عـبـدالـقـادر جـوڻـيـجـو جـي يـاد ۾ تـقـريـب زاهد اوٺو Aug 2020

سنڌي، اردو ۽ انگريزي جي نامور ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامي نگار عبدالقادر جوڻيجي جي ياد ۾  المنظر وٽ سنڌو درياهه جي ڪناري تي ايس او پيز تحت تقريب رکي وئي. مهراڻو ادبي ثقافتي سوسائٽي ٿرپارڪر پاران ٻيڙين تي رٿيل تقريب ۾ عبدالقادر جوڻيجي جي ويجهن دوستن، عالمن ۽ اديبن کيس ڀيٽا پيش ڪئي. تقريب ۾ نامياري دانشور تاج جويي ڳالهائيندي چيو ته عبدالقادر جوڻيجو جا خط خوبصورت افسانا آهن، پاڻ ٿر مجسم سنڌ مجسم هو، علي بابا ۽ عبدالقادر جوڻيجو وڏا محقق هئا هنن جيڪو به مواد سرجيو، اهو ڪردارن جي شڪل ۾ انهن دنيا آڏو پيش ڪيو، عبدالقادر جوڻيجو جي وصيت ڪيل هئي ته مون کي پٿرن جي شهر ۾ نه پر ٿر جي واري ۾ دفن ڪجو، تاج جويي پنهنجي شاعري پيش ڪري عبدالقادر جوڻيجو کي ڀيٽا پيش ڪئي. نامياري ليکڪ جامي چانڊيو ڳالهائيندي چيو ته عبدالقادر جوڻيجو اسان نوجوانن جي ڇپر ڇانو هو، شفيق هجڻ ڪري هميشه محبت ڏني، هي تخليقي ماڻهو هو سندس روح ۾ ٿر، ٿر جون وستيون ۽ ٿري ماڻهو موجود هئا، عبدالقادر جوڻيجو کي مختلف روپن ۾ ورهائي نٿو سگهجي، قدآور، حسين شخصيت جو مالڪ هو، دل فقيري رکندڙ يار ويس ماڻهو هو، سندس لکڻيون به حسين آھن. مهيش ڪمار ڳالهائيندي چيو ته عبدالقادر جوڻيجو جي حوالي سان هي تقريب هڪ منفرد آهي، مون عبدالقادر جوڻيجو جا ڪيترائي انٽرويو ڪيا، ساڻس ويجهو رهيس، هي فقير قسم جو ماڻهو هو، هي سنڌ جو عالمي سطح جو ليکڪ هو، عبدالقادر جوڻيجو جي زندگي تي تاثراتي ڪتاب ترتيب ڏنو وڃي. عبدالقادر جوڻيجو جي پٽ نصير قادر جوڻيجي ڳالهائيندي چيو ته بابا حساس قسم جو ۽ بهادر ماڻهو هو، جنهن جوانمڙدي جو مقابلو ڪيو، بابا جو پنهنجي اولاد سان دوستن وارو رويو هو. عبدالقادر جوڻيجو جي ناٺي ۽ سنڌ يونيورسٽي جي آفيسر ساجد قيوم ميمڻ ڳالهائيندي چيو ته سائين عبدالقادر جوڻيجو جو موت وقت کان اڳ جو آهي، هي ڪارائتو ماڻهو هو، هن جو دوست ۽ عاشق هئس، ساڻس انيڪ يادون آهن. دوستي رشتيداري ۾ تبديل ٿي، مذهبي ماڻهو نه هوندي هر مذهب جو احترام ڪندو هو. هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان سنڌ جي اڳواڻ پروفيسر امداد چانڊيو ڳالهائيندي چيو ته عبدالقادر جوڻيجو اعليٰ پائي جو تخليقڪار هو، هي پنهنجي لکڻين تي ناز ڪندو هو، هي اهڙو اديب هو جنهن سنڌ کي ٻاهرين دنيا م متعارف ڪرائڻ چاهيو، هن اسان جي سنڌي ثقافت کي دنيا ۾ متعارف ڪرايو. پنهنجي مٽي سان محبت ڪندڙ آهي سندس لکڻين ۾ حسين مور ٽهوڪا ڏيندي محسوس ٿين ٿا. تقريب ۾ ادريس جتوئي، ذوالفقار هاليپوٽو، موهن مدهوش، پروفيسر امداد چانڊيو، گل شير ڪوريجو، احسان راهوجو، رزاق عمراڻي، آغا ظفر، آڪاش چانڊيو، انور سولنگي، نواز آريسر، اڪرم ملاح، حاڪم ايڇ ايم چانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تقريب ۾ زاهد اوٺو ميزباني ڪئي ۽ آجياڻي کي خطاب ۾ چيو ته ڪورونا وائرس واري صورتحال ۾ اسان کان وڇڙي ويو، سندس لکڻيون هاڪڙو جي ٻوليءَ جو محافظ هيون، ڪارروائي نامياري براڊ ڪاسٽر نصير مرزا هلائي. نامياري راڳي استاد برڪت فقير حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي وائي پيش ڪري تقريب جي شروعات ڪئي. جڏهن ته نوجوان راڳي انور سولنگي مان هجان نه هجان قافلو روان هجي، وائي پيش ڪري واھ واھ ڪري زبردست داد حاصل ڪيو. تقريب ۾ عبدالقادر جوڻيجي جي ياد سان گڏ ٿر المنظر ۽ ماٺيڻو اوٺو جو به المنظر تي ذڪر ڪيو ويو.

***

 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
1 Comment
Oldest
Newest Most Voted
Inline Feedbacks
View all comments
jazz instrumental music music

jazz instrumental music music