فيس بڪ پرائيويسي لاءِ اهم تبديليون آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
فيس بڪ صارفين جي پرائيويسي لاءِ اهم تبديليون آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب سماجي رابطن جي مشهور ويب سائيٽ فيس بڪ جي تبديلين جو مقصد مسئلن جو سبب بڻجندڙ صارفين ۽ برادري جي ماڻهن تائين پهچ حاصل ڪرڻ آهي. ڪمپني موجب اهڙا گروپ ميمبرز جيڪي فيس بڪ اصولن جي ڀڃڪڙي ڪندا انهن کي پوسٽ يا ڪمينٽس ڪرڻ کان روڪيو وڃي. گروپس ۾ وارننگ ليبل جو اضافو ڪيو ويندو ۽ جڏهن به ڪو صارف انهن گروپن جو حصو بڻجڻ چاهيندو ته انهن کي آگاهه ڪيو ويندو ته هي گروپ اصولن جي ڀڃڪڙي ڪندو آهي ته جيئن اهو صارف ان ۾ شموليت کان پاسو ڪري. ان کان اڳ هلندڙ مهيني آمريڪي رياست الينوائي ۾ پرائيويسي جي ڀڃڪڙي تي فيس بڪ کي 650 ملين ڊالرز جو هرجاڻو ادا ڪرڻو پيو هو. شۡڪاگو جي اٽارني سال 2015 ۾ فيس بڪ تي ڪيس هلايو هو جنهن ۾ الزام لڳايو ويو هو ته فيس بڪ سال 2008 جي الينوائي پرائيويسي جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي. فيس بڪ تي لڳايل الزام موجب اداري پرائيويسي پاليسي جي ڀڃڪڙي ڪندي چهرن جي سڃاڻپ لاءِ بايو ميٽرڪ ڊيٽا غير قانوني طور تي جمع ڪئي هئي. ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت فيس بڪ کي 650 ملين ڊالرز ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ياد رهي ته فيس بڪ هلندڙ سال جي آخر ۾ اسمارٽ گلاسز لانچ ڪرڻ جو اعلان به ڪيو آهي.