عالمي سياست ۽ طيب اردووان انور علي ڊومڪي Aug 2020

عالمي سياست ۽ اُن جي پسمنظر ۾ ويندي جڏهن گھرائيءَ سان سوچجي ٿو ته پوري دنيا اندر تمام ٿورڙا اهڙا حڪمران آهن جيڪي پنھنجي قوم ۽ قوم جي ايندڙ  نسل جي بقا جي لاءِ هر وقت سوچ ۽ ويچار ۾ هوندا آهن. اهڙن حڪمرانن جو خيال صرف اِهو هوندو آهي ته ڪجهه به ٿئي، ڇا به ٿئي پر قوم ۽ اُن جو نسل دنيا ۾ سرخرو هجي. جيتوڻيڪ اهڙا حڪمران بلڪل نه هجڻ جي برابر آهن، پر سندن اهڙي عمل سان پوري دنيا جي حڪمرانن ۽ اُنهن جي قوم لاءِ هڪ نئون اُتساهه ۽ نئين روشن اُسرندڙ سوچ ثابت ٿيندي آهي. عالمي سياست ۾ هن وقت جيڪا شخصيت نمايان نظر اچي ٿي اُها ڪنھن جي تعارف جي محتاج نه رهي آهي، پر پوءِ به اُن جو ذڪر پڙهندڙن لاءِ لازمي سمجهون ٿا.

ترڪيءَ جو صدر طيب اردووان اُها شخصيت اهي جيڪا پنھنجي قوم سميت پوري دنيا جي مسلمانن لاءِ هڪ اعلى اڳواڻ جو مثال آهي. طيب اردووان کي جيڪڏهن هن وقت پاڪستان جي بھادر پٽ ذوالفقار علي ڀُٽي سان ڀيٽَ ڏيان ته گهڻو وڌاءُ نه ٿيندو ڇو جو شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي ۽ صدر طيب اردووان جي سوچ ۾ ڪو گهڻو فرق نه آهي. طيب اردووان هن وقت ذوالفقار علي ڀٽي جيان عوامي ليڊر مڃرائڻ ۽ پنھنجي ملڪ ترڪيءَ ۾ ڪامياب حڪمران جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. جيتوڻيڪ طيب اردووان ترڪيءَ ۾ ڪافي عرصي کان اقتدار تي ويٺل آهي، پر اقتدار کي هو گلن جي سيج نٿو سمجهي، ڪجهه عرصو اڳ جي ڳالهه آهي جڏهن اوچتو ئي اوچتو کيس فوجي بغاوت کي منھن ڏيڻو پئجي ويو هو، جنھن وقت فوج هن خلاف بغاوت شروع ڪئي ته هِن اُن وقت پنھنجي قوم کي سڏيو ۽ پوءِ دنيا ڏٺو ته کيس ترڪ قوم ڪيڏي بھادريءَ سان سندس سڏَ کي لبيڪ چيو ۽ راتو رات پوري ترڪ قوم روڊن ۽ رستن تي نڪري پئي جنھن نام نھاد فوجي جرنيلن جي ٽئنڪن ۽ توبن جي هيٺان سمهي سندن ناپاڪ ارادن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو.

صدر طيب اردووان پنھنجي قوم لاءِ نوان قانون پاس ڪرايا آهن جنھن ۾ هن وڌ کان وڌ عوامي راءِ جو خيال پڻ رکيو آهي، جنھن ۾ خاص طور اسلامي تعليم، اسڪول ڪاليج ۽ يونيورسٽين ۾ اسلامي تعليم لازمي قرار ڏني وئي آهي. طيب اردووان جو چوڻ آهي ته اسان جنھن معاشري ۾ پليا وڌيا آهيون اُهو معاشرو اسلامي آهي. مسلمان هوندي جيڪڏهن اسان اسلامي روايتن کان پاسيرا رهياسين ته پوءِ اسان مسلمان سڏائڻ جي لائق نه آهيون. ترڪ معاشري ۾ ننڍپڻ جي شادي کي حقارت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي، جنھن کي طيب اردووان وڏي مھارت سان تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هن جو چوڻ آهي ته ننڍپڻ جون شاديون سماجي برائين آڏو ڍال وارو ڪم ڪن ٿيون. هُن جي چوڻ موجب 17 کان 18 سالن جي عمر واريون شاديون ڪامياب ۽ مثبت ثابت ٿينديون آهن. ترڪ معاشري ۾ تمام وڏي عمر ۾ شاديون ڪيون وينديون آهن، جنھن جو نتيجو گهڻو ڪارگر نه رهيو آهي. ترڪ صدر اِهو به چيو ته جيڪي جوڙا ننڍي عمر ۾ شادي ڪن ٿا ۽ 3 کان 4 ٻار پيدا ڪن ٿا ته انهن جي ترڪ حڪومت مالي مدد پڻ ڪندي. انهيءَ کان علاوه هو ملڪ جي اندر عوامي ڀلائيءَ لاءِ نوان سڌارا پڻ متعارف ڪرائي رهيو آهي جن ۾ هن جي ڪابه ذاتي راءِ نه آهي. هن جو چوڻ آهي ته هي ملڪ ۽ هن ملڪ جي حڪومت عوام جي امانت آهي جنھن ۾ خيانت ڪرڻ منھنجي ايجنڊا ۾ شامل نه آهي. ترڪ معاشري جي اندر هڪ اهڙي سگهه به موجود آهي، جنھن جي سوچ ڪجهه مختلف آهي، جن جو چوڻ ڪجهه هن ريت آهي ته هن ملڪ اندر جيڪو قانون اڳ موجود آهي، ان کي ساڳي صورت ۾ رکيو وڃي. اهڙي سوچ وارن کي سيڪيولر سوچ چيو وڃي ٿو، جنھن جي معنى آهي آزاد خيال وارو، جيڪي مذهبن جي پابندين تي يقين نٿا رکن. جڏهن ته مسلمان اسلامي روايتن جو پاسدار آهي ۽ اسلام کي پنھنجي نجات سمجهي ٿو ۽ سيڪيولر سوچ وارو انسان پنهنجو پاڻ کي مذهبي پابندين کان آزاد سمجهندو آهي. سيڪيولر نظريي جي گهڻائي وارن جي سوچ اها آهي ته ترڪيءَ جي اندر سندن راءِ جو به خيال رکيو وڃي، پر هن وقت گهڻائي ۾ مذهبي سوچ رکندڙ ماڻهو موجود آهن ۽ حڪومت به انهن جي حامي آهي.

فوجي بغاوت کانپوءِ ترڪي جي اندر اسلامي سوچ پنھنجي مڪمل طاقت سان نمودار ٿي رهي آهي، جنھن جو مثال خود ترڪ صدر جا اسلامي مرڪزن جا دورا پڻ شامل آهن. ترڪ صدر جو اُهو به چوڻ آهي ته جتي به ظلم ٿيندي نظر آيو، چاهي اُهو مسلمان مٿان هجي يا غير مسلم مٿان، ترڪ حڪومت انساني ناتي اُن جي اخلاقي طريقي سان ڀرپور مدد ڪندي. چاهي اُها جاني هجي يا مالي، جنھن جو مثال برما ۾ ترڪي فوج جي لشڪر ڪشي هئي، جن برما ۾ رونگهيا مسلمانن تي حملو ڪندڙ برمي فوج ۽ برمي ٻُڌمَتِ کي نيست و نابود ڪرڻ هو. اهڙو بھادريءَ وارو ڪم صرف ترڪي ۽ ايران ڪيو، باقي مسلمان ملڪ خاموش تماشائيءَ وارو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ مصروف رهيا. اِهو ته هو اُن بھادر انسان جو ذڪر جنھن ترڪيءَ جي تقدير ئي بدلائي ڇڏي آهي.

هاڻ اسان ذڪر ڪنداسين پنھنجي ملڪي حڪمرانن جو جن سواءِ تباهي ۽ برباديءَ جي ملڪ کي ڪجهه به نه ڏنو آهي، مُني صدي کان عوام معاشي ۽ توانائيءَ جي بحران کي مُنھن ڏئي رهيو آهي، پر اڄ ڏينھن تائين عوام جي تقدير نه بدلجي سگهي آهي، حڪمرانن 70 سالن کان وٺي عوام جي مسئلن تي نه سوچيو آهي. ها، اگر سوچيو آهي ته اُهو هڪٻئي  جي ڄُنڊا پَٽَ تي سوچيو آهي، جن کي نه ملڪ سان محبت آهي، نه عوام سان، اگر محبت اٿن ته صرف اثاثا ٺاهڻ سان. عوام بيروزگاري ۽ بک جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيو آهي، پر هنن جي مٿي تي جونءَ به نـَٿي چُري. ملڪ جي اندر لاقانونيت ايتري ته وڌي وئي آهي جو غريب پنھنجي دانھن به ڪنھن کي ڪونه ٿو ڏئي سگهي. سمورو قانون صرف غريب تي استعمال ڪيو وڃي ٿو، پر امير کي رهنڊَ به  به نٿي اچي. هتي ٻڪري چورَ کي ته هاف فِرائي ۽ ڦُل فِرائي ڪيو وڃي ٿو، پر اربين رپين جي چورَ کي گُلن جا هارَ ۽ سونن تاجن سان گڏوگڏ پوليس پروٽوڪول ۾ منزل مقصود تي پھچايو وڃي ٿو.

جنھن ملڪ ۾ قانون جي طاقت صرف غريب جي خلاف استعمال ٿيندي هجي ۽ اربين رپين جي لٽيري کي ڇوٽ هجي پوءِ ان ملڪ کي طيب اردووان جھڙن بھادر ۽ نيڪ صالح حڪمرانن جي ضرورت آهي، نه ڪي لُٽيرن حڪمرانن جي!!! 

 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments