پاڪستانخاصنيو‍‍ز

سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ گستاخ خاڪن خلاف قرار داد منظور

سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ گستاخ خاڪن خلاف قرار داد منظور، فرانس سان ناتا ختم ۽ سفير ملڪ بدر ڪرڻ جا مطالبا

سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي گستاخ خاڪن خلاف ٺهراءُ منظور ڪري ورتا، پارليامينٽيريز پاران فرانس سان لاڳاپا ختم ڪرڻ سفير ملڪ بدر ڪرڻ، پنهنجو سفير فرانس مان واپس گهرائڻ ۽ فرانسيسي مصنوعات جو بائيڪاٽ ڪرڻ جا مطالبا. رپورٽ موجب سينيٽ فرانس ۾ اظهار راءِ جي آزادي جي نالي اسلام ۽ مسلمانن تي مسلسل حملن ۽ اسلامو فوبيا تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي، فرانس سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪرڻ، فرانسيسي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ ۽ فرانسيسي مصنوعات جي بائيڪاٽ جو مطالبو ڪندي قرار داد منظور ڪري ورتي آهي، سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم چيو ته فرانس ۾ گستاخانا خاڪن ۽ مسلمانن جي خلاف نفرت انگيز قدمن سان سڄي دنيا جي مسلمانن جا جذبا مجروح ٿيا آهن. سڄي مسلمان دنيا ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ آهي. وزيراعظم به چيو ته اسلامو فوبيا دنيا جي امن کي خطرو آهي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ کي سخت خطرا ٿي سگهن ٿا، هن ايوان جا به اهي ئي جذبا آهن. هن چيو ته هو ان حوالي سان قرارداد پيش ڪرڻ چاهي ٿو، چيئرمين چيو ته ان حوالي سان رولز معطل ڪري رٿ آڻيو، ڪشمير جي حوالي سان به قرارداد اچڻي آهي، ميمبر ان حوالي سان قرارداد آڻڻ چاهين ٿا، اهو سڀني جو گڏيل معاملو آهي. بعد ۾ سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم رولز رد ڪرڻ واري رٿ پيش ڪئي جنهن جي چيئرمين منظوري ڏني جنهن کانپوءِ هن پنهنجي ۽ ٻين ميمبرن پاران گڏيل قرار داد پيش ڪئي جنهن ۾ چيو ويو ته سينيٽ ۽ پاڪستان اسلام ۽ مسلمانن جي اظهار راءِ جي آزادي جي نالي تي ٿيندڙ حملن ۽ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو. قرار داد ۾ چيو ويو ته سينيٽ انهن واقعن ۽ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي ناموس تي حملي جي سخت مذمت ڪري ٿي. قرارداد ۾ چيو ويو ته اهڙي قسم جا قابل مذمت خاص طور تي جڏهن حڪومتن پاران ڪيو وڃي ته انتهائي خطرناڪ ۽ مختلف مذهبن کي مڃيندڙن جي وچ ۾ ورڇ کي وڌيڪ هوا ڏيندڙ آهن.