ڪراچي جي ميئر پاران وفاق جي ڪنهن به قدم جي حمايت جو اعلان

ڪراچي جي ميئر وسيم اختر چيو آهي ته هو ڪراچي جي صورتحال کي بهتر بنائڻ لاءِ وفاق پاران کنيل ڪنهن به قدم جي آجيان ڪندو. هن چيو ته ڪراچي جي شهر جي ۽ ميونسپل جي صورتحال کي بهتر بنائڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي. هن وقت ڪراچي جي اهڙي حالت آهي ڄڻ ته ڪراچي ڪنهن آءِ سي يو ۾ موجود مريض هجي. هن وقت ڪراچي کي مدد جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته سڄي ملڪ ۾ صرف ڪراچي ئي اهڙو هڪ شهر آهي جنهن کي مختلف ميونسپل اٿارٽيز ۾ ورهايو ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *