خاص

عمران خان جي ڌرڻي دوران آءِ ايس آءِ چيف چيو ته استعيفيٰ ڏئي يا نتيجا ڀوڳڻ لاءِ تيار ٿي: نواز شريف

اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته عمران خان جي ڌرڻي دوران ان وقت جي ليفٽيننٽ جنرل ظهير السلام مون سان رابطو ڪري پيغام ڏنو ته مان استعيفيٰ ڏيئي گهر هليو وڃان نه ته نتيجا ڀوڳڻ لاءِ تيار ٿي وڃان. تفصيل موجب اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ مسلم ليگ ن جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (سي اي سي) جو اجلاس لاهور ۾ ٿيو، جنهن ۾ مريم نواز، احسن اقبال، شاهد خاقان عباسي، محمد زبير ۽ راجا فاروق شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ شهباز شريف جي گرفتاري سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال تي غور ڪيو ويو. جڏهن ته موجوده حالتن کي ڏسندي سياسي حڪمت عملي ۽ مستقبل جي حڪمت عملي تي ڳالهيون ڪيون ويون. اجلاس کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته اڄ اسان انگريزن جي غلامي مان نڪري پنهنجن جي غلامي ۾ اچي ويا آهيون. اسان آزاد شهري ناهيون، پنهنجي پاڻ کان پڇو ته ڇا توهان آزاد شهري آهيو؟ اُهو وقت پري ناهي جڏهن سمورين شين جو حساب ڏيڻو پوندو. فيصلو ڪيو آهي ته ذلت جي زندگي اسان نٿا جي سگهون. نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي ڳجهي ايجنسي آءِ ايس آءِ جي ان وقت جي ڊي جي ليفٽيننٽ جنرل ظهير السلام عمران خان جي ڌرڻي جي آخري رات مون سان رابطو ڪري پيغام ڏنو ته مان استعيفيٰ ڏيئي گهر هليو وڃان نه ته نتيجا ڀوڳڻ لاءِ تيار ٿي وڃان. هن چيو ته سليڪٽر اهڙي وزير اعظم کي کڻي آيا آهن جنهن کي ڪابه خبر ناهي، هن کي اچي ڪجهه به نٿو ۽ هو لاشعور آهي، کيس نه ڪنهن شيءِ جي خبر اٿس نه ئي دماغ اٿس. سندس چوڻ هو ته جنهن اهڙي وزير اعظم کي مڙهيو آهي اُهي ئي ڏوهاري آهن انهن کان جواب وٺڻو آهي، اسان ان جو حساب وٺي رهنداسين پوءِ ڀلي هفتا مهينا يا سال لڳي وڃن، پر حساب ضرور وٺنداسين. نواز شريف چيو ته شهباز شريف کي ته پڪڙيو ويو، پر عاصم سليم باجو اڃان آزاد آهي، جهڙي ريت عمران خان پاڻ جسٽس ثاقب نثار کان ڪلين چٽ ورتي اهڙي ئي ريت عاصم سليم باجوا کي به ڏياري. مون کي خبر آهي ته نظريي جو بار ڪير به نٿو کڻي سگهي، پر جيڪڏهن ٿوري همت ڪئي وڃي ته تبديلي اچي ويندي، ٿورو حوصلو گهرجي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسان کي گلگلت بلتستان جي چونڊن جي ڀرپور تياري ڪرڻ گهرجي ۽ ڪنهن به رنڊڪ کي منهن ڏيڻ گهرجي. نواز شريف جو چوڻ هو ته اسان کي فخر آهي ته اسان جا ساٿي جرئت سان مقابلو ڪري رهيا آهن، شهباز شريف بي مثال جرئت ۽ بهادري ۽ استقلال جو مظاهرو ڪيو آهي، اُهو مرد ميدان آهي، هن ڏکيائين آڏو ڪنڌ نه جهڪايو. ن ليگ جي سربراهه وڌيڪ چيو ته سليوٽ ڪيان ٿو ته هن ديانتداري سان قوم ۽ ملڪ جي خدمت ڪئي، پنجاب ۾ ڏينهن رات محنت ڪري بجلي جا ڪارخانا هنيا، اسحاق ڊار وسيلا مهيا ڪيا، اِهو سمورو ڪريڊٽ شهباز شريف، خواجا آصف ۽ شاهد خاقان عباسي جي ٽيم ڏانهن وڃي ٿو، انهن سرڪاري آفيسرن کي به سلام پيش ڪيان ٿو جن توانائي جي کوٽ ختم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو.