عسڪري قيادت جو پاڪ فوج کي بدنام ڪرڻ جي مهم جو سخت نوٽيس

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ فارميسن ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ پيشيوراڻن معاملن ۽ نيشنل سيڪيورٽي چئلينجن تي بريفنگ ڏني وئي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن کي روايتي ۽ غير روايتي خطرن کي منهن ڏيڻ تي بريفنگ ڏني وئي. آءِ ايس پي آر موجب فورم اداري ۽ سوسائٽي وچ ۾ ويڇا پيدا ڪرڻ جي مهم جو نوٽيس ورتو ۽ ان جي روڪٿام تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. فارميشن ڪمانڊرز موقف اختيار ڪيو ته ان پروپيگنڊا جو مقصد سوسائٽي ۽ اداري وچ ۾ ڏار پيدا ڪرڻ آهي، پاڪستان جي قومي سلامتي سڀ کان وڌيڪ عزيز آهي. فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس موقف اختيار ڪيو ته پاڪ فوج ڪو به سمجهوتو ڪرڻ بنا سدائين رياستي ادارن سان گڏ بيٺي رهندي. فارميشن ڪمانڊرز عسڪري قيادت طرفان آئين ۽ قانون جي سربلندي لاءِ ڪيل فيصلن تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ آئين ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ عسڪري قيادت جي بهترين فيصلن تي هر قيمت تي گڏ آهيون. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته پاڪ فوج پنهنجي ذميوارين کان آگاهه آهي، پاڪ فوج هر قسم جي حالتن ۾ اندروني توڙي ٻاهرين خطرن کي منهن ڏيندي پاڪستان جو بچاءُ ڪندي. فارميشن ڪمانڊرز جي اهم ترين اجلاس ۾ پاڪ فوج طرفان واضح پيغام ڏنو ويو ته اسان مهم هلائيندڙن تائين پهچي ويا آهن، فوج آئين ۽ قانون تي عمل ڪندي، ڪجهه به ٿئي فوج قومي سلامتي تي ڪڏهن سوديبازي نه ڪندي. آرمي چيف فارميشن جي اڀرندڙ چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي مڪينزم کي ساراهيو.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments