عالمي مها ڀاري لڙائين جو سنڌ جي ڪوهستان سان تعلق-هڪ تاريخي ۽ تحقيقي جائزو جوکيو جسارت الياس سنڌي
دنيا ۾ جنگيون تھذيبن جي جنم وٺڻ کان اڳ، جاھلاڻي سوچن جي ڪري قديم زماني کان وٺي لڳنديون پيون اچن جيڪي اڄ تائين پنھنجو ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ وجود رکن ٿيون. ڪڏھن مال ملڪيت تي ته ڪڏھن عزت ۽ غيرت تي، ڪڏھن ڪاروبار تي ته ڪڏھن واپار تي، ڪڏھن ٻنيءَ تي ته ڪڏھن ونيءَ تي، ڪڏھن عقيدي تي ته ڪڏھن ترقي ۽ جديد دور ۾ وري دھشتگردي خلاف جنگ جي نالي تي، الغرض جنگ لڳڻ جي تاريخ دنيا ۾ ايترو پراڻي آھي جيترو انسان پراڻو آھي. انسان جڏھن سانڀر کي پھچي ٿو ته کيس مال ملڪيت ۽ ڌن دولت جو شعور ھڙان وڙان ڪري محنت ۽ مزدوري ڪرڻ تي راغب ڪري ٿو ۽ انسان پنھنجي فطري عادت مطابق ڪجھ رکَ ڪري بچت ڪرڻ جو سوچي ٿو. ان دوران ڪا ڳالھ اڻ وڻندڙ ٿئي تڏھن انسان پھرين پنھنجو پاڻ سان ۽ ان کانپوءِ پنھنجي ارد گرد ماحول سان نه ٺھڪڻ جي صورت ۾ نه مڃڻ، ويڙھ ۽ نيٺ بغاوت جو اعلان ڪري ٿو. اھڙي ريت سياسي، سماجي، مذھبي، معاشرتي، اخلاقي، عقلي ۽ عملي طور ھڪ فرد، خاندان، ڪڙم، قبيلو، قوم، ملڪ ۽ دنيا سڀ پنھنجي پنھنجي حدن اندر ھڪٻئي خلاف حوس ۽ لالچ، وڏائي ۽ سھولتن جي اڻاٺ تي، عزت ۽ حق نه ملڻ تي ۽ پنھنجي ضرورتن جي پورائي ڪرڻ خاطر ڪڏھن ڪڏھن جمھوري قدرن جي ذريعي ته ڪڏھن وري آمراڻا طريقي سان پنھنجي اصولن کي ٻين مٿان مسلط ڪرڻ يا ٻين مٿان رعب ۽ دٻدٻو ڄمائڻ لاءِ جنگ ڪندا رھن ٿا جيڪا ھر جيوت ۾ عام ۽ انسانن ۾ خاص ڪري سندس فطرت جو حصو آھي. ڪڏھن ڪڏھن وڏا ملڪ پنھنجي حدن ۽ سرحدن، واپار يا ڏي وٺ، پراڻن پلانڌن يا ويرن، معاشي يا ڪاروباري معرڪن ۾ ھڪٻئي کان گوءِ کڻڻ جي چڪرن ۾ پاڻ ۾ ٽڪرائجيو پون ته ننڍي جنگ مان معاملو وڌي ڪري عالمي يا مھاڀاري ويڙھ جي صورت اختيار ڪريو وڃي جيڪا انسان ذات جي تباھي ۽ قدرتي وسيلن سان گڏوگڏ سموري ڌرتي جي گولي تي وسندڙ سڀني مخلوقن لاءِ آزار ۽ ناسور بڻجيو پوي. اھڙي عالمي لڙائين جا اثر جھڙيءَ ريت شھري علائقن تي پون ٿا بلڪل اھڙيءَ ريت ٻھراڙي ۽ ترقي پذير جڳھين سميت سڄي ڌرتي جي گولي کي پنھنجي لپيٽ ۾ آڻيو ڇڏين. اھڙن ئي ٻھراڙي جي علائقن ۾ سنڌ جا موجودہ ضلعا جھڙوڪ: ٺٽو، ڄامشورو ۽ ملير جي ڪوھستان جو علائقا به شامل آھن جنھن تي انھن مھاڀاري لڙائين جو وڏو اثر پيو جنھن جا آثار ۽ تاريخي ڳالھيون يا رد عمل ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان اڄ به ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ڪوھستان سنڌ جا انھن مھاڀاري لڙائين سان تعلق آھن يا نه؟ ان سوال جي جواب ڳولھڻ لاءِ اچو ته ھتي جي تاريخ کي تحقيق ذريعي پرکڻ جي ڪوشش ڪريون.
مھاڀاري لڙائي ڇا آھي؟:
مھاڀاري لڙائي اھڙي جنگ کي چوندا آھن جنھن ۾ دنيا جون وڏيون طاقتون يا طاقتور ملڪ پاڻ ۾ يا وري گڏجي ڪري ڪنھن ھڪ ملڪ يا ملڪن خلاف وڙھن. جڏھن به دنيا ۾ اھڙي جنگ لڳي آھي ته اھڙي جنگ ڇڙڻ کانپوءِ دنيا ورھائجي وئي آھي. دنيا جا ڪجھ ملڪ ھڪ ڌر جي پاسي ته دنيا جا ٻيا ملڪ وري ٻي ڌر جي پاسي ٿيندا آھن. اھڙي عالمي مھاڀاري لڙائي جڏھن به لڳي آھي ته اھا سنڌ ۾ به اثرانداز ٿي آھي. سنڌ جو ڪوھستان جنگجو ماڻھن جي پسند جو علائقو رھيو آھي ڇو ته اتي موجود جبل، غار، ٽڪريون، ماٿريون، ڍنڍون، ڍورا، جھنگلي جيوت، وڻ ٽڻ ۽ ٻوٽا، خشڪي جون زمينون، ھوائون وغيرہ ھميشه ويڙھاڪن جي توجهه جا مرڪز ان ڪري به رھيا آھن جو اھي سڀ جنگ دوران ڪم اچڻ واريون شيون آھن. اھوئي سبب آھي ته تاريخ ثابت ڪيو آھي ته ڪوھستان ۾ اھڙن ماڻھن جا ديرا لٿا آھن، پر ھتي جا مقامي ماڻھو ھميشه ڌارين کي ناھن سھندا. اھڙن حملي آورن کان علاوہ ھتي حادثاتي طور يا ٻئي ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان ڪڏھن ڪڏھن اھڙن انسانن جا چڪر لڳندا پيا اچن جن جو سڌو سنئون ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان عالمي يا مھاڀاري ويڙھن سان تعلق رھيو آھي. جيڪڏھن انھن جنگين ۾ ٿيل نقصان جا انگ اکر ڏسنداسين ته خبر پوندي ته ھر مھاڀاري ويڙھ حقيقت ۾ ڌرتيءَ جي گولي تي زندگيءَ خلاف ھڪ عظيم جنگ ثابت ٿي آھي، پر دنيا ۾ اقتدار ۽ سامراجيت جي نشي ۾ ڌت قبضو ڪندڙ ملڪن نه صرف پنھنجي شھرين کي مصيبتن ۾ وجھي تباھ ڪيو، پر ٻين اڻ ڳڻين قومن لاءِ به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو. انھن مھاڀاري لڙائين جا ٻه دور رھيا آھن. پھرين مھاڀاري لڙائي 1914ع کان 1918ع تائين جڏھن ته ٻي مھاڀارِي لڙائي 1939ع کان 1945ع تائين ٿيون. پھرين مھاڀاري ويڙھ ٽيڪنالاجي جي انقلاب ۽ ترقي جو ڀيانڪ نتيجو ثابت ٿي جنھن کي آمريڪي محقق يلمٽ (2003) دنيا جي ڪنھن به ھڪ معرڪي ۾ سڀني کان وڌيڪ انسانن جي موت جو ڪارڻ قرار ڏنو آھي جنھن ۾ 15 ملين کان وڌيڪ انسانن پنھنجي قيمتي زندگين تان ھٿ کنيا. اھا مھاڀاري ويڙھ دراصل جڏھن آسٽريا، سربيا تي حملو ڪري قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته آسٽريا جي تخت جي مالڪ “فرانز فرڊيننڊ (1863ع ـ 1914ع)” ۽ دنيا جي سونھن جي وڏن شھرن مان ھڪ خوبصورت شھر پراگ (موجودہ چيڪ ريپبلڪ) سان تعلق رکندڙ سندس زال صوفيه (1868ع ـ 1914ع) کي بوسنيا ھرزيگووينا جي نوجوان ٻالڪ گيورنيلو پرنسزيپ 28 جون 1914ع جي ڏينھن جڏھن قتل ڪيو ته اھو ھن جنگ جو بنيادي ڪارڻ بڻيو ۽ ائين اھا ويڙھ ٻن ڌرين ۾ لڳڻ شروع ٿي ويئي جن ۾ ھڪ پاسو انگلينڊ، يونان، فرانس، سربيا، روس، رومانيه، اٽلي، پرتگال، آمريڪا وغيرہ ۽ جاپان جا اتحادي طاقتور ملڪ جڏھن ته ٻي ڌر ۾ آسٽريا، ھنگري، ترڪي ۽ بلغاريه وغيرہ جھڙا ملڪ به شامل ٿي ويا. 1915ع ڌاري جڏھن رومانيه، اٽلي ۽ بلغاريه ان ويڙھ ۾ آيا ته جنگ ۾ وڏي خونريزي ٿي ۽ آمريڪي فوج جي ملڻ سان آمريڪي اتحادي قوتن جڏھن جرمني کي مجبور ڪري ھارايو ته اھري ريت تقريبن اڌ ڏھاڪي تائين ھلندڙ ان وڏي تباھي آڻيندڙ ڊگهي ويڙھه کانپوءِ آمريڪي اتحادين ان جنگ ۾ چار سالن تائين وڙھي کٽيو. ترڪن ۽ عربن کي وڙھائڻ ھن جنگ ۾ ممڪن ٿيو جنھن جي نتيجي ۾ عثماني سلطنت ختم ٿي ۽ ان ويڙھ 70 لک يورپي ۽ ٻين قومن جي فوجين کي جنگ ڪرڻ تي اتساھيو جنھن مان اڪثريت يعني 8 لکن کان مٿي فوجي يا ته مري ويا يا وري زخمي ٿي ويا.
ھند سنڌ جي مدد:
اھڙي طرح دنيا جي 30 کان وڌيڪ ملڪن ان ويڙھ ۾ حصو ورتو جن جي ڪري نه صرف دنيا جا اولھ وارا ملڪ پر گڏوگڏ اوڀر جي ملڪن ۽ يورپ، آفريڪا ۽ وچ مشرقي ملڪن ۾ وڏا فتنا، فساد، وڳوڙ، جھڙپون ۽ آفتون برپا ٿيون. ان سڄي ويڙھ ۾ برطانيه جيڪا مک ڪردار ادا ڪري رھي ھئي ان پنھنجي قبضي ۾ آيل سمورن رياستن ۽ قومن کي به شامل ڪيو جنھن ۾ گڏيل انڊيا به شامل هئي. انڊيا جيڪا پھرين عالمي جنگ جي زماني ۾ برطانيه جي قبضي ۾ ھئي، ھڪ محتاط اندازي مطابق (جيڪو انڊيا ٽوڊي جي ويبسائيٽ تي لکيل آھي) ان جا ڪل اڌ لک کان به وڌيڪ پٽڪا، ڪھاڙيون ۽ وڏيون شلوارون پاتل (تصديق لاءِ ڏسوindiatoday.in فوجي جوان (74،000 کان وڌيڪ) پھرين عالمي جنگ ۾ پنھنجن ساز و سامان سميت شامل ٿيا جيڪي انڊين برٽش سرڪار مختلف صوبن مان چونڊيا جن ۾ سنڌ (جيڪا تڏھن زبردستي بمبئي جو حصو ھئي) جا فوجي به ھئا جن کي سنڌ بلوچستان جي مختلف علائقن مان لالچ آڌار کنيو ويو جنھن ۾ ڪراچي جي ٻھراڙي جو وڏو حصو يعني ڪوھستان جي علائقن سان تعلق رکندڙ ڪجھ ڳوٺاڻا فوجي يا پوليس جا جوان به شامل ٿيا. انڊيا جي ھڪ خبرن جي وڏي اداري نيوز فلڪسNews flicks مطابق انڊيا جي 74000 فوجين مان 70 ھزار ھندي فوجي واپس پنھنجن گھرن تائين زخمي ٿي پھتا. انھن ۾ جن سنڌ جي ڪوھستاني علائقن سان تعلق رکندڙ جيڪي ماڻھو شامل ھئا انھن ۾ گڏاپ، ڪاٺوڙ، ڪلو کوھو، سري، ٿاڻو بولا خان، لوڻي ڪوٽ، ٺٽو ڳوٺ، جنگشاھي، ملير ۽ جھمپير وغيرہ شامل آھن. بمبئي يونيورسٽي جي تاريخ جي شعبي جي سابقه ھيڊ ۽ پروفيسر اروند گناچري پنھنجي ڪتابIndians in the first World War -The Missing Links جيڪو 2019ع ۾ ڇپيو آھي ان ۾ ان سڄي واقعي جو تفصيلي ذڪر ڪيو آھي جنھن ۾ لکي ٿو ته انھن سڀني مسلمانن، سکن، ڀيلن، ڪولھين ۽ ٻين ماڻھن کي لالچ ڏيئي انگريز سرڪار ھتان ڪڍي جنگ ڪرڻ لاءِ موڪليو ته توھان کي انعام ملندا. جڏھن انڊين آرمي جي مدد سان برطانيه اھا جنگ کٽي ته پنھنجي ڪيل واعدي تان ڦري ويئي ۽ ڪنھن کي به ڪوبه انعام نه مليو. اھا ڳالھ تاريخ جي ڪتابن ۾ ان ڪري نه لکي ويئي جو ان وقت رؤولٽ ايڪٽRowlatt Act نالي 1919ع ۾ ھڪ ڪارو قانون جاري ڪري پريس ۽ فوجين کي خاموش ڪرايو ويو. ان ڪاري قانون ۾ بنا وارنٽ جي احتجاج ڪندڙن کي گرفتار ڪري سزا ڏيڻ جو حڪم ھو. اھڙو ھڪ واقعو امرتسر ۾ 13 اپريل 1919ع ڏينھن جليلانوالا باغ ۾ پيش آيو جتي 379 ماڻھن کي قتل ۽ 1200 کي زخمي ڪيو ويو. اھڙي ريت دنيا اھو ڏٺو ته ھند سنڌ جيڪا تڏھن ھڪ ھئي ان برطانيه کي نه صرف افرادي قوت ڏني، پر ڍاٽي اٺ، ڀلا خچر، تيز ڀڄندڙ گڏھ ۽ مهانگا گھوڙا به ڏنا جن جي مدد سان جنگ کٽڻ سولي ٿي پئي. ساڳي ڳالھ 1918ع جي نيو يارڪ ٽائمز اخبار به لکي. 9 جولاءِ 2011ع جي انگريزي اخبار دي نيوز مطابق سوين ماڻھن کي خچرن، گڏھن، گھوڙن سميت ڪراچيءَ مان برطانيه جي راڄ پنھنجي مفادن ڪارڻ پھرين مھاڀاري جنگ دوران، مختلف ملڪن ۾ موڪلي ڪاري تاريخ رقم ڪئي ڇو ته کين اھو ھرگز نه ٻڌايو ويو ته ھنن کي ڪنھن عالمي ويڙھ ۾ موڪليو پيو وڃي. گڏوگڏ کين پرڪشش خوابن آسري ٻاھر موڪليو ويو. ڪراچي ۾ اھي فوجي نه صرف ھتي جا مقامي ماڻھو ھئا پر چؤگرد علائقن جا جنھن ۾ بلوچستان ۽ حيدرآباد کان علاوہ سموري سنڌ سان گڏ موجودہ پنجاب جا فوجي پڻ ھتان کان سامونڊي ٻيڙن ۾ سوار ڪري موڪليا ويا. ٺٽو ان زماني ۾ ڪراچي جو حصو ھو ته ظاھر آھي اتان جا ماڻھو سندن جنگي ساز و سامان ۽ جانورن سميت ڪراچي مان ئي موڪليا ويا. جن فوجين کي ھتان موڪليو ويو اھي گھڻي ڀاڱي سڀ بلوچ رجمنٽ سان تعلق رکندڙ ھئا. واضح رھي ته ھي بلوچ رجمنٽ پاڪستان واري نه پر برٽش انڊيا آرمي جي بلوچ رجمنٽ آھي جنھن پھرين مھاڀاري جنگ ۾ بلوچن ساڻ فرانس ۽ بيلجيئم ۾ حصو ورتو ان ۾ ڪافي سنڌي به شامل ھئا جن کي کٽڻ بعد واعدي مطابق ته نه پر ڪافي فوجي اعزاز پڻ مليا. انھن جو ھڪ يادگار ڪراچي سنڌ ۾ فريئر ھال جي باغيچي ۾ ٺھيل آھي جتي سندن نالا ناھن لکيل. انھن بي نام قبرن تي تحقيق ڪرڻ لاءِ سنڌ جي اسڪالرن کي ٿوري محنت ۽ مشقت ضرور ڪرڻي پوندي، پر نالا نه ملڻ ممڪن ناھي. انھن جو رڪارڊ انگريزن وٽ اڄ به ضرور ھوندو ڇاڪاڻ اھي اسان سنڌي پاڪستاني آھيون جن جي نوجوان ٽھي کي تاريخ بابت ڪا خبر ناھي، پر انھن انگريزن پنھنجي ھزار سالن جي تاريخ کي محفوظ ڪرڻ سکي ورتو آھي.
ھٽلر، ھولو ڪاسٽ ۽ عالمي ٻي جنگ:
پھرين عالمي جنگ جي ختم ٿيڻ کي ڪو ڳچ عرصو به نه گذريو ھو ته 1939ع ۾ ايڊولف ھٽلر (1889ع-1945ع) پولينڊ تي ڪاهه ڪئي جيڪا ٻين عالمي جنگ جو سبب بڻي ۽ انساني تاريخ جي وڏي ۾ وڏي جنگ (ٻي عالمي جنگ) شروع ٿي جنھن ۾ سڄي دنيا حصو ورتو. ٻي عالمي ويڙھ بابت لکيل تاريخي مسودن جي اڀياس بعد خبر پوي ٿي ته جرمني وارا سوويت يونين، پولينڊ ۽ فرانس مٿان قابض ٿي ويا ۽ ھٽلر جي مرضي مطابق جرمن طاقتن اڌ ڪروڙ کان به مٿي يھودين جو قتل عام (يعني ھولو ڪاسٽ)Holocaust ڪيو جنھن تي سوويت يونين فوج مڇرجي پئي ۽ 1945ع ۾ پنھنجي اتحادين سان گڏ ھٽلر جي جرمن فوج کي مجبور ڪري ھارائي ڇڏيو. ھٽلر ھاڻي روس کان توبهه ڪري پٺتي ڀڄڻ لڳو.
ائٽمي بم ۽ آمريڪا:
ھوڏانھن سپر پاور ٿيڻ جي مقصدن ۾ ايندڙ ٻه سئو سالن لاءِ حڪمت عملي جوڙي آمريڪا پنھنجا تيل جا کوھ، معدنيات ۽ سڀ قدرتي وسيلا بچت ڪري دنيا جي معاشيات تي قبضو ڄمائڻ ڪارڻ نيو ڪليئر ٽيڪنالاجي کي عروج ڏيئي نيٺ دنيا کي ان جي بھاني ڊيڄارڻ شروع ڪري ڏنو. 1930ع کان سائنسي ۽ ٽيڪنالاجيڪل ترقي ائٽامڪ ليول تي پھچي چڪي ھئي جنھن مادي جي سڀ کان ننڍي ۾ ننڍي ذري ائٽم کي مرڪز، نيوڪليئر فشنNuclear Fission بڻائي ان کي جنگي مقصدن ڪارڻ ڌماڪيدار ڪري، بم جو نالو ڏنو. جنھن کي عملي طور تڏھن ظاھر ڪيو جڏھن 16 ھين جولاءِ 1945ع جي ڏينھن، شام جو ساڍي 5 وڳي نيو ميڪسيڪو سٽي آمريڪا ڀرسان جارنيڊا ڊيل ميورٽو نالي ھڪ ٻيٽ تي ٽرينيٽيTrinity نالي ھڪ چڪاس ڪئي وئي. دنيا جي رت جي پياسي آمريڪا جو پيٽ ڪونه ڀريو سو وري جاپان جي ٻن شھرن ھيروشيما ۽ ناگاساڪي مٿان رات جي اوندھ ۾ ائٽم بم ڪيرائي ڌرتيءَ تي فتنو برپا ڪري ڇڏيو. ھيروشيما تي ائٽم بم ھڪ جھاز بنام بوئنگ ہي-29 سپر فورٽريس اينلولاگ ذريعي ڪرنل پال ڊبليو تبيتTibbet اڇليو ان تباھ ڪندڙ بم کي “لٽل بواءِ”Little Boy جهڙو معصوم ڪوڊ رکيو ويو جيڪو ڌرتي مٿان ڪنھن به جنگ ۾ اڇليو ويندڙ پھريون ائٽم بم ھو. جڏھن اھو بم ڪريو ته 15 ڪلو ٽنTN جي توانائي سان ڪريو ۽ چند سيڪنڊن ۾ ئي سمورو شھر تباھ ڪري ڇڏيائين. اھڙيءَ ريت ٽرينٽي کانپوءِ انسانن ھي ٻيو بم ڌماڪو ڪري ٻي عالمي جنگ جي ڪاري تاريخ ۾ دھشتگرد واڌارو ڪيو. ٻي عالمي ويڙھ ۾ نيو ڪليئر ھٿيارن جي استعمال کي رواج ڪري آڻڻ جي پراجيڪٽ جو نالو منھٽن(Manhattan) ھو جنھن ۾ ڌرتي کي تحقيق ڪري تباھ ڪرڻ جا بدترين خونريزي منصوبا آمريڪا پنھنجن اتحادين سان گڏ جوڙيا. جوائي حاڪمJoy Hakim هڪ آمريڪي تاريخدان آھي جنھن آڪسفرڊ يونيورسٽي طرفان آمريڪا جي تاريخ(A History of US:Book 9:War, Peace, and All,NewYork City: Oxford University Press) کي ڏھن جلدن ۾ ڇاپيو ۽ ساڳيو مصنف سائنس جي ڪھاڻي”The Story of Science” جهڙو شھرہ آفاق ڪتاب لکندڙ به آھي، اھو آمريڪا جي تاريخ ۾ آمريڪا تي ئي ڇتي تنقيد ڪندي لکي ٿو ته جڏھن ڌرتيءَ تي ٻي مھاڀاري ويڙهه ختم به ٿي رھي ھئي تڏھن به آمريڪا جو دنيا تباھ ڪرڻ جو جنون ختم ڪونه ٿيو ۽ ان اھڙي ريت بتاريخ 9 آگسٽ 1945ع جاپان جي وقت (UTC+9) موجب 11 لڳي 2 منٽن تي جاپان جي ئي ٻئي شھر ناگاساڪي مٿان ھڪ ٻيو ائٽم بم اڇلايو جنھن به اڳ جيان ناگاساڪي کي ڦلھيار ڪري ڇڏيو..!
ھيڏانھن گڏيل ھندستان ۾ بغاوتون عروج تي پھچي چڪيون ھيون ۽ انگريزن کي ھندو مسلمان نظرين گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ھو. مسلم ليگ جو اھو خيال ھو ته عالمي جنگ دوران برطانيه کان آزادي وٺڻ ھڪ چريائپ ھوندي جڏھن ته انڊين نيشنل ڪانگريس جي رھنمائن گانڌي، ولڀ ڀائي پٽيل ۽ ٻين جڏھن “انڊيا ڇڏيو تحريڪ” شروع ڪئي ته انگريز ويتر پريشان ٿي ويا جن وري ھٽلر جي نازي جرمني جي مخالفت ڪرڻ پٺيان ھندستان جي آزادي جو شرط رکي ڇڏيو. ان صورتحال ۾ برطانيه وارا ھندستان کي ان مذھبي ويڙھ ۾ وجھي جان ڇڏائڻ چاھي رھيا ھئا. انھن به ان ٻي عالمي جنگ ۾ پنھنجي طاقتن جو اظھار ڪيو جنھن ۾ پھرين مھاڀاري جنگ وانگر ھن ڀيري به انھن گڏيل ڀارت مان ڀرپور فائدا ورتا. ڪامن ويلٿ وار گريوزCommonwealth War Graves جي 2013-2014 جي سالياني رپورٽ (ڇپيل: 4 نومبر 2015ع) جي صفحي نمبر 44 تي اھا ڳالھ واضح لکيل آھي ته برطانيه پنھنجي فوج سان گڏ 87 ھزار فوجي گڏيل ڀارت مان به ٻي مھاڀاري ويڙھ ۾ شرڪت ڪرڻ ڪارڻ موڪليا ۽ اھي صرف ڀارتي فوجي ئي ھئا جن جي ڪري برطانيه جي ڪالونين جھڙوڪ: سينگاپور ۽ ھانگ ڪانگ مٿان 1945ع آگسٽ ۾ جاپان جي حملي بعد واپس وڙھي ڪري انھن رياستن کي ڇڏايو ويو. 1941ع ۾ ڀارتي فوج جي ڪمانڊر ان چيف رھندڙ انگريز فيلڊ مارشل سر ڪلائوڊي اوچنلڪSir Claude Auchinlek پڻ برطانيه جي فوجي جرنل (شايع 1950ع) ۾ اھا ڳالھ تسليم ڪئي ته برطانيه ٻنھي عالمي جنگين ۾ صرف ۽ صرف ھندستان جي فوج ۽ ان جي مدد سان فتح حاصل ڪئي جيڪا انھن جي بنا ناممڪن ھجي ھا. ٻي مھاڀاري ويڙھ ۾ ڀارت جي فوج حبشهEthiopia ۾ اٽلي، مصر ۾ لبيا، تيونس ۽ الجيريا ۾ جرمني ۽ اتحادين خلاف ويڙھ ۾ ڀرپور حصو ورتو جنھن ۾ ڪامن ويلٿ رپورٽ مطابق 24 ھزارن کان وڌيڪ انڊين فوجي پنھنجون جانيون ڏنيون، 11 ھزار فوجي گم ٿيا جڏھن ته 34 ھزارن جي لڳ ڀڳ زخمي ٿيا. جيڪي گم ٿيا انھن جو اھو خدشو ظاھر ٿيو ته اھي ٻين ملڪن وٽ قيد ٿي ويا آھن جيڪو جي. ڊي ڊوڊزG. J. Douds نالي ليکڪ 2004ع ڌاري پنھنجي مقالي بنام”The Men Who Never Were: Indian POWs in the Second World War South Asia” ۾ لکيو جيڪوJournal of South Asian Studies جي واليم نمبر 27 جي صفحن 189،191 ۽ 209 تي ذڪر ڪيو جنھن مان پتو پوي ٿو ته گڏيل ھندستان جا ڪافي قيدي فوجي به ھئا جيڪي جرمني قيد ڪيا.
جوکيا ھل مئن اليگزينڊر فرگوسن:
اھڙي ريت پھرين عالمي ويڙھ وانگر ٻي مھاڀاري ويڙھ ۾ به گڏيل ھندستان جي بلوچ رجمنٽ فوج حصو ورتو جنھن جي اڳواڻي ڪندڙ فوجين جو سماجي، سياسي، مذھبي، حادثاتي، معاشرتي، ڀائپي ۽ شعوري الغرض ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان سنڌ جي ڪوھستان سان سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ ريت وڏو گھرو تعلق رھيو آھي ڇو ته تڏھن روڊ ۽ رستا ڪونه ھئا، پر گڏھن، گھوڙن، اٺن ۽ ٻين جانورن لاءِ حڪومت ته هئن به پر ٻاھريان ملڪ به ڪوھستان ۽ ان جي رھواسين کي سٺو ڄاڻندا ھئا. ڪوھستان جون شيون، جانور، ڏٿ ۽ سوکڙيون برطانيه جي ٻين رياستن ڏانھن ائين اماڻيون وينديون ھيون جيئن اڄ اسان حيدرآباد کان ڪا شيءِ ڪراچي موڪليندا آھيون ڇو ته ان وقت سڄي برطانيه ھڪ ھئي جنھن ۾ برٽش ڪالونين جي صورت ۾ ڪافي رياستون شامل ھيون. ڪوھستاني ماڻھو پنھنجي رھائش جي ماحول جي ڪري سڄي ڏکڻ ايشيا ۾ جيئن اڄ مضبوط ماڻھو طور مشھور آھن بلڪل اھڙيءَ ريت ان دور ۾ به انگريز، ڪوھستانين کي Hillman ڪري سڏيندا ھئا. مشھور انگريز ليکڪ ۽ تاريخدان اليگزينڊر فرگوسن به ڪراچي جي ھڪ ڪوھستاني جوکيو جي تصوير پھرين مھاڀاري ويڙھ کان به چار سال اڳ يعني 1910ع ۾ ڪڍي. ھن ھڪ ڪتابMuslaman Tribes of Sind به لکيو. ھن جوکئي کيThe Hillman Jokhyo ڪري لکيو جنھن جي نشاندھي ڊاڪٽر سھيل انصاري ۽ انجنيئر شھرت الياس جوکيو ڪئي. انگريزن کي پھرين عالمي ويڙھ ۾ انڊين فوجين جي قدر و قيمت جو اندازو ٿي چڪو ھو، انھن ھن مھاڀاري ويڙھ جي تياري ڪندي خصوصي توجهه ھندستان تي ڏني ۽ لکن جي تعداد ۾ گڏيل ھندستان جا فوجي ڀرتي ڪري انھن کي عالمي ويڙھن ۾ موڪليو. انھن لکن جي تعداد ۾ فوجين کي ڀرتي ڪرڻ جا اشتھار تڏھن جي انگريزي ۽ اردو اخبارن ۾ پڻ ڇپيا جن مان ڪجھ يادگار اشتھار ھيٺين ويبسائيٽ تي اڄ به موجود آھن:
https://www.iwm.org.uk/…/first-world-war-recruitment
ڪوھستاني ماڻھن جون روايتون جيڪي جنگ ۾ ويا:
انھن لکن فوجين مان ڪجھ ماڻھن جو تعلق سنڌ جي ڪوھستان سان به ھو جھڙوڪ موئيدان سان تعلق رکندڙ محمد برفت نالي ھڪ سپاھي جو نالو لياقت لائبريري مان مليل ٻين جنگ عظيم بابت ھڪ ناياب ۽ ضعيف ڪتاب مان مليو جنھن تي ڪتاب جو نالو ناھي لکيل پر لنڊن مان 1945ع ۾ ڇپيل ھڪ گزيٽيئر لڳو. ان کان علاوہiwm.org.uk تي پڻ ڪجھ تصويرون ڏنل آھن جن مان ڪوھستاني مانھن جي ڀليءَ ريت پروڙ پئجي سگھجي ٿي. 9 جولائي 2011ع جي انگريزي اخبار دي نيوز ۾ ڪراچي ۾ مھاڀاري جنگ جي فوجين جي قبرستان بابت رپورٽ ۾ لکيل آھي ته ھي گمنام قبرون انھن جون آھن جن پھرين ۽ ٻين جنگ عظيم ۾ فوجي ٿي حصو ورتو ۽ اڄ به ڪوھستان، ملير ۽ ٺٽي جا مختلف قبيلن جا ماڻھو اتي ڪچا يا پڪا ملازم ٿي رھيا آھن. ڪوھستان سان ئي تعلق رکندڙ پالاري قبيلي جو ھڪ محنتي مالھي سلطان ھتي مليو جنھن ٻڌايو ته ھو ھت ڪافي سالن کان مالھي آھي جنھن موجب ھتي اڳ ۾ انگريز گھڻا گھمڻ ايندا ھئا، پر ھاڻي نٿا اچن. سلطان سان ڪچھري ۾ خبر پئي ته ڪوھستان جا ٻيا ماڻھو به ھتي ايندا رھندا آھن. ھي قبرستان اھو ئي ساڳيو نيشنل اسٽيڊيم روڊ وارو قبرستان آھي جنھن ۾ پھرين توڙي ٻي مھاڀاري، ٻنھي جنگين جا ماڻھو دفن ٿيل آھن جن ۾ نه صرف مسلمان پر ھندو، عيسائي ۽ يھودي مذھبن جا ماڻھو پڻ شامل آھن. ڪوٽڙي جي عزيز کوسو ٻڌايو ته سندس ڏاڏو چوندو ھو ته انھن جا سئوٽ (1940ع ڌاري) ان وقت سرڪاري فوج ۾ وڃي ٻاھريان ملڪ گھمي جنگ لڙي آيا جن مان ڀوتي مڪان جو حيدر زخمي ٿي آيو ھو. اھڙي طرح موجودہ نئون روڊ لڳ اونگر، ٽنڊو حافظ شاھ ۽ جھرڪ سان واسطو رکندڙ ڪجھ ماڻھو (جن جو تعلق ملاح، ٻٻر، مري ۽ سمان قبيلن سان آھي) جيڪي فوج ۾ ڀرتي ٿيا ۽ ڪراچي ڊيوٽين تي ويا جتان واپس ڪونه آيا ته مائٽن سمجھيو ورھاڱي بعد انڊيا ھليا ويا آھن. اھڙي ريت ٿاڻو بولاخان جي عمران بقول سندس ڏاڏي جو چاچو علي باريجو، موجودہ نوري آباد جي ھڪ پالاري دوست بقول ھڪ پالاري ۽ ٿاڻو احمد خان ۽ ساڏورو مڪان جي برفت برادري سان تعلق رکندڙ چند قديم فوجين بابت به روايتون مليون آھن ته اھي به مھاڀاري لڙائين ۾ حصو وٺي واپس آيا.
ڪوھستاني زميني رستا:
ڪوھستان جا زميني رستا جيڪي پڻ انھن لڙاين لاءِ ايندڙ ويندڙ انسانن ۽ مختلف سامانن پھچائڻ خاطر استعمال ٿيا. اھڙن رستن ۾ موجودہ نيشنل ھاءِ وي حيدرآباد کان ڪراچي جيڪو ان وقت ھڪ ڪچو ننڍڙو پيچرو ھو، نه صرف اھو استعمال ٿيو، پر مشھور ڪوھستاني رستو جنھن کي ان وقت “مالماڙي گس” چوندا ھئا، اھو پڻ استعمال ٿيو. ياد رھي ته پراڻو پيچرو (موجودہ نيشنل ھاءِ وي) به ڪوٽڙي کان وٺي لي مارڪيٽ تائين سڄو ڪوھستاني پٽيءَ مان ئي گذري ٿو. “مالماڙي گس” ان وقت ٺٽو، جھرڪ، حيدرآباد، مول، گورک، ڪلو کوھر، ٽڪو بارڻ، ٿاڻو بولا خان ۽ ڪوٽڙي کان ڪراچي ايندڙ ويندڙ ھر ماڻھو توڙي اٺ، گھوڙو يا خچر سڀني جو رستو ھوندو ھو ڇاڪاڻ ته جيڪڏھن گوگل ميپ کي ڏسبو ته خبر پوندي ته اڄوڪو نيشنل ھاءِ وي ٿورو ڦيرو ڪري ٿو جڏھن ته ان وقت جڏھن روڊ نه ھئا ته ماڻھو وچان کان ويجھو يعني “شارٽ ڪٽ” رستو استعمال ڪندا ھئا جيڪو مالماڙي وارو رستو ئي ھو جتان کان انھن مھاڀاري لڙائين ۾ انگريزن پاران استعمال ٿيندڙ مختلف شين، کاڌ خوراڪ، لڏيل اٺن، خچرن ۽ افرادي قوتن جا قافلا لنگھندا ھئا جن بابت مختلف ڪتابن ۾ پڻ ذڪر ٿيل آھن. “مالماڙي گس” بعد ۾ ٻٻر ٻنڌ ڀرسان سپر ھاءِ وي ٺاھيو ويو جڏھن ته ٺٽي واري پيچري تي نيشنل ھاءِ وي تعمير ٿيو. ريل ۽ ريلوي اسٽيشنن جو عالمي جنگين سان وڏو تعلق رھيو آھي. ڪوھستان مان انگريزن ريلوي لائين وڇائي ته پٿر وارو علائقو سڄي دنيا سان رابطي، لھ وچڙ ۽ ڪاروباري تعلق ۾ اچي ويو. ٻين مھاڀاري ويڙھ بابت ريلوي جي مختلف تاريخي مسودن مان ڄاڻ ملي ته جنگشاھي ريلوي اسٽيشن کي ان ويڙھ دوران چوويھ ڪلاڪ سرگرم رکيو ويو جتي جديد رابطا ڪاري جا آلات ٽيليگراف وغيرہ رکي فوجين جي گھرج بابت ڪراچي اسٽيشن سان گڏ ٻين عالمي شھرن سان ڳنڍيو ويو. ريل کاتي ۾ گذريل پنجاھ سالن کان به وڌيڪ ڪم جو تجربو رکندڙ علي محمد جوکيو ٻڌايو ته سندن ھڪ آفيسر جيڪو 1981ع ۾ رٽائرڊ ٿيو ان ٻڌايو ته ٻين عالمي ويڙھ دوران جنگشاھي ۾ فوجي ڀرتي ڪرڻ جي ھڪ ڪئمپ پڻ لڳائي ويئي ھئي جنھن ۾ ڀرتي ڪرڻ لاءِ ايندڙ آفيسر ريل ذريعي پھتا ھئا جن ريلوي اسٽيشن لڳ مسافر خاني ۾ ڀرتي ڪرڻ جي لاءِ ھڪ ڏينھن جو مرحلو شروع ڪيو. ان مطابق ان جنگ دوران جھمپير، براد آباد ۽ ٻين اسٽيشنن جي پڻ اھميت ھئي. ان کان علاوہ ڪوٽڙي ريلوي ٽريڪ لڳ ٻاريءَ ۾ ڪم ڪندڙ ھڪ ملازم نالي “چڱو خاصخيلي” اھو ٻڌايو ته سندس والد صاحب به 1944ع ۾ ٻين عالمي جنگ دوران ھندستاني ريلوي ۾ ڀرتي ٿيو جنھن بعد ھن به ساڳئي کاتي ۾ نوڪري ورتي. ريل بابت ڪيل تحقيق ۾ پڻ مٿين ڳالھين جي ثابتي ملي ٿي. مالماڙي سان تعلق رکندڙ شاعر ڪوھستان باغ محمد بيشڪ جوکيو (1910ع-1984ع، لکندڙ جو نانو) محنت مزدوري ڪندڙ ھڪ پورھيت ۽ وڏو سگھڙ ھو جنھن، جنگشاھي ريلوي اسٽيسن ڪوھستان لڳ نڪرندڙ ڳاڙھو پٿر ڪڍڻ لاءِ، ٻين ڳوٺ وارن سان گڏ، جنگشاھي ۾ قرآن پاڪ پڙھڻ دوران، اٌٺ تي اچي وڃي، اُٺ جي مدد سان محنت مزدوري به ڪئي. پھرين مھاڀاري ويڙھ (1914ع-1918ع) جيئن ئي ختم ٿي ته سندس سانڀر وارو زمانو آيو جنھن دوران ھن جنگشاھي جا سفر محنت مزدوري ڪرڻ خاطر ڪيا ۽ انھن ئي ڏينھن ۾ اھي جنگ عظيم جا يادگار وغيرہ ٺھڻ شروع ٿيا جن ۾ جنگشاھي جو پٿر استعمال ٿيو ان ڪري جنگشاھي مان اھو پٿر ڪڍندڙ محنت ڪشن ۾ اھي ڪوھستان جا مارو ماڻھو ئي شامل ھئا ڇوته باغ محمد بيشڪ جوکيو جي فرزند ۽ ڪوھستان جي تاريخدان عبدالحنان جوکيو لکيو آھي ته ڪليات باغ (سھيڙيندڙ ڊاڪٽر جان محمد جانباز جوکيو) ۾ باغ محمد انٽرويو ڏيندي چيو ته، “حاجي دلمراد خان جوکيو نالي سان ھڪ استاد وٽ جنگشاھي ۾ پڙھڻ ويندو ھئس.” اتي ساڻس گڏ عيسب جوکيو جا پونئيان عزيز (جن جو پڙڏاڏو عيسب جوکيو جنگشاھي لڳ ريلوي پل ۾ دفن ھو جيڪو قبرستان اڄ به تاريخي قبرستان جي حيثيت رکي ٿو) ۽ انھن جي ڳوٺ جا ٻيا ماڻھو به جنگشاھي ۾ محنت مزوري ڪرڻ ساڻ گڏوگڏ علم به حاصل ڪندا ھئا، اھي سڀ جابلو ڪوھستاني ماڻھو ھجڻ ڪري تَرَ ۾ مشھور آھن. واضح رھي ته ڪوھستانين جو مھاڀاري ويڙھن سان سڌو تعلق ھجڻ ڪو مفروضو ناھي پر انگلينڊ جي سھڪاري رياستن جي اتحاد ڪامن ويلٿ طرفان ٺاھيل ھڪ عالمي تنظيم “ڪامن ويلٿ وار گريوز ڪميشنCommonwealth War Graves Commission” طرفان سنڌ جي راڄڌاڻي ڪراچي ۾ پھرين مھاڀاري ويڙھ ۾ جانين جا نذرانا ڏيندڙ 575 فوجين جي ياد ۾ نيشنل اسٽيڊيم ڀرسان پير پاڳارا روڊ تي نيول قبرستان سان لڳ سندن قبرون ۽ يادگار ٺھرائيل آھن. ان برطانوي اداري جي ھن ويبسائيٽ:
http://www.cwgc.org/…/Karachi%201914-1918%20War…/
تي صاف لکيل آھي ته ان يادگار ۾ استعمال ٿيل “ماکيءَ جي رنگ جھڙي خوبصورت پٿر” کي جنگشاھي لڳ حيدرآباد جي پٿرائين کاڻين مان ڪڍيو ويو. اتي واضح طور اھو به لکيل آھي ته ڪجھ جوانن جن کي حيدرآباد سنڌ ۾ دفن ڪيو ويو جتي عالمي اداري وارن يا ٻاھرين ملڪن مان ايندڙ سياحن جو وڃڻ ڏکيو ٿي لڳو جنھن جي ڪري حيدرآباد ۾ مدفن فوجين جي قبرن جا نشان به ھن قبرستان ۾ شامل ڪيا ويا ته جيئن ايندڙ ماڻھن کي ڪنھن ھڪ جڳھ تي سڀ قبرون ملي وڃن. اھو به لکيل آھي ته ڪجھ ماڻھو اصل ۾ ڪراچي جي ٻين قبرستانن جھڙوڪ: ڪرسچن قبرستان ۽ منوڙو قبرستان وغيرہ ۾ مدفن آھن، پر سندن يادگار ھتي آھي يعني سنڌ جا اڻ ڳڻيا ماڻھو شامل آھن. ان حوالي مان اھو ثابت ٿيو ته شھيد ٿيندڙ فوجين جو تعلق نه صرف ڪراچي سان پر حيدرآباد سان پڻ ھو ۽ گڏوگڏ ان تعميرات ۾ جنگشاھي ڪوھستان جو پٿر به استعمال ڪيو ويو جنھن ۾ اتي جي لوڪل ماڻھن ئي مزدوري ڪئي. نه صرف ايترو پر جنگشاھي ڪوھستان ۾ تڏھن مرڪزي ريلوي اسٽيشن پڻ موجود ھئي جيڪا ھزارين فوجين کي گڏيل ڀارت جي ٻين سنڌ پنجاب جي علائقن مان کڻي ڪراچي پھچائي رھي ھئي ۽ انھن ئي سالن جي اڳيان پٺيان جنگشاھي ڪوھستان جي مختلف ڳوٺن مان ھي ماڻھو گم ٿي ويا ھئا جن جي باري ۾ ڪا خبر نه پئي ته کين زمين ڳھي وئي يا آسمان کڻي ويو (جيئن اڄ به ماڻھو کنڀجن ٿا). شھر جنگشاھي مان ولي رام ۽ گنگا ٻائي (روايت، سريش ڪمار)، ڳوٺ سڄڻ جوکيو مان مجنون جوکيو (روايت، فضل ڪوھستاني)، ڳوٺ حاجي رئوف جوکيو مان ھڪ جوکيو (روايت يوسف چيئرمن)، ڳوٺ رن پٽياڻي اسٽيشن راسل جوکيو مان اڱارو، ڳوٺ جعفر مان سائينداد (روايت، نواز جوکيو) وغيرہ سان گڏ ھڪ کان ٻه ماڻھو ڳوٺ رئيس وليداد خان جوکيو (روايت وڏيرو مارک خان) مان به گم ٿيا جن جي باري ۾ مفروضا ھليا، ڪجھ ماڻھن بقول اھي ڪڇ ڀڄ ۾ آھن، ڪجھ چيو ته انڊيا ۾ ته ڪجھ جي بقول مديني ۾. بھرحال مذڪورہ سڀني راوين انھن جا شڪ جنگشاھي ريلوي اسٽيشن ڀرسان لڳل فوجين جي ڀرتي واري ڪئمپ بابت ڏيکاريا جتان کان اھي ماڻھو فوج ۾ ڀرتي ٿي جنگ وڙھڻ ويا، ڪجھ واپس آيا جيڪي مقامي قبرستانن ۾ دفن ٿيل آھن جڏھن ته جيڪي گم ٿي ويا انھن بابت اڄ ڪابه ڄاڻ ناھي. انھن بابت وڌيڪ مڪمل ڄاڻ حاصل ڪري تحقيق ڪرڻ جي وڏي ضرورت آھي.
ڪوھستاني ھوائي رستا ۽ مھاڀاري جنگيون:
ڪوھستان کي پھرين ۽ ٻين مھاڀاري ويڙھن سان تاريخي طور ڳنڍڻ جي ٺوس ۽ پڪن دليلن ۾ ھڪ وڌيڪ مضبوط دليل پڻ موجود آھي جيڪو ڪوھستان جو پھرين ۽ ٻين مھاڀاري جنگين سان ويجھو ڳانڍاپو ظاھر ڪري ٿو. جنرل افتخار خان، برگيڊيئر شير خان، جنرل محمد اڪبر، جنرل ايوب خان، برگيڊيئر حبيب خٽڪ ۽ ڊوگلس سي-53 اسڪائي ٽروپر جھاز ۽ انھن سان گڏوگڏ ڪراچي ايئرپورٽ ۽ ملير رحيم خان جوکيا ڳوٺ ايئرپورٽ (ملير ايئر بيس) اھڙا تاريخي دليل آھن جنھن جي حقيقتن کان دنيا جو ڪوبه محقق انڪار نٿو ڪري سگھي. اچو ته انھن حقيقتن کي واضح ڪريون جنھن سان ڪوھستان جو عالمي مھاڀاري ويڙھن سان لاڳاپو وڌيڪ صاف ۽ ظاھر ٿي ويندو. ھوائي رستن جي ڄاڻ انسانن کي پنھنجي پاليل پکين ذريعي پئي وري مٿان کان جڏھن جھاز ايجاد ٿيا، ڪاميابي سان سفر ڪرڻ لڳا ته انسانن کي وڏي ڪاميابي ملي، پر ڪنھن ٿي ڄاتو ته اھا ڪاميابي خود انسانيت جي خونريزيءَ ۾ استعمال ٿيندي ڇوته جھازن جي ايجاد ٿيڻ سان ئي فورن عالمي جنگ لڳي، ته ان ۾ ساڳيا ئي جھاز استعمال ٿيڻ لڳا. گھٽ وزن وارن سامانن (ڪارگو) کان علاوہ اعليٰ فوجي عملدارن جي اچ وڃ لاءِ گھڻي ڀاڱي ھوائي جھاز استعمال ڪيا ويندا ھئا. مھاڀاري ويڙھن لاءِ جيڪي جھاز ڪراچي ۾ لٿا، اھي سڀ شروع ۾ ماڙيپور ايئرپورٽ کي استعمال ڪندا ھئا، پر اتي جيئن ته عام ماڻھو به اچ وڃ ڪندا ھئا سو ان ڪري ملير جي جوکيا قبيلي جي مشھور ڳوٺ رحيم خان لڳ سندن مال چرڻ جي جڳھين ۽ کيٽن تي آمريڪا جي چوڻ تي ھڪ آمريڪي ايئربيس ٺاھي ان کي مھاڀاري جنگ لاءِ مخصوص ڪيو ويو. اتي سوين جھاز لھندا ھئا، آھسته آھسته “رن وي” کي جڏھن وڌايو ويو ته ڪجھ جوکين کي ان جو معمولي عيوضو مليو جڏھن ته گھڻن کي ڪجھ به ڪونه مليو. اڄ به رحيم خان جوکيو ڳوٺ ماڊل ڪالوني نالي ايئرپورٽ لڳ مشھور آھي جيڪو ڪوھستان جو ترقي يافته علائقو بڻجي شھر ٿي ويو آھي، پر ڪنھن زماني ۾ ڪوھستاني ٽڪرين وانگر کيٽ، ڍورا ۽ کنڀيون ڪڍڻ جو اھم مرڪز ھو. بقول آمريڪي فوجين جي ته ملير ڪوھستان ۾ وڏي مٽي آھي ۽ عجيب پر دلڪش ماحول آھي (دي فرائيڊي ٽائمز-21 جون 2019ع). ساڳيو ايئرپورٽ پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي نالي سان وڌي ترقي ڪري ھڪ عالمي ايئرپورٽ جي صورت ۾ اڄ اسان وٽ موجود آھي. ياد رھي ته ان ڪراچي ملير ايئربيس لڳ ٻئين عالمي ويڙھ لاءِ ترسيل فوجي اتي جي عام ڳوٺاڻڻ سان گڏ به گھمندا ھئا ڇاڪاڻ ته انھن کي تازو کير، مکڻ ۽ ميوا جڏھن کپندا ھئا ته اھي صرف ۽ صرف ڀر وارن ڳوٺن مان ئي ملڻ ممڪن ھو. ٻين عالمي ويڙھ دوران ڪوھستان ملير ۾ ٺھيل ان ملير ايئر بيس کي ويڙھ ۾ خوب استعمال ڪيو ويو جنھن جا ثبوتwwdb ورلڊ وارII ڊيٽابيس نالي ويبسائيٽ تي ڪراچي ايئرفيلڊ جي نالي سان موجود آھن. اھڙو ھڪ جھاز جيڪو پھرين مھاڀاري ويڙھ ۾ استعمال ٿي بعد ۾ وڪرو ٿي نيٺ انڊيا ۽ پوءِ ورھاڱي کانپوءِ پاڪستان ۾ آيو اھو به ڪوھستان ۾ تباھ ٿيو جنھن ۾ اتفاق سان پاڪستاني فوج جا اھي اعليٰ عملدار ويٺل ھئا جن پھرين ۽ ٻين مھاڀاري ويڙھ پاڻ به وڙھي ته گڏوگڏ سندن خاندان جا ڪجھ ماڻھو به انھن جنگين ۾ شامل ٿي وڙھيا. جيئن، جنرل افتخار خان راجپوت (1907ع – 1949ع) اصل چڪوال جو، ٻين مھاڀاري ويڙھ ۾ گڏيل ھندستان جي فوج جي اھم اڳواڻن ۾ شامل ھو. سندس اچ وڃ ڪراچي سنڌ ۾ گھڻي ٿيندي ھئي. آزادي کانپوءِ جنرل افتخار خان (1907ع – 1949ع) جنرل ايوب کان به وڌيڪ سينيئر ھو ۽ پاڪستان جو متفقه طور پھريون مسلمان ڪمانڊر ان چيف C.C به ٿيڻ وارو ھو. ان سلسلي ۾ جنرل افتخار صاحب ھڪ خاص فوجي ٽريننگ ڪورس ڪرڻ تاريخ 12 ڊسمبر 1949ع تي لاھور کان امپريل ڊفينس ڪاليج لنڊن براسته ڪراچي ھڪ جھاز بنام ڊوگلس سي-53 اسڪائي ٽروپرDC-3 رجسٽريشن نمبرAP-ADI ذريعي وڃي رھيو ھو ته رستي ۾ ئي ڪوھستان ٺٽي لڳ ڪارو جبل جي بلند ترين چوٽيءَ سان سندس جھاز ٽڪرائجي تباھ ٿي ويو ۽ پاڻ شھيد ٿي ويو. ساڻس گڏ ھڪ ٻيو مردان سان تعلق رکندڙ سينيئر فوجي اڳواڻ برگيڊيئر شير خان يوسفزئي به ساڳئي جھاز ۾ گڏ ھو جيڪو پڻ ٻين عالمي جنگ ۾ گڏيل ھندستان طرفان فوج ۾ وڙھيو ھو. “دي فرائيڊي ٽائمز” نالي انگريزي اخبار ۾ ميجر جرنل (ر) سيد علي حامد (27 ڊسمبر 2019) موجب ميجر جنرل افتخار خان جھاز ۾ سفر ڪري اعليٰ تربيت لاءِ پھرين ڪراچي پوءِ انگلينڊ وڃي رھيو ھو ته ڪوھستان جي وڏي ۾ وڏي جبل ڪارو جبل سان ٽڪرائجي سندس جھاز تباھ ٿيو ۽ پاڻ شھيد ٿي ويو جنھن جي لاش کي پھرين جنگشاھي کان ڪراچي پوءِ فيصل آباد موڪليو ويو. سندس لاش کي سندس ڀاءُ ھڪ ٻئي عالمي جنگ وڙھندڙ فوجي آفيسر جنگجو ميجر جنرل محمد اڪبر جي موجودگي ۾ فيصل آباد ۾ دفن ڪيو ويو. برگيڊيئر شير خان جي لاش کي ڪاري جبل ڪوھستان ۾ سندس چاندي جي سگريٽ جي ڪيس سان سڃاتو ويو جيڪو سندس کيسي ۾ پيل ھو ۽ ان مٿانS.K جو نشان به واضح ھو. ٻنھي آرمي آفيسرز جي آخري رسمن جي شروعات ڪراچي فريئر ھال ۾ ٿي. 17 ڊسمبر 2016ع تي نظرثاني ڪيل تاريخي مقالي “برگيڊيئر شير خان ملٽري ڪراس” ۾ ميجر جنرل (ر) سيد علي حامد، برگيڊيئر شير خان بابت لکي ٿو ته سندس لاش پشاور موڪليو ويو جتي سندس والد صاحب، ميجر جنرل ايوب خان (بعد ۾ صدر پاڪستان) ۽ برگيڊيئر حبيب اللہ خان خٽڪ (ٻين عالمي جنگ وڙھندڙ فوجي) وصول ڪيو. ڪارو جبل ڪوھستان مٿان شھيد ٿيندڙ برگيڊيئر شير خان جو پيءُ ميجر خان زمان وري پھرين عالمي جنگ ۾ انڊين آرمي طرفان وڙھيو. جڏھن ته ھن جو ننڍو ڀاءُ بھادر شير به مھاڀاري ويڙھ جي جٿي ۾ ڀرتي ٿي وڙھيو. پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ برگيڊيئر شير خان کي ڊائريڪٽر ملٽري آپريشنز جو عھدو ڏنو ويو جنھن دوران ھو ڪوھستان ۾ شھيد ٿيو. انگريزي اخبار“The Memory” پڻ تاريخ 14 ڊسمبر 1949ع اھا خبر ڇاپي جنھن ۾ به انھن ٻنھي شھيد جرنلن جو ذڪر آھي. جنرل افتخار خان جو دوست جنرل موشو کي آزادي کانپوءِ 1962ع ۾ انڊيا فوج جو چيف آف اسٽاف ڪيو ويو جڏھن ته افتخار وري پاڪستان جو چيف ڪمانڊر ٿيڻ وارو ھو ته شھيد ٿي ويو جنھن کانپوءِ سندس بعد ايندڙ آفيسر جنرل ايوب خان کي چيف ڪمانڊر ڪيو ويو. جنرل افتخار ٻي مھاڀاري ويڙھ ۾ برما ۾ انڊيا جي فوج جي قيادت ڪري وڙھيو. ميجر جنرل محمد اڪبر خان جيڪو ڪوھستان ڪارو جبل حادثي ۾ شھيد ٿيندڙ جنرل افتخار جو وڏو ڀاءُ ھو. سندس آرمي نمبرP.A.1 هو. سندن والد رسالدار ميجر فضل داد کي انگريزن “خان بھادر” جو لقب ڏنو ڇوته سندس 14 مان 6 پٽن آرمي جوائن ڪئي. ميجر جنرل محمد اڪبر خان کي ٻنھي مھاڀاري ويڙھن ۾ شرڪت جو موقعو مليو. ھن پھرين جنگ ۾ ڪيڊٽ جڏھن ته ٻي مھاڀاري جنگ ۾ آفيسر ٿي ويڙھ ڪئي. ميجر اڪبر خان کي سنڌ ايريا جو پھريون ھيڊ پڻ مقرر ڪيو ويو ھو. ھن سندس يادگيرين کي “ميري آپ بيتي” نالي سان ڪتاب ۾ لکيو جنھن ۾ ھن گھڻو ڪجھ رازن تان پڙدو کنيو. جنرل افتخار جي وفات کانپوءِ جنرل ايوب خان فوج جو ڪمانڊر ان چيف ٿيو جيڪو خود ٻي مھاڀاري جنگ ۾ حصو ورتل فوجي ھو. مٿي ذڪر ٿيل آھي ته جنرل ايوب خان، ڪارو جبل ڪوھستان جھاز واقعي جي شھيد فوجي برگيڊيئر شير خان جو جنازو پشاور ۾ برگيڊيئر شير خان جي والد سان گڏ وصول ڪيو. ھن برما ۾ ٻين مھاڀاري ويڙھ ۾ به حصو ورتو. اھو بدنصيب ڊوگلس سي-53 اسڪائي ٽروپر جھاز جيڪو ڪوھستان ۾ حادثي جو شڪار ٿيو اھو خود به ٻين عالمي جنگ ۾ استعمال ڪيل ھو. اھا نجي ڪمپني پاڪ ايئر ھئي جنھن ان جھاز کيAP-ADI نالي سان رجسٽر ڪرائي ھلايو جيڪو 1941ع ۾ پھريون ڀيرو ٺاھي آمريڪا ۾NC30022 رجسٽريشن نمبر سان پيسفڪ ايئرويز، لاس اينجلز ايئرويز ۽ ٽرانزاوشين ايئرلائينز ۾ اڏايو ويو ھو جن ان کي ٻين مھاڀاري جنگ ۾ استعمال ڪيو جيڪو اڳتي ھلي پاڪستان جي نجي ايئر ڪمپني خريد ڪيو ۽ جنھن جا 26 مسافر عملي سميت کڻي اچي ڪوھستان ۾ تباھ ٿيو (حوالو:www.aparm.net ) واضح رھي ته اھو جھاز حادثو ورھاڱي کانپوءِ پاڪستاني تاريخ جو ٻيون جھاز حادثو آھي.
ايوب خان جو ڪوھستان ۾ شڪار واسطي اچڻ:
صدر ايوب خان بعد ۾ وري ڊڪٽيٽر ٿي پاڻ کي پاڪستان جو صدر چونڊرايو ۽ 1960ع جي ڏھاڪي ۾ ھو سموري ٺٽي ضلعي ۾ شڪار ڪرڻ ايندو رھندو ھو. تنھن زماني ۾ ٺٽو سجاول گڏيل ھڪ ضلعو ھو جتي ھن دولھ دريا خان پل به تعمير ڪرائي. ھو جڏھن شڪار ڪرڻ لاءِ ايندو ھو ته پاڻ سان گڏ وڏو پروٽوڪول به آڻيندو ھو. سندس آمر ھجڻ ۽ آمراڻا حڪمن جو اندازو ان ڳالھ مان لڳائي سگھجي ٿو، بقول جنگشاھي درگاھ جي درياءَ خان جوکيو (ڀنڊ) ھن جا بزرگ به ايوب خان سان گڏ انھن ڏينھن دوران ڪوھستان ۾ ھئا جن ٻڌايو ته ايوب خان ٺٽي جي ڪوھستان ۾ ٻڪريون چارڻ تي سخت پابندي ان ڪري لاڳو ڪئي ته ٻڪريون وڻ کائن ٿيون، جنھن تي پکي ھي علائقو ڇڏي وڃن ٿا. ايوب خان جي ڪوھستان ۾ اچڻ بابت مشھور ليکڪ ۽ جھمپير ڪوھستان سان تعلق رکندڙ سنڌ جي جھوني اديب ۽ استاد رسول بخش درس جي گواھي ۽ روايت وڏي وزنائتي ۽ تاريخي دستاويز جي حيثيت رکي ٿي. راقم جڏھن سائين رسول بخش جي فرزند نوجوان استاد سارنگ درس سان رابطو ڪيو ته ان پنھنجي والد محترم کان اھا ڄاڻ ورتي. سائين رسول بخش درس مطابق بلڪل ايوب خان ھن ڪوھستاني پٽيءَ ۾ شڪار ڪرڻ جي غرض سان ملڪ سڪندر خان ۽ خاص ڪري پير غلام رسول جيلاني وٽ آيو ھو، جتي ھن جھمپير ۾ “روڊ نئين” لڳ شڪار ڪيو جتي ھڪ مزاحيه ڪردار رکندڙ شخص نالي پني لڌو برفت جي ڳالھ مشھور آھي ته ھن ايوب سان جڏھن ھٿ ملايو ته ڪافي ڏينھن تائين ان ھٿ کي ڌوئڻ به پسند ڪونه ڪيائين ۽ چوندو ھو ته ھي ھٿ مون ايوب سان ملايو آھي. ان علائقي ۾ ايوب خان ملڪ سڪندر خان جي ڪجھه ماڻھن سان گڏجي شڪار به ڪيو ته رات به ترسيو. ايوب خان جڏھن پير غلام رسول شاھ جيلاني وٽ ايندو ھو ته جھمپير جو جمال الدين ڪوهستاني به گڏ ھوندو ھو ڇوته پير غلام رسول شاھ صاحب ۽ جمال دين ڪوھستاني تمام ويجھا دوست ھئا. جڏھن ته ٽنڊو محمد خان جو مير اعجاز به ساڻس ھتي ڪڏھن ڪڏھن ايندو ھو ڇوته ايوب خان ٽنڊي محمد خان ۾ ھميشه مير اعجاز وٽ ئي رھندو ھو.
ان کان علاوہ ريلوي جا دستاويز به ان ڳالھ جي شاھدي ڏين ٿا، جن بابت حاجي مبين جوکيو (سابق چيئرمين يونين ڪائونسل جنگشاھي ۽ سابق ريلوي ملازم ڪوھستان) جي گواھي اھميت جوڳي آھي، مبين جوکيو ته مھاڀاري جنگين ۾ استعمال ٿيل سامان جا ڪٽا جيڪي جنگشاھي ريلوي اسٽيشن تي سالن کان پيل ھئا، اھي کڻي غريبن ۾ ورھايا. اھا معلومات حاجي مبين جوکيو جي خاندان مان ھڪ نياڻي ڪنول فاطمه جوکيو روزاني ھلال پاڪستان ڪراچي ۽ ٻين اخبارن ۾ پڻ 10 نومبر 2020 تي “جنگشاھي ڪوھستان جو امر ڪردار- حاجي مبين جوکيو” جي عنوان سان لکي ڇپرائي. ان کان علاوہ نور سنڌي به ان جو ذڪر روزاني عبرت جنوري 2019ع ۾ ڪيو. جھمپير لڳ ايوب خان اتيت مڪان لڳ ڪارو جبل به گھميو ۽ اتي شڪار به ڪيائين جنھن جي شاھدي سرور جاکرو وٽ ڪم ڪندڙ ھڪ مزدور به ڏئي ٿو ته سندس پيءُ ايوب جي گاڏين سان گڏ ھو. ان کان علاوہ رسول بخش درس صاحب جي روايت ۾ جنھن جمال دين جو نالو آيو، اھو جمال دين به جھمپير جي دوست عمران ڪوھستاني (خاصخيلي) جو والد صاحب جمال دين ڪوھستاني ئي آھي جيڪو به ايوب خان سان گڏ ھو، جنھن مطابق ايوب خان ھتي ڪينجھر، جھمپير، ساڏورو، جنگشاھي سميت ٻين ڪوھستاني علائقن ۾ شڪار ڪيو ھو. اتيت مڪان جي علي جاکرو ۽ ڇتن شاھ ڪارو جبل جي نواز پالاري به ٻڌايو ته سندن والد ۽ ڏاڏو (ترتيبوار) صدر ايوب سان گڏ ھئا جڏھن ھو اتيت مڪان ۽ ان جي آس پاس شڪار ڪرڻ آيو. ھڪ اھڙي ئي روايت مالماڙي جي نوجوان ڊاڪٽر صدام حسين جوکيو به لکي ته سندن بزرگن بقول صدر ايوب جيتوڻيڪ مالماڙي ته ڪونه آيو، پر رستي تي ايندڙ ڪجھ ڳوٺن ۾ آيو. اھي سڀ روايتون لکڻ جو مقصد منھنجي ان ڳالھ کي صرف ھڪ مفروضو يا ڏند ڪٿا نه پر حقيقت تي ٻڌل ڳالھ ڪري تاريخي حقيقتن کي تسليم ڪرڻ آھي ڇوته ايوب خان ڪو سنڌ يا ڪوھستان کي سون ڪونه بنايو، پر ھن پنھنجي ڌاڪ مڃائڻ لاءِ ڪوھستان صرف ان ڪري چونڊيو ڇوته ھو فطري ماحول ۾ شڪار ڪرڻ جو عادي ھو سو ڪوھستان جي فطرت کيس ضرور ڇڪي ھتي اچڻ تي مجبور ڪيو ھوندو.
حاصل مطلب ته دنيا ۾ جنگيون اڄ به ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ لڳن پيون بس فرق اھو آھي ته اڄ ايڪيھين صدي جي جنگين کي ڪير به مھاڀاري جنگ قرار نٿو ڏي ۽ دنيا جي ويٽو پاور رکندڙ ڪا به طاقت اھو مڃڻ لاءِ تيار ناھي ته اسان ڪا مھاڀاري جنگ وڙھون پيا حالانڪه نيٽو کي گڏ ڪري ماضي ۾ افغان-آمريڪا جنگ کان علاوہ عراق-آمريڪا جنگين به دنيا ۾ تباھي آندي جنھن جي سزا وري پاڪستان ۽ سنڌ کي ملي. انھن ماضيءَ جي لڙائين وانگر، سنڌ جو اھم خطو ڪوھستان جيڪو ھونئن به تاريخ ۾ شاھوڪار آھي ته گڏوگڏ جنگين، ويڙھن ۽ لڙائين جي تاريخ جي ڏس ۾ به سڄو ڪوھستان مشھور آھي جنھن تي سائنسي انداز ۾ کوجنا وارو ڪم اڄ تائين نه ھجڻ برابر ٿيو آھي ڇوته مھاڀاري جنگيون جھڙيءَ ريت ننڍي کنڊ ۽ سنڌ پاڪستان جي تاريخ ۾ اھم آھن بلڪل اھڙيءَ طرح ھن مقالي مان به اھو ثابت ٿيو ته انھن مھاڀاري جنگين جو سنڌ جي راڄڌاڻي ڪراچي ۽ ان سان جڙيل ڪوھستان سان به وڏو تعلق رھيو آھي. ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته سنڌ جا اسڪالر ڪوھستان ۽ مھاڀاري جنگين بابت وڌيڪ لڪل ڳالھين تي ڪم ڪن ته جيئن تحقيق جا نوان دروازا کلن ۽ تاريخ جي ھن وساريل خطي کي دنيا آڏو آڻي سگھجي. واضح رھي ته ان موضوع تي تحقيق، سنڌ جي علم و ادب ۽ تاريخ ۾ وڌيڪ سٺا نتيجا آڻي سگھي ٿي جنھن سان ڪراچيءَ سميت سموري ڪوھستان ۽ سنڌ جي مالڪي به بھتر انداز ۾ ڪري سگھجي ٿي ته گڏوگڏ اسان پاڻ طرف انٽرنيشنل ميڊيا جي ادارن کي به ڇڪي سگھون ٿا.
REFERENCES:
Willmott, H.P. (2003). World War I. New York: Dorling Kindersley. ISBN 978-0-7894-9627-0. OCLC 52541937. https://www.bbc.com/urdu/regional-46192350.amp… https://free.facebook.com/story.php?story_fbid=2349442181992691&id=1664785693791680&_rdc=1&_rdr https://www.ebooks.com/…/indians…/aravind-ganachari/… https://www.indiatoday.in/…/indian-soldiers-world-war… https://theprint.in/…/the-british-used-low…/369092/ https://www.cwgc.org/…/Karachi%201914-1918%20War…/ https://aparm.net/ap-aaa_ap-azz/ap-ada_ap-adz/ap-adi.htm http://thebigpicture.pk/…/inside-the-karachi-war-cemetery https://www.iwm.org.uk/…/first-world-war-recruitment… https://www.iwm.org.uk/…/first-world-war-recruitment… https://trove.nla.gov.au/newspaper/article/26664091 https://www.thefridaytimes.com/44920-2/ https://www.thefridaytimes.com/a-1949-air-crash-that-may…/ https://eng.jeeveypakistan.com/?p=2300 http:// csi o- op s- csio .bl ogspo t. com/2016 /12/ fwd -brigadier-sher -khan .html http://www.goharayubkhan.com/PAKISTAN%20ARMY%20NUMBER… https://www.brownpundits.com/…/general-mohammed-akbar…/ https://www.pinterest.ru/pin/271764158744962360/ https://www.thefridaytimes.com/karachi-as-the-gis-saw-it/ https://pacificwrecks.com/air…/pakistan/karachi/index.html http://digging-deep-crossing-far.de/…/digging_broschure… https://ww2db.com/facility/Karachi_Airfield http://www.cbi-theater.com/karachi/karachi.html