ادب

علم انسان جي ٽين اک آهي سنڌو سنڌي مالماڙي

اسان جي خاندان ۾ علم ڏانھن رغبت پراڻي زماني کان ھلندي پئي اچي جڏھن اسان جو ڏاڏو ڪوھستان جو مشھور تعليمدان جناب عبدالعزيز جوکيو پاڪ ھند ورھاڱي وقت به علم جي پرچار ڪندو ھو ۽ ان جي خاص مھربانين سان منھنجو بابا سائين اين. جي. وي هاءِ اسڪول ڪراچي ۾ پڙھيو. اسان تي ڏاڏا عبدالعزيز جون وڏيون مھربانيون آھن جيڪو نياڻين جي تعليم جو حامي پڻ ھو. مون کي پنھنجي والد محترم حاجي محمد جوکيو (جيڪو ھڪ ايماندار شريف استاد پڻ ٿيو) گريجوئيشن تائين تعليم تمام وڏي محنتن سان ڏياري.

ٽيچنگ جا ليسن پلان ٺاھي ڪلاس ۾ ھلائڻ جا فن به سيکاريا. منھنجي شادي منھنجي ماروٽ جسارت سان ٿيڻ وقت آئون صرف گريجوئيٽ ھئس. جسارت جو شوق ھو اڳتي پڙھان. ڪمپيوٽر جو ھڪ ٽن مهينن جو ڪورس ٺٽي شھر جي ھڪ پرائيويٽ اداري مان ڪيم. جڏھن بابا کي خبر پئي ته تمام گھڻو خوش ٿيو ۽ خرچي به ڏني.

شايد 2008 جي ڳالھ آھي ته جڏھن علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ ايم. ايس. سي جا داخلا فارم ڀريا پئي ته مون کي جسارت چيو اوھان ايم. ايس. سي ڪريو مون چيو ڪريان ٿي، پر ھڪ ٻه ٻيو به گڏ ھجي ته بھتر ٿيندو. ايئن ڪافي ڀينرن کي چيم پر ڪير به تيار نه ٿي. گڏوگڏ منھنجي معزز محترم استادن کي به صلاح ھنيم جن ۾ ادا حاجي بشارت الياس، سائين رحيم خان، سائين محمد ياسين، سائين محمد عباس جوکيو شامل آھن. اھي سڀ راضي ٿي ويا ۽ پوءِ اسان پنج ڄڻا ٿياسين بسم اللہ ڪري داخلا ورتيسين. منھنجا محترم استاد اسان سڀ ڪلاس فيلو ٿي وياسين ھڪ گاڏي ۾ ايندا ويندا ھئاسين بدين، تلھار، ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر تائين شديد گرمي سردي ۾ ورڪشاپ ۾ لڳاتار پندرھن ڏينھن شرڪت ڪرڻ ڪنھن به امتحان کان گھٽ نه ھوندو ھو، پر دل نه لاٿم منھنجي استاد ڀائرن سان اڪيلي ڇوڪري ڀيڻ ھجڻ باوجود ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي پنھنجي جذبي ۽ شوق کي جاري رکيم پيپر وغيرہ ۾ به نڪري ويس ٿوري گھڻي تڪليف اچڻ وڃڻ ۾ ٿيندي ھئي، پر منھنجو خيال سڀ رکندا ھئا. وڏي ۾ وڏو مون کي ساٿ جسارت ۽ ادا حاجي بشارت ڏنو. جيڪڏھن نه ڏين ھا ته ڊگري اڌ ۾ ڇڏي ڏيان ھا.

نيٺ مون 2011ع ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد مان پاڪستان اسٽڊي سبجيڪٽ ۾ ايم. ايس. سي (ماسٽر آف سائنس) ڪئي. اھڙي ريت اسان جي ڪوھستان جي علمي ادبي مشھور ڳوٺ مالماڙي مان سڀ کان اڳ اھو اعزاز مونکي مليو جيڪا منھنجي لاءِ وڏي خوش نصيبي جي ڳالھ آھي. ھتي اھو لکندي ھلان ته مالماڙي ڳوٺ ۾ علمي شعور ڏيڍ سئو سال اڳ آيل آھي ان ڪري اسان وٽ وڏا وڏا ڊاڪٽر انجنيئر، پروفيسر ۽ آفيسر وڏي تعداد ۾ موجود آھن انھن جا سڀ ٻار وڏن وڏن ادارن مان ڊگري ھولڊر آھن تن ۾ آئون غريب جي نياڻي ڪا ڊگري حاصل ڪريان اھا ڳالھ ڪنھن اعزاز کان گھٽ ناھي.

شڪر الحمد اللہ منھنجي ھمسفر ساٿي جسارت جي صلاح تي ايم. ايس. سي ڪيم جسارت صاحب ھزارن جو استاد آھي، پر منھنجو به استاد آھي جنھن مون کي ايم. ايس. سي ڪرائي اڄ منھنجي ھٿ ۾ ايم. ايس. سي جي ڊگري آھي جتي به ويندي آھيان تعليم اھا ٻڌائيندي آھيان جيڪا منھنجي لاءِ وڏو اعزاز آھي.

sindhusindhi2019@gmail.com