ماڳن تي شاگردن کي ڪم ڪندي ڏٺو ته ٽي ٽي چار چار مهينا شاگرد پراجيڪٽن تي ڪم پيا ڪندا آهن جن جو تعلق آرڪيالاجي سان هوندو آهي. يونيورسٽيون به انهن کي ايڊ ڏينديون آهن، جيئن اسان وٽ سنڌ يا خيرپور يونيورسٽيون آهن ٻنهي وٽ آرڪيالاجي جو ڊپارٽمينٽ آهي. هڪ پراڻو قصو ٿو توهان کي ٻڌايان ته هڪ آرڪيالاجيءَ جو گريجوئيٽ مليو جنهن کان پڇيم ته موهن جو دڙو ڏٺو اٿئي، هن جواب نه ۾ ڏنو، جنهن تي اها ڳالهه مون ڪنهن ٻئي هنڌ ڪئي ۽ اها ڳالهه اخبار جي هيڊنگ ۾ اچي وئي ۽ پوءِ وي سي مون سان مليو ته چيائين اڄ ئي مون آرڪيالاجيءَ جي ڊپارٽمينٽ جي هڪ بس ڀرائي موهن جي دڙي موڪلي آهي ته جيئن هو وڃي ڏسي اچن. اسان وٽ کوٽائيءَ لاءِ جيڪا به ٽيم ٻاهران اچي ٿي اهي پنهنجا ماڻهو کڻي ٿا اچن. ٿيڻ ايئن کپي ته چار شاگرد مهراڻ جا، چار خيرپور جا، چار سنڌ جا، چار شاگرد پشاور جا، جتي به آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ آهي انهن کي گهرائي ان ٽيم ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن انهن جي تربيت ٿئي ته کوٽائي ڪيئن ٿيندي آهي، صفائي ڪيئن ٿيندي آهي، مٽيءَ کي ڪيئن ڇاڻبو آهي، آرٽيفيڪٽن کي ڪيئن محفوظ ڪيو ويندو آهي، انهن جي رپورٽ ڪيئن ٺهندي آهي. اهي ٽيمون اچن ٿيون ٻاهران ماڻهو کڻي ٿيون اچن پوءِ انهن جون پي ايڇ ڊيون پوريون ٿيو وڃن ۽ وري جيڪي شيون کوٽائيءَ مان ملن ٿيون انهن جون ٻوريون ڀريو کڻيو وڃن ته اسان تحقيق ڪري موٽائي ڏينداسين. نه اهي شيون واپس آيون، نه انهن جا نتيجا آيا. رپورٽ رائيٽنگ سڀ کان ڏکيو ڪم هوندو آهي، هاڻي هي ڪتاب جيڪو توهان ڏسو پيا (ڪتاب ڏانهن اشارو ڪندي) ڪاٺ ٻانڀڻ جي ٺل تي ٿيل تحقيق تي لکيل ڪتاب آهي، ان ۾ اهو سڀ ڪجهه لکيل آهي ته اسان کوٽائي ڪيئن ڪئي، ڪهڙيون ڪهڙيون شيون مليون، ڪهڙي سطح تي مليون، زمين ۾ ڪيترو هيٺ وياسين.

اسان ان کي پهريائين ٻڌ جي زماني جو ٺل سمجهو ويٺا هئاسين، پر جڏهن ان جي هيٺان وڃي کاٽ هڻي اسان کي ٻارهين صديءَ جي سمان دور جو سامان ٿو ملي، اها اسان جي تاريخ جنهن کي اسان ٻڌ جي دور سان ڳنڍيو ويٺا هئاسين اها تحقيق جي نتيجي ۾ پوري ٿي وئي. مان پاڻ به ان ڳالهه جو چرچو ڪندو هئس ته نه اهو ٻڌسٽ ٺل آهي، پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي. ڇو ته ان مان هزارين شيون مليون، پر نه ڪا ٺڪري، نه ڪو سڪو، نه ڪا ٻي شيءِ ٻڌسٽ دور جي ملي. جيئن توهان جو پهريون سوال هو ته آرڪيالاجي ڇا آهي، آرڪيالاجي اها ئي آهي جنهن ۾ اسان تاريخي يا تاريخ کان اڳ ۾ جي شين کي کوٽائي مان ڪڍي انهن تي تحقيق ڪري ۽ صحيح دور جي نشاندهي ڪريون ٿا، اها آرڪيالاجي آهي.

زاهده ابڙو: هينئر اسان وٽ سڀني يونيورسٽين مان آرڪيالاجي جي شعبي مان جيڪي شاگرد اچن ٿا ڇا انهن ۾ اها اهليت آهي جو اهي آرڪيالاجي جي شعبي ۾ ڪم ڪري سگهن.

اشتياق انصاري: اسان جا شاگرد ته ڪافي نڪرن ٿا. پهرين ته اسان وٽ اهو شعبو صرف پشاور ۾ هوندو هو، پر پوءِ خيرپور ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ به قائم ٿيو. جيڪڏهن شاگردن کي توهان آرڪيالاجي جي شعبي ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏيو ته هو پنهنجو پاڻ کي ثابت ڪري سگهن ٿا، پر ٿئي ايئن ٿو ته ڪيترائي آرڪيالاجيءَ جا گريجوئيٽ جڏهن نڪرن ٿا ته بيروزگار رهن ٿا يا وري ڪو سنڌيءَ جو استاد ٿي وڃي ٿو. مون کي ياد آهي ته پندرهن سال اڳ آرڪيالاجي جي شعبي مان هڪ گريجوئيٽ پاس ٿي نڪتو، اهو هن وقت به هڪ استاد جي طور تي ڪم ڪري رهيو آهي. آرڪيالاجيءَ جا ڪيترائي شعبا آهن، جيئن اسان وٽ سنڌ ميوزيم آهي، پڪو قلعو آهي ان ۾ آرڪيالاجيءَ جو شعبو آهي، ان ۾ اهي ماڻهو رکو جن جو تعلق آرڪيالاجيءَ سان آهي. هاڻي ان ۾ سوشيالاجيءَ جا ماڻهو ويٺا آهن يا هسٽريءَ جا ماڻهو ويٺا آهن، پر جيڪڏهن توهان آرڪيالاجسٽ ويهاريندوَ ته اهي ڪنهن به قسم جو خطرو نه کڻندا ۽ عمارتن جي حفاظت بهتر طريقي سان ڪندا ۽ ان کي نقصان نه پهچائيندا، پر جيڪو ماڻهو سوشيالاجي پڙهيو آهي يا جيالاجي پِڙهيو آهي يا تاريخ پڙهيو آهي ان کي آرڪيالاجيءَ جي ڪهڙي خبر. اسان آرڪيالاجيءَ جي شعبي ۾ جيڪڏهن وزير کان وٺي ٽيڪنيڪل ماڻهوءَ تائين آرڪيالاجسٽ ويهارينداسين ته ان شعبي ۾ بهتر ڪم ٿي سگهندو، پر ان محڪمي جو جيڪو اڳواڻ آهي ان کي ئي آرڪيالاجيءَ جي خبر نه هوندي ته اهو ڪم ڪهڙي طريقي سان ٿي سگهي ٿو اها توهان کي خبر آهي. اهڙي طريقي سان توهان ڏسندا ته جيڪي مختلف ماڳن جون ٽيڪنيڪل ڪميٽيون آهن انهن ۾ آرڪيالاجيءَ جا ماهر ڪيترا آهن. ان شعبي مان جيڪي نوجوان نڪرن ٿا انهن کي آرڪيالاجيءَ جي شعبي ۾ نوڪريون ملڻ کپن. ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته جيڪي به فريش گريجوئيٽ نڪرن ٿا اهو چاهي ڪهڙي به فيڪلٽي مان نڪري ان کي فيلڊ ۾ ڪم ڪرڻ کانپوءِ سڀ ڪجهه سمجهه ۾ ايندو آهي ۽ مهارت حاصل ٿيندي آهي. جيڪڏهن آرڪيالاجي جي شاگردن کي به توهان موقعو ڏيندوَ جيئن ڪٿي هنن ڪنهن عمارت جي ريسٽوريشن ڪئي يا ڪٿي کوٽائيءَ ۾ حصو ورتو يا ڪنهن ٽيم سان گڏ وڃي سروي ڪئي ته انهن جي تربيت پئي ٿيندي ۽ اهڙيءَ ريت پوءِ هڪ تربيت يافته آرڪيالاجسٽ ٿي ٿي ويندو ۽ پنجن ڏهن سالن اندر اهو باقائده ماهر ٿي ويندو. اسان وٽ تربيت جا ڪورس ٿين ڪونه ٿا، کوٽايون ٿين ٿيون ته ان ۾ ٻاهر جا ماڻهو اچن ٿا. هاڻي ثقافت کاتو جيڪڏهن ڪا کوٽائي ڪرائي ٿو ته انهن کي ڪوشش اها ڪرڻ گهرجي ته شاگردن کي ان ڪم ۾ شامل ڪيو وڃي. ڪلاس ۾ ته رڳو بنيادي شين جي باري ۾ پڙهايو ٿو وڃي، پر عملي طور تي فيلڊ ۾ ئي سکيا ٿيندي آهي.

زاهده ابڙو: جڏهن توهان کي ڪا سِر، ڪو سڪو، ڪو ٺڪر يا ڪوبه آرٽيفيڪٽ ملي ٿو ته ان جي عمر جو اندازو ڪيئن لڳائيندا آهيو. ان جا ڪهڙا اصول آهن؟

اشتياق انصاري: اڄڪلهه ڪاربان ڊيٽنگ اچي وئي آهي. ڪاربان ڊيٽنگ ليبارٽري جو هڪ پراسيس آهي، جنهن ۾ مليل مٽيريل ۾ ڪاربان جو ريشو ڪيترو آهي معلوم ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن موهن جي دڙي جي ڪاربان ڊيٽنگ نه ٿئي ها ته اسان کي ان جي عمر جو اندازو نه ٿي سگهي ها. جيڪا به شيءِ کوٽائيءَ مان ملي ٿي ان جي ڪاربان ڊيٽنگ ٿئي ٿي، پر ان کان علاوه جيڪڏهن توهان فيلڊ ۾ وڃو ٿا ته ٽيم جا ماڻهو جيڪا به شيءِ ملندي آهي ان کي جمع ڪندا ويندا آهن، چاهي ڪو هڏو هجي، ٻوٽا هجن، ٿانون جا ٽڪرا هجن يا ان جا داڻا هجن ۽ هر ڪنهن شيءِ جا ڌار ڌار ماهر هوندا آهن، جيڪو ٻجن جو ماهر هوندو اهو ٻج ڏسندو، جيڪو ٺڪر جي ٿانون جو ماهر هوندو اهو ان کي ڏسندو ۽ اهو ڏسندا ته ڪو ڪاٺ جو ٽڪر مليو ته اهو ڪهڙي دور جو آهي، جيڪڏهن ڪا سپي ملي ته ان کي به الڳ ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن موهن جي دڙي مان اسان کي جَوَ ۽ ڪڻڪ نه ملي ها ته اسان کي ڪيئن خبر پوي ٿا ته ان دور ۾ به اهي شيون هيون. اسان کي جيڪي ٺڪر جا ٿانو ملن ٿا ان جي rim هر ڪنهن دور جي پنهنجي آهي. جيڪڏهن موهن جي دڙي جو ٿانو آهي ته ان جي rim الڳ آهي، ان جي ٿولهه پنهنجي آهي، ان تي نقش نگار ان دور جا آهن. اهي نقش نگار وري اسان ٻين ملڪن جي ان وقت جي ملندڙ شين سان ڀيٽيون ٿا. مثال طور: اسان وٽ مدر گاڊيس آهي، جنهن کي ڌرتي ماتا به چئون ٿا. موهن جي دڙي مان اسان کي عورتن جا ڪافي بُت مليا آهن. ڪنهن کي مٿي تي ڍڪڻ آهي، ڪنهن جي ڳلي ۾ زيور پيا آهن. اهڙا ساڳيا عورتن جا بُت اسان کي آسٽريليا مان به مليا آهن ته عراق مان به مليا آهن، ميسوپوٽيميا مان به مليا آهن. اسان کي Venus of Willendorf آسٽريا مان ملي آهي، جنهن جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته لڳ ڀڳ ٽيهه هزار سال پراڻي آهي. اهو بُت اسان کي موهن جي دڙي مان به ملي ٿو، ان دور ۾ ماڻهو ڌرتيءَ کي مدر گاڊيس يا ڌرتي ماتا سمجهندا هئا ۽ پوءِ ان کي ماءُ جي روپ ۾، بُت جي روپ ۾ ٺاهيو. جيئن اڄ ڏينهن تائين اسان وٽ آهي ديوي ماتا، هنگلاج به آهي، ڪالي ديوي به آهي، شيران والي آهي. اسان شيءِ جي مٿان ڪا تصوير ٺهيل ڏسي يا ان جي ٿانو جي ٿولهه ڏسي يا ان جي rim ڏسي اندازو ڪندا آهيون ته هيءَ شيءَ ڪيترا سال پراڻي آهي يا تازي ٺهيل آهي.

زاهده ابڙو: اينڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ ڪنهن به عمارت جي چونڊ ڪيئن ڪندو آهي ته ان کي پريزو ڪرڻو آهي يا ان کي رينوويٽ ڪرڻو آهي يا ڪنزرو ڪرڻو آهي؟

اشتياق انصاري: پهرين ته اهو ڏٺو ويندو آهي ته ڪنهن به ماڳ جي اهميت ڪهڙي آهي. جيئن رني ڪوٽ آهي ان جي پنهنجي جاءِ تي اهميت آهي. شاهه بهارو جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن ڪيتريون جنگيون وڙهيون، ان مان ڪابه جنگ نه هارايائين. نئين ڪوٽ تي ڪم ڪيوسين،  ڪابه جاءِ جنهن جو تاريخي پسمنظر هجي، اروڙ ۾ ڏهاڳڻ سهاڳڻ جا مقبرا آهن. مانجهند ۾ هاڻي اسان دولهه دريا خان جي اوطاق ريسٽور ڪئي آهي يا مانجهند ۾ گوبند رام درٻار مندر آهي جنهن کي اسان ريسٽور ڪيو آهي. هڪ ته عمارت جو يا ان ماڳ جو ڪو تاريخي پسمنظر هجي، ٻيو  ان جي عمارت سازيءَ ۾ آرڪيٽيڪچرل خوبصورتي هجي. شاهه بهارو جي نيل ۾ ويهه کان وڌيڪ قسمن جا ٽائل استعمال ٿيل آهن ۽ تيرهن فوٽ اوچائي آهي. ان کي اسان کي بچائڻو هو. جيئن دولهه درياهه خان جي اوطاق آهي جيڪا سمان دور جي اها واحد عمارت آهي جيڪا رهائش جي ڪم آئي، ان دور جا اسان کي مقبرا ته ملن ٿا، قبرن جي مٿان ڏنل ڇتريون ملن ٿيون، پر رهائش جي ٻي ڪابه عمارت نٿي ملي. دولهه دريا خان جي اوطاق هڪ منفرد شيءِ هئي جنهن کي اسان ريسٽور ڪيو. ڊگهه بالا ۾ اسان اهو ڪم ڪريون پيا ان جي پنهنجي هڪ تاريخي حيثيت آهي. ڇو ته ٽالپر شروع ۾ ڊگهه بالا ۾ اچي رهيا واهي پانڌي واري پاسي، پر ان ۾ اندر جيڪو فرسڪو ورڪ آهي جيڪو آرٽ آهي يا جيڪي تصويرون آهن ڪٿي سسئي پنهون جي تصوير آهي ته ڪٿي عمر ماروي جي آهي، ڪٿي شڪار جي تصوير ٺهيل آهي ته ڪٿي ڪو لشڪر پيو وڃي. اسان چوندا آهيون ته اهي تصويرون به محفوظ ٿي وڃن. ماڻهو ته اتي پنهنجا فون نمبر لکيو وڃن. اسان چاهيون ٿا ته اتي جيڪو آرٽ ۽ ڪرافٽ موجود آهي ان کي محفوظ ڪيو وڃي. اسان وٽ في الحال هينئر ڪوبه فرسڪو جو ماهر ڪونهي جنهن تي اسان ڀروسو ڪري ان کي اهو ڪم ڏيون. ان ڪري اسان في الحال جيڪو ڪم بچيل آهي ان کي محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش پيا ڪريون ته جيئن ان تي موسمي اثرن کان بچائي سگهجي.

زاهده ابڙو: ڇا ڪجهه بين الاقوامي ادارن سان توهان جا ڪي اهڙا معاهدا ٿيل آهن جيڪي هو توهان جي مختلف پراجيڪٽن ۾ مدد ڪري سگهن؟

اشتياق انصاري: ان لاءِ ثقافت کاتو موجود آهي انهن وٽ مختلف ملڪن مان ماڻهو ايندا رهن ٿا. جيڪو به MOU صحيح ٿئي ٿو يا معاهدا ٿين ٿا اهي انهن کي ظاهر نٿا ڪن ته هنن آرڪيالاجيءَ جي ميدان ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ڪهڙن ملڪن سان ڪهڙا معاهدا ڪيا آهن. ان ڪري اهي شيون عام نٿيون ٿين. اسان به انهن جي ڪم ۾ دخل اندازي نٿا ڪريون. ان ڪري اسان جو ڪنهن به بين الاقوامي سطح تي ڪو معاهدو ناهي ٿيل، پر اسان لاهور مان مقامي ماهرن کي گهرائيندا آهيون انهن کان رهنمائي وٺندا آهيون، اهي اسان کي ڪنهن به قسم جو مسئلو ٿيندو آهي ته ان ۾ مدد ڪندا آهن.

زاهده ابڙو: ڇا توهان جي ڪا ويب سائيٽ آهي يا جيڪو ڪم توهان ڪيو آهي ان جو ڪو ڪيٽلاگ موجود آهي؟

اشتياق انصاري: ها بلڪل اسان جي ويب سائيٽ موجود آهي ۽ جيڪو به ڪم ڪريون ٿا اهو لکت ۾ موجود آهي. اسان جنهن به ڪم ۾ هٿ وجهندا آهيون ان جي پهرين سروي رپورٽ ٺاهيندا آهيون ته ان تي ڪيترو خرچ ايندو. مثال طور: ٻه ٽي ڏينهن پهرين اسان مرزا قليچ بيگ جي لائبريري ڏسي آياسين. جنهن جو توهان اندازو ڪريو ته ان دور ۾ برٽنيڪا، شيڪسپيئر جا واليومز پيا آهن، ان وقت جو جيڪو به ڪلاسڪ ادب آهي پيل آهي. هاڻي اسان ڏسنداسين ته لائبريري جي اهميت ڪيتري آهي ۽ عمارت جي اهميت ڪيتري آهي، ان کي ڏسي اسان هڪڙي رپورٽ ٺاهي موڪلينداسين ته ان کي محفوظ ٿيڻ کپي ته ساڳئي وقت وري ان ڌر سان به هڪ معاهدو ڪنداسين ته اسان جو ان تي ٻه يا چار رپيا خرچ ڪريون ته سڀاڻي ايئن نه ته ڪو ماڻهو در تي اچي توهان ان لاءِ در نه کوليو. بلڪه اها عوام لاءِ کليل رهندي، پهرين ته اسان انهن کي اها آفر ڪندا آهيون ته اهي ان کي وڪرو ڪن، وٺي اسان ان کي ريسٽور ڪري پبلڪ لاءِ عام ڪري ڇڏيون. اسان جو مقصد هوندو آهي ته اسان جيڪا به شيءِ ٺاهيون پيا اها پبلڪ لاءِ عام هجي ته اهي اتي اچي سگهن، ويهي سگهن، پڙهي سگهن.

زاهده ابڙو: ٿرپارڪر ۾ ڪجهه مندرن ۽ اسٽوپائن جي ريسٽوريشن جو توهان وٽ ڪو پلان آهي؟

اشتياق انصاري: حقيقت ۾ اتي ٻڌسٽ کان وڌيڪ جين مندر آهن. نئين ڪوٽ کي جيڪو صفا ختم ٿي ويو هو ان کي اسان ريسٽور ڪيو آهي. هينئر جيڪڏهن توهان ان جون تصويرون ڏسندا ته توهان کي مزو ايندو. ٻيو وري اسان ويرا واهه جو مندر ريسٽور ڪيو آهي. ننگر پارڪر شهر ۾ جيڪو مندر هو ان کي ريسٽور ڪيو آهي، ان ئي شڪل ۾، جيڪي ان ۾ پٿر لڳل آهن جنهن ۾ ديوين ۽ ديوتائن جون تصويرون اڪريل آهن ان کي محفوظ ڪري اسان ميوزيم ٺاهي ڇڏيو آهي. باقي ڀوڏيسر جو جيڪو مندر آهي ان جي پليٽ فارم کي اسان ريسٽور ڪري ويا آهيون، باقي مندر ايترو ته ڪمزور آهي جو ان کي تارون ڏيئي ٻڌو آهي، ان جي ايئن سمجهو ته عمر ختم ٿي وئي آهي. اسان وٽ اهڙا ماهر موجود ڪونه هئا جيڪي هام هڻي سگهن ته اهو اسان کي ٺاهي ڏيندا. ان ڪري اسان سوچيو آهي ته ٻاهران ماڻهو گهرايون جيئن انڊيا ۾ اهڙا مندر ٺهن ٿا، پر جيئن ته اهو بارڊر جي ويجهو آهي، ان ڪري اسان کي اڃان رسائي نه ٿي آهي، پر جيڪو اسان کان نٿو ٿي سگهي ان کي تباهه به نه ڪريون، في الحال جيترو ٿي سگهيو آهي ان کي اتي ئي محفوظ ڪيو اٿئون، ان جو پليٽ فارم ٺاهيو آهي. بارڊر هجڻ جي ڪري اتي چيڪ پوسٽون تمام گهڻيون آهن ۽ ڪافي مشڪلاتون آهن. اهو ڪم تڏهن ئي ٿي سگهي ٿو جڏهن مٿانهين سطح تي حڪومت اهڙو ڪو قدم کڻي ۽ ان کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري.

زاهده ابڙو: ڇا ڀلا توهان تعميرات جي سلسلي ۾ ڪو تربيتي ڪورس وغيره به ڪرائيندا آهيو ته جيئن انهن پراڻين عمارتن کي ريسٽور ڪرڻ ۾ اهي ماڻهو ڪم اچي سگهن؟

اشتياق انصاري: ان ۾ اسان ڪجهه ڪورسز ڪرايا آهن جنهن ۾ ڪجهه ماڻهو جيڪي اڳ ۾ ئي ان ڪم جا ماهر آهن اهي به شامل آهن ڪجهه يونيورسٽي جا شاگرد به شامل آهن، انهن کي تربيتي ڪورس ڪرايا ويا آهن. هڪ دفعو مڪلي تي ٿيو آهي، غلام شاهه ڪلهوڙي تي جڏهن اسان ڪم ڪري رهيا هئاسين تڏهن به اسان نوجوانن کي گهرايو هو. وقت بوقت اهڙي قسم جا ڪورسز ٿيندا رهندا آهن. اسان وٽ اڳ ۾ رازا ان ڪم لاءِ نه هئا رڳو سيمينٽ جو ڪم ڪرڻ لاءِ هئا، پر هاڻي اهڙا ماڻهو تيار ٿي ويا آهن جيڪي چيرولي ۾ ڪم ڪن ٿا. چيرولي هڪ خاص پٿر آهي جنهن کي هڪ خاص گرمي پد تي ساڙي، ڪٽي ان مان پائوڊر ٺاهي پوءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. هاڻي اسان وٽ اهي ماڻهو پيدا ٿي ويا آهن جيڪي چيرولي تي ڪم ڪري سگهن ٿا. اسان جا تيار ڪيل ماڻهو وري ثقافت کاتي ۾ به ڪم ٿا ڪن. شروعات ان ڪم جي انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ ڪئي. شهدادڪوٽ ڏانهن هينئر ڪم هلي پيو، اتي اسان جو سپروائيزر تربيت يافته آهي. ايئن ڊگهه بالا ۾ اسان جو هڪ سپروائيزر آهي اهو به تربيت يافته آهي جنهن جي هيٺان چار پنج رازا ڪم ڪري رهيا آهن، اهي اتان جا مقامي ماڻهو آهن. ٿر ۾ جن ماڻهن ڪم ڪيو اهي اتان جا مقامي ماڻهو هئا. هاڻي اهي سڀ چيرولي، چُن ۽ مٽيءَ جا ماهر آهن.

زاهده ابڙو: اشتياق صاحب عام ماڻهن کي پيغام ڏيو ته جيڪڏهن انهن جي ارد گرد ڪو اهڙو ڪو ماڳ نظر اچي ٿو جنهن مان ڪجهه شيون ملن ٿيون ته اهي انهن جي ڪيئن حفاظت ڪري سگهن ٿا ۽ ڪيئن اعليٰ اختيارين کي آگاهه ڪري سگهن ٿا.

اشتياق انصاري: اها حقيقت آهي ته جيئن اسان جا پيءُ ڏاڏا هئا ۽ انهن جو احترام ڪريون ٿا تيئن اسان کي پنهنجي لوڪ ورثي جو به احترام ڪرڻ کپي. اسان کي پنهنجي ورثي کي به ان انداز سان ڏسڻ گهرجي جيئن اسين پنهنجي خاندان جي ورثي کي ڏسون ٿا. سوشل ميڊيا جي ڪري ڪافي سجاڳي آئي آهي. جيئن هاڻي موهاٽا پيلس جو مسئلو ٿيو آهي ته سڄي سنڌ ساٿ ڏيئي رهي آهي. جيڪڏهن ڪٿي به نقصان ٿئي ٿو ته نوجوان اٿي ٿو. پهرين هي کاتو وفاق جي هٿ ۾ هو اسان کي جيتوڻيڪ شيون دير سان مليون آهن، پر اسان هاڻي صحيح رخ ۾ ڪم ڪري رهيا آهيون. پهرين رڳو اسان کي موهن جو دڙو نظر ايندو هو، پر هاڻي موهن جي دڙي جي عمر جا ٻيا ڪيترائي ماڳ مليا آهن، ڪيترا غار مليا آهن، اسان کي پٿر جي دور جا اوزار مليا آهن. اميد آهي ته سڀاڻي جا نوجوان اسان کان وڌيڪ پنهنجين شين سان پيار ڪندا ۽ جيڪڏهن ڪٿي ڪا ڪوتاهي ٿيندي ته هو اٿي بيهندا ۽ ان سان ڪنهن کي به هٿ چراند ڪرڻ نه ڏيندا. هن وقت اسان جا سنڌي چئنل به ان قسم جي ماڳن جي لاءِ دستاويزي فلمون ٺهرائي رهيا آهن جيڪا تمام سٺي ڳالهه آهي ۽ انهن دستاويزي فلمن کي سنڌ جو ماڻهو تمام شوق سان ڏسي ٿو.