خاص

شوڪت عزيز صديقي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران جذباتي

سپريم ڪورٽ ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي برطرف جج شوڪت عزيز صديقي ڪيس جي ٻڌڻي دوران روسٽرم تي اچي جذباتي ٿي ويو. جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ ڪئي. ٻڌڻي دوران شوڪت عزيز صديقي پاڻ روسٽرم تي آيو ۽ چيائين ته ادارن جا سربراهه ۽ ان وقت جو چيف جسٽس ثاقب نثار منهنجي پويان لڳل هئا، ان کانپوءِ توهان مون کي ڦاهي ڏيندئو ته ڏئي ڇڏيو، جيڪڏهن توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪيان ها ته ڇا ٿئي ها؟ 23 سال وڪيل طور، 7 سال جج طور ۽ 3 سال سائل طور ٿي ويا آهن، ان نظام کي چڱي ريت سمجهان ٿو. جسٽس عمر عطا بنديال ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته حامد خان صاحب! توهان ڄاڻي واڻي خاموشي اختيار ڪئي آهي، جهڙي ريت توهان جو اصيل ڳالهائي رهيو آهي، اهو هر لحاظ سان غير معياري آهي، جذباتي ٿيڻ جي هتي ڪا جاءِ ناهي. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته سپريم جڊيشل ڪائونسل اهو نه چيو ته توهان تقرير ۾ ڳالهيون غلط ڪيون، پر تقرير ڪرڻ کي مس ڪنڊڪٽ قرار ڏنو. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي اڱاري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.