فرح ميمڻ جو پهريون ڪتاب: ۽ معصوم مرڪ جهڙي شاعري! همير گاد

1848 Shares

فرح غني ميمڻ جو انگريزيءَ نظمن جو پهريون ڪتاب(The Pretty Realties A collection of feelings) جيڪو ايلسا پبليڪيشن حيدرآباد پاران سال 2020ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو ۽ هِن سال فيبروري 2022ع ۾ هِن ڪتاب کي انجمن ترقي پسند مصنفين پاران سال جي بهترين ڪتاب جو ايوارڊ ڏنو ويو ۽ اُهو اعزاز تمام گهٽ شاعرن کي نصيب ٿيندو آھي جو اُن جي پهرئين ئي ڪتاب کي ڪنهن ايوارڊ سان نوازيو ويو هجي. فرح ميمڻ هِي ڪتاب ۽ ايوارڊ پنهنجي مرحوم والد کي ارپيو آھي. ڪتاب ۾ ڪيترائي خوبصورت نظم شامل آهن.

آمريڪي شاعر رابرٽ فراسٽ ڪيڏي نه ڀلي ڳالھ ڪئي آهي، ”جڏهن جذبن کي سوچ ۽ سوچ کي لفظ ملن ٿا ته شاعري ٿئي ٿي. سوچ کي لفظن جو روپ ڏيڻ هر ڪنهن جو ڪمال ناهي. دنيا جو هر انسان سوچي ٿو، پر لفظن کي لباس نٿو پهرائي سگهي. اُهو هڪ شاعر جو ڪمال ئي آهي، جيڪو اُهو ڪمال ڪري ٿو ۽ غضب تڏهن ٿئي ٿو. جڏهن اوهان اُن تي ايتري خُوبصورتي سان لکو جو اُن جو اثر پڙهندڙ تي ايئن ٿئي، جيئن شاعر يا شاعره تي ٿئي ٿو.“ فرح ميمڻ جا نظم ڪنهن معصوم مُرڪ جيان مَن کي موهين ٿا.

I know Who You are For Me.

You are The Love I Want to Have.

The Affection Is Special To Feel.

The Man who loves Painting With all Of His Heart

He Is an Artist and My Soul Mate.

My Heart Is So Stressed at The Thought Of You.

I Want to Cry and Shout That I Know You the One.

(My Soul mate)

ڪائنات جي زبان خاموش آھي، جنهن کي سمجهڻ جي لاءِ هڪ شاعر اُن سان گفتگو ڪري زندگيءَ جي رنگن کي شاعري ۾ عڪاسي ڪندو آھي. نقادن جو خيال آھي ته شاعري يا ته سُٺي ھوندي آھي يا خراب، ننڍي يا وڏي شاعري ناهي هوندي. ان حوالي سان جيڪڏهن اسين فرح جي هِن شاعريءَ جي ڪتاب تي جائزو وٺون ته اسان کي اُن ۾ سُٺي شاعري ملندي.

نظم(Selling Dreams)  جون هي سٽون پڙھو.

Sweetheart, a Dream, Is Like a Beautiful Piece of Desire.

Everyone Has Dreams, and They Are Imaginary but Strong.

Reality has its way, but People Believe In Their Fantasy Dreams.

۽ جنهن شاعر وٽ اهڙيون سٽون هجن، اُن کي ڪير نظر انداز ڪري سگهي ٿو؟ ۽ نظر انداز به ڇو ڪري؟ شاعري زنده جذبن جو اظھار هوندي آھي، جنهن کي زندگي بخشڻ ۽ لفظن کي ٻوليندڙ روپ ۾ پيش ڪرڻ شاعر جو ئي ڪمال آھي، شاعر ته بي رنگ دنيا ۾ رنگ ڀريندا آھن. فرح جي نظمن ۾ جتي درد، ڪرب ۽ پيڙاءُ آھي، اُتي سُرور، پيار جو ڇهاءُ، ڪوملتا جو احساس به آھي ۽ اُهو احساس فرح جي شاعريءَ کي اڃان وڌيڪ سُهڻو ۽ سَگهارو بڻائي ڇڏي ٿو. سندس خيالن کي پوئڻ جو سليقو آهي. لفظن کي شاعر ۽ اديب هڪ نئين عمر ڏيندا آھن ۽ صدين جي سفر تي روانو ڪري ڇڏيندا آھن ته ڪو آھي، جيڪو انهن کي ٻيهر ڳولي ۽ هڪ نئين عمر ڏيئي ڇڏي. شاعريءَ لاءِ اُهو به چيو ويندو رهيو آهي:

Poetry is the Chiseled Marble of Language, its Paint Spattered Canvas, but the Poet Uses Words Instead of Paint and The Canvas Is You.

فرح جي شاعريءَ کي پڙھي آئون سچ پچ ته حيران ٿيو آھيان، ننڍڙي عمر ۾ ايتري سُهڻي ۽ ايتري پُختي شاعري، من کي ڇُهندڙ نظم هر ڪنهن جي وس جي ڳالھ ئي ناهي. هُن جا جيڏا خيال سُهڻا آھن، ايڏا ئي لفظ پُر اثر آھن. فرح جي شاعري ۾ هڪ خوبصورتي آھي، پڙھندڙ تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي. منهنجي خيال ۾ اُهو سندس ڪمال آھي جو هُن جي سٽن کي پڙھڻ کانپوءِ پڙھندڙ هڪ نئين دنيا ۾ گم ٿي وڃي ٿو.

هُن جي نظمBreak My Heart Once Again  جون هي سٽون پڙھو.

Look at Me With Your Beautiful Eyes.

And Talk To Me With That Lovely Voice That You Have.

You Had Conversations With Me, About The Craziest Topics, That Mad Me Laugh as I Had Never Laughed before.

هُن جا ٻيا به نظم خوبصورتيءَ جي رنگ ۾ رتل آھي، منظرن مان رومانس جي اڪيلائي جو درد اُڀارڻ ڪمال جي ڪاريگري آھي. فرح جا نظم اھڙين تصويرن جھڙا آھن، جن ۾ ڪنھن خيال کي فوڪس ڪيو ويو ھجي ۽ باقي بيڪ گرائونڊ ڊي- فوڪس ھجي. اڪثر ايئن هوندو آهي ته جڏهن ڪنهن شاعر جي شاعري تي تعارفي مضمون لکيو ويندو آھي، شاعر يا شاعره کي خوش ڪرڻ لاءِ انهن جي تعريف ۾ قصيدن وارا مضمون لکيا ويندا آھن. منهنجي نظر ۾ ايئن ڪرڻ تخليقڪار کي گمراھ ڪرڻو آھي. مون فرح جي نظمن کي بار بار پڙهيو آهي ۽ انهن جي حُسن، سُونهن ۽ سواد مَنجھان مستفيض ٿيو آهيان. اُهي مون کي وڻيا آهن، انهن مون کي موهيو آهي ۽ اُهي منهنجي من ۾ لهي ويا.

I Still Remember The Day You Left,

I Still Remember

The Feelings

and From That Time

(I Knew What It Means When People Say You Only Know

When You are In The Moment)

And That Shit Is So Real.

I Cannot Describe The Emotion.

It Just Hurts and It Sense To High Heaven In Your Heart.

(True Love Doesn’t Lie)

اُن کان علاوه ٻيا به اهڙا نظم آهن، جيڪي احساسن جي شدت کي ڇرڪائي ٿا ڇڏين. فرح جا سَمورا نظم، پنهنجي فني سُونهن کان فڪري بُلنديءَ تائين ساراهه جوڳا آهن. هُن جو هي پهريون ڀرپور تخليقي جوهر محبت جي پرستارن لاءِ اوجاڳن، اوسيئڙن ۽ بيقرارين جي اڻ ڇُهيل خيالن جي ورق گرداني سان ڀرپور آهي!

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments