ادب

صحافي سڪيلڌي سان ملاقات ڊاڪٽر پيار علي جتوئي March 2021

صحافي سڪيلڌو سنڌ جو نامور صحافي ليکيو وڃي ٿو، هن جا تمام وڏن وڏن ماڻهن سان لاڳاپا آهن ۽ پاڻ اڪثر وڏن ماڻهن جي رنگ برنگي محفلن ۾ شريڪ ٿيندو رهندو آهي. ڪڏهن وڏا ماڻهو کيس پنهنجي پرتڪلف دعوتن ۾ مدعو ڪندا آهن ته ڪڏهن پاڻ چڱن ڀلن رئيس وڏيرن جي شان ۾ اعليٰ تقريبون منعقد ڪندو رهندو آهي، اچو ته ساڻس ڪچهري ڪري ساڻس ويچار ونڊيون.

مان: سائين توهان جو پورو نالو.

سڪيلڌو: شهپرن تي هٿ ڦيريندي ۽ واڇون ٽيڙيندي چوڻ لڳو، سائين منهنجو پورو نالو سڪيلڌو صحافي آهي، جيئن ته مان ٻيا به ڪيترائي ڪم ڪندو رهندو آهيان، پر صحافت ۾ پاڻ کي مڃرائي چڪو آهيان تنهنڪري مان پاڻ کي صحافي سڏائڻ ۽ ڪوٺائڻ ۾ فخر محسوس ڪندو آهيان، (ڏند ٽيڙي هي هي ڪري کلڻ لڳو).

مان: سائين توهان جي تعليم ڪيتري آهي؟

سڪيلڌو: ٿورو شرمائيندي ۽ هٻڪندي چوڻ لڳو، تعليم وري ڇا جي بابا، اسان ڄمندي ڄام هئاسين، اسان کي ان ڪتابي علم جي ڪهڙي ضرورت؟ بابل، اسان تو واري علم کان گهڻو مٿانهان آهيون؟

مان: ها سائين بلڪل صحيح پيا چئو، پر پوءِ به ايترو ٻڌايو ڪيترا پڙهيل لکيل آهيو؟

سڪيلڌو: بس مڙئي ڳوٺ واري اسڪول مان مرحيات بابا هيڊ ماستر تي زور وجهرائي اٺين درجي جي ڪوڙي سند وٺرائي ڏني هئي. ان مهل ته مون کي بابي مرحيات تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي هئي، پر هاڻي سوچيان ٿو ته بابي مرحيات، الله کيس جنت ۾ جڳهه ڏيس، ڏاڍو ڀلو ڪم ڪري ويو جو اهو ڪوڙو سچو سرٽيفڪيٽ ڏياري ويو نه ته هن وقت بک مران ها. (وري ڦڪي کل “هي هي هي ڪري” کلڻ لڳو).

مان: ڀلا سائين ڪجهه لکي پڙهي سگهندا آهيو به يا نه؟

سڪيلڌو: ها مڙئي ڌڪا هڻي اکر اکر ڪري پڙهي ويندو آهيان ۽ مهيني وار پنهنجي پگهار واري چيڪ تي سنڌيءَ ۾ صحيح ڪري ويندو آهيان.

مان: حيران ٿيندي پڇيم، ڇا جو چيڪ سائين ۽ ڪهڙي پگهار؟

سڪيلڌو: مڇ کي تاوَ ڏيندي، هيڏي هوڏي نهاريندي رازداريءَ مان چوڻ لڳو اڙي موڳا مٽر توکي خبر ناهي نه، مان پاڻ واري ڳوٺ واري اسڪول ۾ ماستر به آهيان.

مان: هانءُ ڦاڙ رڙ ڪندي چيم پر سائين توهان هينئر ته چيو ته توهان اڻپڙهيل آهيو پوءِ ماستري جي نوڪري ڪيئن ملي؟

سڪيلڌو: مون تي ٽوڪ واري انداز ۾ چوڻ لڳو “اڙي ماستر ٿيڻ لاءِ پڙهيل لکيل هجڻ ضروري ته ناهي. هونئن به پراڻي زماني جا اٺ درجا اڄوڪي ايم اي کان وڌيڪ هوندا هئا. اچئي ٿو ڏونءُ جو کوڙو، مون کي بر زبان ياد اٿئي” (وري واڇون ٽيڙي گڏهه جيئان هينگون ڏيندو رهيو).

مان: پوءِ به سائين اهو ته ٻڌايو ته آخر نوڪري ڪيئن ملي؟

سڪيلڌو: وڏو ٿڌو ساهه ڀريندي چوڻ لڳو، “الله جنت ۾ جاءِ ڏي بابي مرحيات کي جنهن پاڻ واري ڀوتار جي بنگلي تي حاضريون ڀريندي ڀريندي، آخر مون کي ماستريءَ جي نوڪري وٺرائي ڏئي ويو.”

مان: پوءِ ڀلا سائين اسڪول ويندا آهيو؟

سڪيلڌو: مولا ڀلو ڪري ڪورونا جو، جنهن اسان ماسترن جون موجان ڪري ڇڏيون آهن، اسڪول ئي بند پيا آهن ته پوءِ اسان اسڪول وڃي ڇا ڪريون. پوءِ به حد واري ڊي او کي ماهوار پگهار مان خرچي ڪرائيندو آهيان، جنهن ڪري ٻارن کي پڙهائڻ مان جند آجي لڳي پئي آهي.

مان: حيران ۽ پريشان ٿيندي پڇيم، ڀلا سائين ماستري کان علاوه ڪهڙا ڪم ڪندا آهيو؟

سڪيلڌو: مڇ کي وٽيندي چوڻ لڳو، اڳي ته صبح جو ساجهر اٿي ٻوٿ ڌوئي سڌو ڀوتار جي بنگلي تي وڃي ويهندو هئس. سڄو ڏينهن ڀوتار جي بنگلي تي آئي وئي جي پرگهور لهندو هئس ۽ جيڪا سڻڀي ماني مهمانن لاءِ ايندي هئي، تنهن مان، مان به پنهنجو پيٽ ڀري وٺندو هئس. ڀوتار جي به مون سان دل هوندي هئي، ڀوتار جي هر سٺي بري ڪم ۾ ساڻس گڏ هوندو هئومانس، ٿاڻي جي صوبيدار کان وٺي تر جي سڀني چورن پاٿاريدارن سان پنهنجو واسطو هوندو هو. ڀوتار جا پنهنجا يار ساٿي تن کي شڪار به ڪرائيندو هئس، اهڙي طرح وڏن وڏن ماڻهن سان پنهنجو اٿڻ ويهڻ شروع ٿيو.

مان: ڀلا سائين صحافت ۾ ڪيئن اچڻ ٿيو.

سڪيلڌو: ڏند ٽيڙي وري کلڻ لڳو، “چيم نه ته وڏيري جي اوطاق تي پيو کٽان ڇنندو هئس، هڪ ڏينهن ڀوتار چيو، يار هنن اخباري نمائندن به ڏاڍو ڇتو ڪيو آهي، ننڍڙي ننڍڙي خبر اخبار ۾ ڏيو ويٺا آهن. ڇونه پنهنجو ڪو ماڻهو ان شعبي ۾ هجي جيڪو پنهنجي ڪچين ڦڪين ڳالهين تي پردو رکي سگهي. اهڙيءَ طرح ڀوتار صلاح ڏني ته سڪيلڌا، تون اجايو سڄو ڏينهن واندو ويهي کٽان ٿو پيو ڇنين، ڇو نه تون صحافي ٿئين ته ڏاڍو ڀلو ٿي پوندو” ان ڏينهن کان وٺي صحافت جي دنيا ۾ پير پاتو ته وري پوئتي ناهي نهاريو.

مان: ٻڏتر ۾ پوندي پڇيومانس، پر سائين توهان ته اڻپڙهيل آهيو پوءِ خبرون ڪيئن لکندا آهيو؟

سڪيلڌو: مرڪندي چوڻ لڳو، اڙي موڳا مٽر توکي چيم نه ته ان ۾ اڻپڙهيل هجڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي بس مڙئي جيڪا ٻڌ سڌ تي خبر پوندي آهي سا فون تي اداري کي زباني ٻڌائي ڇڏيندو آهيان. ڳالهه گهٽ هوندي آهي ته ان ۾ پنهنجي پاران مرچ مصالحه هڻي خبر کي اهڙو ته چٽپٽو ڪري ڇڏيندو آهيان جو اخبار وارا به منهنجون خبرون جلدي هلائي ڇڏيندا آهن.

مان: ڀلا توهان اڪثر ڪهڙين خبرن کي وڌيڪ اهميت ڏيندا آهيو؟

سڪيلڌو: سنجيده ٿيندي، اسان هميشه سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن کي اجاگر ڪندا رهندا آهيون مثال طور: ڪارو ڪاري، سڱ چٽي، ٻالڪپڻ جون شاديون توڙي پيار جا پرڻا وغيره.

مان: سائين توهان جا ٻيا ڪهڙا مشغلا آهن؟

سڪيلڌو: ڪياڙي کنهندي ٿوري دير سوچيندي چوڻ لڳو، بابلا اسان ايترا مصروف هوندا آهيون جو ٻيا ڪم ڪرڻ جي فرصت ئي ناهي هوندي. اليڪشن جي دور ۾ ڀوتار جي ورڪ ڪرڻ، ڀوتار جي شان وارا پمفليٽ ٺاهي ماڻهن ۾ ورهائڻ کان وٺي، حد جي ٿاڻي تي نئين آيل صوبيدار کي ڀوتار جي دعوت ڏئي کيس گهرائڻ، ڀوتار جي ڪنهن فرمانبردار چور ڌاڙيل کي ٿاڻي تان ڇڏائڻ يا ڀوتار جي چوڻ تي ڪنهن جي گهر مان ڍڳي چوري ڪرائڻ تائين، ان کان علاوه ڀوتار جي لاءِ رنگين محفلن جو اهتمام ڪرڻ، ڀوتار جي يارن دوستن اعليٰ عملدارن لاءِ شراب ڪباب جو بندوبست ڪرڻ به منهنجي ذمي هوندو آهي. ڀوتار سائين کي ڪٿي دعوت هوندي آهي ته اتي اڳواٽ پهچي ماني ٽڪي ڪرائي وري ڀوتار جي پهچڻ تي سندس شان ۾ زوردار نعرا هڻائي مٿان گلن جي ورکا به ڪندو آهيان. اهي ڳالهيون ڪري رهيو هو ته سندس فون جي گهنٽي وڳي، پاڻ ڏاڍي عزت ۽ احترام مان اٻهرائپ ۾ “جي… جي سائين” ڪري جواب ڏئي رهيو هو ۽ فون رکڻ کانپوءِ يڪدم ڊرائيور کي رڙ ڪري چيائين ڇورا گاڏي اسٽارٽ ڪر، ڀوتار يڪدم بنگلي تي گهرايو آهي.

مان سندس گاڏي ڏسي حيران ٿي ويس ۽ ڊڄندي ڊڄندي پڇڻ لڳو مانس، “سائين توهان اهڙي گاڏي ڪيئن ورتي جڏهن ته ظاهري طور توهان جي آمدني ته ايتري ڪونه ٿي ڏسڻ ۾ اچي.”

سڪيلڌو: ٿورڙي ڪاوڙ مان گهوري نهارڻ لڳو، اڙي چپ ڪر نه ته اخبار ۾ اهڙي خبر هلائيندو سانءِ جو سڄي عمر پيو ترديدون ڪندو رهجانءِ. سڀ ڪجهه مولا جو آهي، مولا ڏيڻ تي اچي ته هن جي اڳيان ڪهڙي دير لڳندي؟ ڏيڻ تي پوي ته ڇپر ڦاڙي به ڏيندو آهي. خدا مون کي ڏنو آهي تنهن ۾ تون ڇو ٿو سڙين؟

مان هيسجي ويس، هٿ ٻڌي عرض ڪندي چيومانس، سائين ڪاوڙ نه ڪريو بس آخر ۾ سنڌ جي عوام لاءِ پيغام ڏيو.

سڪيلڌو: ڪار ۾ ويهندي هٿ سان فتح جو نشان ڏيکاريندي چوڻ لڳو، اسان حق سچ واري صحافت تي يقين رکون ٿا ۽ هميشه حق جو ساٿ ڏنو آهي، انشاءَ الله فتح اسان جي ٿيندي.

ائين چئي سڪيلڌو صحافي گاڏيءَ ۾ چڙهي روانو ٿي ويو ۽ مان پٺيان هزار سوچن ۾ غرق ٿي ويس.

***