خاص

عوام وزيراعظم عمران خان کانسواءِ ڪنهن کي به قبول ڪري ٿو: بلاول.

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عوام وزير اعظم عمران خان کانسواءِ ڪنهن کي به قبول ڪري ٿو. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان کي پاڪستان لاءِ وزيراعظم جي ضرورت آهي پر بدقسمتي سان اسان وٽ پي ٽي آءِ جو وزيراعظم آهي. هن چيو ته وزيراعظم خان پاڻ کي “اڪيلو آپشن” چئي رهيو آهي، پر پاڪستاني عوام وزيراعظم عمران خان کانسواءِ ڪنهن ٻئي کي قبول ڪندي. چيئرمين پيپلز پارٽي ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته هاڻي هن حڪومت کي وڃڻ گهرجي ۽ هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اڄ لاهور ۾ هڪ اهم پريس ڪانفرنس جو اعلان ڪيو آهي.