بلاگ

شيخ اياز سنڌ ڌرتي ماءُ جو روح عبدالحڪيم ارشد

28 ڊسمبر جي تاريخ هر سال جڏهن به ايندي آهي ته صبح جو اٿڻ ساڻ ئي منهنجون اکيون ڀرجي اينديون آهن، مون کي پنهنجو روح رجيل ۽ هانءُ ڇنل محسوس ٿيندو آهي. پنهنجي ٽڪرا ٽڪرا دل کي سميٽيندي، بي اختيار منهنجا هٿ رب پاڪ، جيڪو بي پرواهه بادشاهه آهي، ان جي حضور کڄي ويندا آهن، دل جو سڄو درد چپن تي آڻيندي، آئون مرحوم شيخ اياز لاءِ رحمت، روحاني برڪت ۽ اياز جي جنم ڀوميءَ، ڌرتي ماءُ سنڌڙي لاءِ امن، خير، سلامتي، بقا ۽ خوشحاليءَ لاءِ دعا گهرندو آهيان. اياز، هن ڌرتيءَ  جو ديوانو، سنڌڙيءَ جو سچو ۽ سپتيو عاشق، سنڌي قوم جو رهبر ۽ رهنما، جنهن لاءِ مرحوم جو لفظ لکندي منهنجو هانءُ ڏڪي ٿو، ڪيڏو نه ڀاڳ وارو هو، جو مئي پڄاڻان کيس لطيف سرڪار جو پاڙو نصيب ٿيو هو. 28 ڊسمبر تي جڏهن سڄي سنڌ جا اديب، شاعر، مفڪر، ڏاها ۽ ساڃاهه وند، سنڌي ادبي سنگت جي جوبلي ڪانفرنس ۾ سڄي سنڌ مان ڇڪجي اچي سنڌ ميوزيم هال حيدرآباد ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ڪٺا ٿيا هئا، اهو ڏينهن اسان لاءِ ڄڻ ته عيد جي خوشين جو ڏينهن هو ته اوچتو ان وقت جي سيڪريٽري مان واري اياز گل پنهنجا سڏڪا روڪيندي، اکين مان آب هاريندي اعلان ڪيو هو ته اڄ سنڌ جو عظيم شاعر شيخ اياز اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو آهي، انهيءَ ڪري ادبي سنگت جي جوبلي ڪانفرنس کي اياز جي تعزيتي گڏجاڻيءَ ۾ تبديل ڪيو وڃي ٿو. هيءَ خبر سڄي هال ۾ ويٺل معزز دانشورن لاءِ بجلي بڻجي ڪڙڪي، ڄڻ ته سندن ذهن تي ڇپ ڪري پئي هجي. ٿوري دير لاءِ ته اسين سڀ پنڊ پهڻ بڻجي وياسين ۽ پوءِ هال ۾ سڏڪن ۽ اوڇنگارون جو سلسلو شروع ٿي ويو. اسان سڀني لاءِ اُها گهڙي عظيم الميي جي گهڙي هئي.

اياز، سنڌ ڌرتي ماءُ جو روح هو. اياز، نه رڳو گذريل ويهين صديءَ جو مهان شاعر هو، پر اياز صدين جي صدا هو. اياز، هن مظلوم ڌرتيءَ جي پيڙا جي پڪار جو پڙلاءُ هو. اياز سنڌ تي ڏاڍ، ڏمر، ڏهڪاءُ، جبر، ستم، استحصال، استبداد ۽ پرماريت جي خلاف سچ جو آواز هو، اياز، شاهه عنايت کان جي ايم سيد تائين سنڌ جي سمورن سرويچن سان گڏ ظلم خلاف للڪار هو. اياز، پنهنجي دور جو سقراط هو، منصور ۽ سرمد هو، اياز، سنڌ ۾ هڪ نئين سوچ فڪر جي تاريخ جو سرجڻهار هو. ون يونٽ واري دور ۾ اياز، آس ۽ اميد، آزاديءَ لاءِ هلايل هلچل جو هيرو ۽ زندگيءَ جي تاريڪ راهن تي روشني مثل هو. اياز، لطيف جي ڇيڙيل ساز جي آواز جو پڙاڏو، موئن جي دڙي مان اڀري آيل پڪار جي گونج هو. اياز سنڌ هو ۽ سنڌ اياز هئي. اسين سنڌ وارا اڃان تائين اياز کي سڃاڻي نه سگهيا آهيون شايد زماني جو ڪو نئون سورلي ۽ اينيمري شمل اچي ان کي ڳولي لهن ۽ ان جي فن ۽ فڪر جي تحقيق ڪري، اسان ۾ اياز شناسائي جو شعور اڀارين. اسين ته آهستي آهستي اياز کي وساريندا پيا وڃون، اسان کي خبر ناهي ته اياز روز روز هن ڌرتيءَ تي پيدا نه ٿيندا آهن. اسان لاءِ مشهور هو ته اسين مرده پرست آهيون، پر هاڻي ته شايد اسين مرده پرست به نه رهيا آهيون. ها! اسين خود پرست ضرور ٿيندا پيا وڃون.

گذريل ويهين صديءَ ۾ سنڌي سماج جي تاريخ جا ٻه عنوان اهڙا آهن، جن جو متبادل اسان کي پوري صديءَ جي تاريخ ۾ نٿو ملي. جي ايم سيد ۽ شيخ اياز ٻنهي جون تاريخ تي مهرون لڳل آهن. ڪير پنهنجي قد ۽ بت کي کڻي ڪيترو به ڦهلائي ۽ اينگهائي، پر انهن جو متبادل بڻجي نٿو سگهي. اياز ۽ سيد کانسواءِ سنڌ جي تاريخ نامڪمل آهي، جيڪڏهن هن هيئن چوان ته وڌاءُ نه ٿيندو ته تاريخ اياز ۽ سيد جي آڏو ڪنڌ جهڪائي بيٺي آهي. اياز، علم، فڪر، ڏات ۽ ڏاهپ جو اُهو هماليه آهي، جنهن جي ڊيگهه ۽ ويڪر جو ڪو ڪاٿو به نٿو ڪري سگهجي. اياز، سنڌي شاعريءَ ۾ نئون روح ڦوڪيو هو، نئون موڙ، نئون رنگ ۽ نئون ڍنگ، نوان موضوع ۽ نوان اسلوب ڏنا هئا. اياز، سنڌي شاعريءَ کي اردو ۽ فارسيءَ جي ڪوڙهه کان آجو ڪري، ان کي نج سنڌي محاورا، علامتون، اسلوب ۽ عنوان ڏنا هئا. اياز اسان کي سبق سيکاريو هو ته فن ۽ فڪر جي سوچ جو تاڃي، پيٽو ڌرتيءَ ۽ زندگيءَ مان ئي اڻڻ گهرجي ۽ جيڪو اديب زندگيءَ جي مسئلن کان منهن موڙي ٿو، سو ڪائنر آهي ڪوڙ جو ساٿاري آهي. اهوئي سبب هو جو هن پنهنجي تخليق جو موضوع سنڌڙي ۽ جندڙيءَ کي بڻايو هو. ون يونٽ واري قهري دور ۾ جڏهن ڌرتي ماءُ کي زنجيرن ۾ جڪڙي سنڌ جي وجود کي ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي ته ان جي رد عمل ۾ اياز جا بيت ڀنڀٽ بڻجي ڀڙڪيا. اياز پنهنجي شاعريءَ جي روپ ۾ اهڙو ته صور ڦوڪيو هو، جو سڄي سنڌ اياز جي آواز تي اٿلي پئي هئي، جيئن درياهه ۾ مينهوڳيءَ جي مند ۾ مستي ايندي آهي ۽ هزارين ڪارڪن سر ترين تي رکي، پنهنجي وطن، پنهنجي ڌرتيءَ، پنهنجي ثقافت، ٻولي، جاگرافي ۽ تاريخ جي تحفظ ۽ آجپي لاءِ سينا ساهي ميدان ۾ آيا هئا. اياز ۽ سيد سنڌ ڌرتيءَ جا مسيحا بڻجي اڀريا ۽ اياز سيد ۽ سيد مردن ۾ نئون روح ڦوڪيو، ان کي جاڳايو کين زبان ڏنائون ۽ کين پنهنجا حق کسي وٺڻ سيکاريائون. ڪو مڃي نه مڃي، پر تاريخ گواهه آهي ته سنڌي سماج جي مٿاڇري تي برف جا ڄميل دڳ انهن ئي رجايا، اڄ اسان کي زندگي، زندگيءَ جي راهه تي روان دوان اچي ٿي، ان کي آڱر مان وٺي انهن ئي ته هلڻ سيکاريو هو.

موت هڪ اٽل حقيقت آهي، موت کان ڪوبه بچي نٿو سگهي، اڄ سيد ۽ اياز اسان ۾ موجود ناهن، پر ياد رکڻ گهرجي ته عظيم هستيون، ڏاها، مفڪر ۽ جينيس انسان، آخر انسان ئي هوندا آهن هن ڌرتي ماءُ جي گود ۾ وڃي آرامي ٿين ٿا، پر پنهنجي آدرشن، نظريي ۽ تعليم ۽ مئسيج جي حوالي سان هو اڄ به زنده آهن. هنن اسان کي جيڪو شعور ڏنو هو، ان جي لاٽ کي روشن رکڻ ۽ ايندڙ نسل تائين ان کي پهچائڻ اسان جو فرض آهي، عظيم انسانن جي مڃتا جو صحيح طريقو اهوئي آهي ته هي روشنيءَ جو چراغ جيڪو اڄ اسان وٽ آهي، ان ۾ ڪجهه پنهنجا لڙڪ، ڪجهه پورهئي جو پگهر ۽ ڪجهه رت ڦڙن جو تيل ملائي ان جي لاٽ کي جرڪايون، اسان مان هرهڪ کي پنهنجو حصو ملائڻو آهي. تڏهن ئي اياز جي هن خواب جي تعبير ممڪن ٿي سگهندو ته:

درياهه اندر جا دهشت آ، ڪنهن ڏينهن قيامت ٿي ويندي،

تون مان ته رڳو هن سنڌوءَ تي هڪ لهر اڀاري وينداسين.