فرانسيسي صدر جو اسلام مخالف بيان: ايران، قطر ۽ او آءِ سي پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار
دوحه: مسلمان ملڪن ۾ فرانسيسي صدر جي اسلام مخالف بيان کانپوءِ ڪاوڙ جو سلسلو جاري آهي. ترڪ صدر هڪ دفعو ٻيهر ميڪرون کي دماغي علاج جو مشورو ڏنو آهي. ايران، قطر، او آءِ سي ۽ عرب ملڪن جي تعاون ڪائونسل طرفان به سخت مذمتي بيان جاري ڪندي اسلامي دنيا ۾ فرنچ شين جو بائيڪاٽ ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو. ڪويت ۾ فرانسيسي پراڊڪٽس کي اسٽور تان هٽايو ويو. فرانسيسي صدر توهين جوڳي ۽ مسلمان مخالف قدمن، کان پوءِ اسلامي دنيا طرفان سخت رد عمل سامهون اچي ويو آهي. ترڪ صدر طيب اردوان فرانسيسي صدر کي هڪ دفعو ٻيهر دماغي علاج ڪرائڻ جو مشورو ڏنو آهي. ايران جي پرڏيهي وزارت به فرانسيسي قدمن جي مذمت ڪئي ۽ کيس نفرت جو پرچارڪ قرار ڏنو. قطر، ڪويت، او آءِ سي ۽ عرب تعاون تنظيم به فرانسيسي صدر کي اسلام دشمن پاليسين تي سخت تنقيد ڪئي. مصر ۾ جامعه الازهر جي مفتيءَ اعظم شيخ احمد الطيب، لبيا جي صدارتي ڪائونسل جي چيئرمين يمن جي مذهبي معاملن واري وزير، اردن ۾ اخوان المسلمين جڏهن ته شام جي سياسي پارٽين طرفان صدر ميڪرون کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو پيو وڃي.