ادبشاعري

قاضي نسيم پارس جي نثراڻي شاعري تي هڪ نظر

نثري نظم شاعريءَ جي اها صنف آھي جنهن ۾ بحر، وزن، رديف، ڪافيي جي ڪابه پابندي ناهي هوندي.

نثري نظم کي جڏهن شاعر نوَن خيالن ۽ احساسن سان لکندو آھي ته اندر ۾ چنڊ جهڙي چانڊوڪي حساس دل ماڻهن جي دلين جي دورازي کي دستڪ ڏئي سرهاڻ پکيڙي داخل ٿيندي آھي ڄڻ ته اها سندن من جي پڪار هجي. اهڙو ئي هڪ نثري نظم جو خوبصورت شاعر قاضي نسيم پارس به آھي، سندس نثري نظم ڪينجهر جي ڪنارن جهڙا، سونهن جي سمنڊ جهڙا ۽ گل رنگ فضا جي جوت جهڙا هوندا آھن. سندس تخليقن ۾ اهڙا احساس آھن جو ڄڻ ته هو سمنڊ مان ڪنهن ناوَ کي ڪناري تي پهچائڻ لاءِ جستجو ۾ آھي. سندس تخليقون شفق جي رنگن ۾ ڄڻ ته واڌارو ڪن ٿيون. پياري نسيم جي نظمن ۾ ماٺار جهڙا عڪس به آھن ته وري حيرت ۾ وجهندڙ درياهه جي تيز ڇولين جهڙا منظر به سمايل آھن. سندس شعرن جي حسناڪي سرد راتين ۾ ڪَتين جي ڪر موڙڻ جهڙا حسين لڳندا آھن…
سفيد اکين ۾
خوابن بدران
ڏک ترن ٿا
مون وحشي ٽھڪ
وساري ڇڏيا آھن
سوڙهي من ۾ ڪيترا
درد سميٽيل آھن
مون کي موسمن جي خبر نٿي پوي
خوشي جي ڪهڙي موسم آھي
درد جي ڪهڙي موسم آھي
موسمن جا رنگ
بي رنگ ٿا لڳن
چپن جي ليڪن ۾ مرڪ لڪائي ڇڏي اٿم.
سچ پڇو ته جڏهن مان پياري نسيم جا لکيل نثري خيال يا ڪويتائون پڙهندو آھيان ته دل ۾ هڪ احساس پيدا ٿيندو آھي ته ڪاش مان به اهڙا نظم لکي سگهان! اهڙي ئي هڪ خوبصورت نثري نظم ۾ لکي ٿو ته:
منهنجي شاعري
روزانو خودڪشي ڪري ٿي
تنهنجو پيار ياد ڪري
ڏک
عمرون نه آھن ڏسندا
ڏک ته ڏک هوندا آھن
سمنڊ جو شور
هر ايندڙ لهر
منهنجو هڪ ڏک کڻي
سمنڊ وٽ گروي رکي ٿي
منهنجو سڪون
گم ٿي ويو آھي
منهنجا ڏينهن
اونڌھ سان رڱجي ويا آھن
خبر نه آھي
روشني الائي ڪٿي ڪري پئي آھي…
پياري نسيم جا هي احساس باغ ۾ هُل ڪندڙ انهن حسين پوپٽ جي پرن جهڙا آھن جيڪي گلابن جي واس وٺي مدهوش ٿيندا آھن، ڄڻ ته چنڊ سمنڊ مان نڪري نروار ٿي انهن منظرن کي ڏسي رهيو هجي…
هڪ شڪي خيال
اوندھ ۾ ٻڏي ويو
اوچتو ئي اوچتو
هڪ گل ڪري پيو
منهنجي باغ ۾
يادن جا گل سُڪي ويا آھن
۽ ڪجھه نوان گل
مرجهائجي ستا پيا آھن
هاڻي مان
خوابن کي تالو هڻي
يادن جون ڄاٻيون گم ڪندس.
هن نظم ۾ لفظن کي نسيم انهن ڪونجن پکين جي ولرن جهڙو لکيو آهي ڄڻ اهي چانڊوڪي رات ۾ سفر تان گذري بانسري جهڙي سرن جهڙو آلاپ وکيريندا ويندا آهن. پيارو نسيم سنڌ ڌرتيءَ جي مهان شاعر جو فرزند آھي جنهن نثري نظم کي ايترو مقبول ڪيو جو هي صنف انڊلٺي رنگن وانگر اڀري نروار ٿي، اها شخصيت محترم سائين پارس حميد صاحب جي آھي، جنهن وساميل آس جي ڏيئن کي روشن ڪيو جنهن نوجوانن جي قيد بڻيل سوچن کي آڪاس ۾ اڏمنداڙ پنڇين جيان آزاد ڪيو، جيڪي اڄ به سچائي جي سفر ۾ گامزن آھن انهن ۾ پيارو نسيم به آھي، جنهن جي نثر مان سائين پارس حميد جي نثر جي خوشبو ايندي آھي. سائين پارس حميد جو ڪتاب ”هٿ ترين تي روشن دُک“ نوجوانن ۾ ڏاڍو مقبول ٿيو. پيارو نسيم به پنهنجي والد صاحب جي ڏسيل سچائي جي سفر تي گامزن آھي، پياري نسيم جي سوچن ۾ سرهاڻ ۽ خيالن ۾ چانڊاڻ سمايل سڳنڌي هير جهڙا رنگ سمايل آھن، سندس لکيل هر ڪويتا پنهنجو مٽ پاڻ آهي. فطرتي جماليات سندس هر لکڻي ۾ ايئن سمايل هوندي آھي جيئن گلن ۾ خوشبو. جي مون کان پڇيو وڃي ته نثر جي صنف ۾ ڪهڙا نوجوان ڀرپور نڀائين پيا ته مان نسيم جو نالو کڻندس. ڇو ته روح جي مختلف ڪيفيتن کي نسيم نثري نظم جو روپ ڏيئي هر تخليق انمول لکي آھي:
عمر جون
آڱريون
محبت جي ڳنڍ
ڇوڙي نه سگهيون
پوڙهو ٿي ويو
ڀت تي لڳل ڪئلينڊر.
جڏهن گلن جي ڀري کڻي بازار وڃبو آھي ته هر گلي مهڪي پوندي آھي، اھڙو ئي اظهار پياري نسيم جي نثري نظمن ۾ آھي، جيڪي سندس هر ڪويتا ۾ شامل هوندا آھن. سورج مکيءَ جي ڳاڙهن گلن جو هڪ منظر ڪينجهر جي ڪنڌيءَ تي ڪنول گل جهڙن احساسن کي پياري نسيم نظم جو اهڙو روپ ڏنو آھي ڄڻ ته آڪاس ۾ چنڊ ڪنهن ٽاريءَ تي ويٺل ڪوئل جي ڪوڪ کي ٻڌي رهيو هجي.
پياري نسيم جي هر احساس ۾ نرالا رنگ آھن سندس نظمن ۾ ٽهڪن جا ٽولا به آھن ته سڏڪا سڏ پڙاڏا به آھن. مور پکي جي پرن جهڙو سچ اهو به آھي ته نسيم جي شاعري تي گهٽ لکيو ويو آھي، سندس هر نظم آس ۽ اميد جو سڏ آھي.
***