فيس بُڪ ڪهڙو اهم فيچر ختم ڪري ڇڏيو؟
ذاتي رازداري کي نقصان پهچائيندڙ فيس بُڪ جو فيچر جنهن ۾ چهري جي شناخت از خود ٿي ويندي هئي، فيس بُڪ ان کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان فيچر کي ختم ڪرڻ کانپوءِ لڳ ڀڳ هڪ ارب فيس بُڪ استعمال ڪندڙن جو اسڪين ڊيٽا ختم ٿي ويندو. انساني چهري جي سڃاڻپ واري فيچر تي هڪ ڊگهي عرصي کان فيس بُڪ تي تنقيد ٿي رهي هئي. فيس بُڪ هي انتهائي قدم حساس دستاويزن ليڪ ٿيڻ کانپوءِ کنيو آهي. جنهن ۾ ڪنهن به تصوير ۾ ڪنهن به صارف جي سڃاڻپ از خود ٿي ويندي هئي.