پاڪستانخاصنيو‍‍ز

عوام لاءِ خوشخبري، حڪومت جو پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو فيصلو

وزيراعظم شهباز شريف پيٽروليم ۽ ناڻي واري وزارت کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جي سمري طلب ڪري ورتي. وزيراعظم شهباز شريف عيد تي عوام کي وڏي خوشخبري ڏيندي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم عالمي مارڪيٽ ۾ تيل اگهن ۾ لاٿ جو فائدو عوام کي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪندي پيٽروليم ۽ ناڻي واري وزارت کان تيل اگهن ۾ لاٿ جي سمري گهري ورتي آهي. هن پنهنجي صدارت هيٺ اجلاس ۾ تيل اگهن ۾ گهٽتائي جي سمري موڪلڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته عوام عالمي مارڪيٽ ۾ تيل اگهن ۾ واڌ تي قرباني ڏني، انهن کي هاڻ رليف به ملڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته عوام ڏکئي وقت مان گذريو آهي، هاڻ ڀرپور رليف ملڻ گهرجي، عالمي مارڪيٽ ۾ جيتري گهٽتائي ٿي آهي، شفافيت سان انهيءَ منتقلي کي يقيني بڻايو وڃي.