صدر، وزيراعظم ۽ ڊپٽي اسپيڪر جو قدم سنگين غداري جي ذمري ۾ اچي ٿو: سنڌ بار ڪائونسل

1762 Shares

سنڌ بار ڪائونسل بي اعتمادي رٿ رد ڪرڻ کي غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو. سنڌ بار ڪائونسل موجب قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جي غير قانوني عمل جي مذمت ڪريون ٿا. سنڌ بار ڪائونسل چيو ته وزيراعظم اسيمبلي ٽوڙڻ جي غير قانوني ۽ غير آئيني ايڊوائس موڪلي، صدر، وزيراعظم، ڊپٽي اسپيڪر جو قدم سنگين غداري جي ذمري ۾ اچي ٿو. سنڌ بار ڪائونسل مطالبو ڪيو ته چيف جسٽس ادارن ۽ ملڪ کي آئيني بحران کان بچائي. سنڌ بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين ذوالفقار جلباڻي اعلان ڪيو ته موجوده آئيني صورتحال تي سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته وڪيل ملڪ ۾ آئين جي بالادستي لاءِ ڪنهن جدوجهد کان نه ڪيٻائيندا.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments