خاص

فرحان سخيراڻي ڇهين سالگره جي موقعي تي ميگزين بابت تاثرات

همسري: توهان پنهنجو تعارف ڪرايو؟

فرحان سخيراڻي: منهنجو نالو محمد فرحان سخيراڻي آهي، مان ڪوٽڙي ۾ رهندو آهيان. مان هن وقت همسري مئگزين ۽ روزاني ڪاوش اخبار ۾ ڪم ڪري رهيو آهيان صبح جو همسري جي آفيس ۾ هوندو آهيان شام جو ڪاوش ۾ ڪم ڪندو آهيان. همسري ۾ آءِ. ٽي شعبي ۾ انچارج طور ڪم ڪندو آهيان.

همسري: پنهنجي هن سڄي ڪم واري عرصي ۾ توهان جو تجربو ڪيئن رهيو آهي؟

فرحان سخيراڻي: مون کي همسريءَ ۾ ڪم ڪندي لڳ ڀڳ ڏيڍ سال ٿي ويو آهي، همسري ٽيم سان گڏ ڪم ڪندي مون کي ڏاڍو سٺو لڳو آهي ۽ ايمانداري جي ڳالهه اها آهي ته آئون اهو چوندي خوشي محسوس ڪيان ٿو ته هتي ڪم ڪرڻ کانپوءِ مون تمام گهڻو سکيو آهي. ڪافي آئيڊياز تي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو آهي ۽ اهو ماحول به مليو آهي جنهن ۾ آئون ڪافي نيون شيون سکي سگهيو آهيان ۽ ان تي تجربا به ڪيا آهن ۽ اڃان وڌيڪ سکڻ جي اميد آهي.

همسري: همسري لاءِ ڪو فيڊ بيڪ ملندو آهي؟

فرحان سخيراڻي: ڪافي دوست آهن جيڪي همسري کي مستقل پڙهن ٿا، انهن مون کا پڇو به آهي ڇو ته هو منهنجو همسري ٽيم ۾ نالو ڏسن ٿا ۽ ان باري ۾ به مون کان پڇندا به آهن ۽ هميشه اهو فيڊ بيڪ ملندو آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ هي هڪ تمام سٺو مئگزين آهي جنهن ۾ سٺا ليک ڇپجن ٿا ۽ سٺا سٺا ليکڪ ان ۾ لکن ٿا، لڳ ڀڳ هر شيءِ جي باري ۾ هن مئگزين ۾ ڳالهه ٻولهه ٿئي ٿي.

همسري: همسري مئگزين کي وڌيڪ بهتر بنائڻ لاءِ ڪي تجويزون ڏيئي سگهو ٿا؟

فرحان سخيراڻي: ها بلڪل منهنجي ذهن ۾ ڪجهه تجويزون آهن، جيئن ته هينئر سوشل ميڊيا پنهنجي عروج تي آهي ان جا جيترا به فورمز آهن ۽ جيتريون به ايپليڪيشنز آهن جتي جتي همسري مئگزين ۽ ان سان لاڳاپيل اسان جو يوٽيوب چئنل شيئر ٿي سگهي ٿو شيئر ڪجي، ليکڪن تائين اسان کي پنهنجي ويب سائيٽ کي پهچائڻ گهرجي، نون ماڻهن کي شامل ڪرڻ لاءِ اسان کي سوشل ميڊيا جو ئي سهارو وٺڻ کپي. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته اسان جو مئگزين تمام سٺو مئگزين آهي ۽ سٺا رائيٽر اسان وٽ لکن ٿا، بس هن کي وڌ ۾ وڌ دوستن تائين پهچائڻ جي ضرورت آهي.