قدرتي ۽ طاقتور پين ڪِلر جون خاصيتون رکندڙ ٻوٽو
ماهرن سالن کان طبي طور تي استعمال ٿيندڙ هڪ مشهور ٻوٽي ۾ اهڙا جزا دريافت ڪيا آهن جيڪي ان کي بهترين ۽ طاقتور پين ڪلر بڻائين ٿا. ايتري تائين جو ان جو فائدو سوڄ ۽ سور ختم ڪندڙ بهترين دوا آئبيوپروفن جهڙو ئي آهي. ميٽا ليفي نالي اهو ٻوٽو هڪ ننڍي ملڪ سامووا ۾ عام ملندو آهي ۽ ڪيترن ئي سالن کان روايتي طور تي علاج لاءِ استعمال ٿيندو رهيو آهي. ان ٻوٽي جو حياتياتي نالو سائڪوٽريا انسيوليرم آهي جنهن جي پنن کي پيهي استعمال ڪيو ويندو آهي، ان کي چمڙي جي انفيڪشن، سوڄ، بخار ۽ سور جي علاج لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. سامووا جي هڪ سائنسدان سيسيائي موليمو ساما سوني ان ٻوٽي تي پي ايڇ ڊي ڪئي آهي. هن پنهنجي ڊگھي مطالعي ۾ ان تي مختلف تحقيقون ڪيون آهن. ان ۾ سڀ کان وڏي خاصيت اها آهي ته جسم مان واڌو فولاد کي ڪڍي ڇڏي ٿو. جڏهن ان جا جزا زنده جيوگهرڙن تي وڌا ويا ته ان سان امنياتي جيوگهرڙا مضبوط ٿيا ۽ سائٽوڪائن نالي مددگار ڪيميڪل وڌيو. 10 ورهين جي تحقيق کانپوءِ ان ۾ اندروني ۽ جسماني سوڄ گھٽ ڪندڙ جزن تي سڀ کان وڌيڪ اتفاق ٿيو آهي، پر سائنسدانن موجب ٻوٽو ٻين مرضن جي علاج ۾ به مدد ڏئي سگھي ٿو. چيو وڃي ٿو ته دماغ ۾ فولاد حد کان وڌيڪ گڏ ٿيڻ سان الزائيمر ۽ ٻيا مرض پيدا ٿين ٿا ۽ ائين فولاد کي ڇڪي اهو ٻوٽو الزائيمر جهڙن خطرناڪ بيمارين ۾ به فائديمند ثابت ٿي سگھي ٿو. هاڻ هڪ ٻئي سائنسدان ڊاڪٽر اينڊريو مونڪاسڪي ٻوٽي ۾ شامل ڪمپائونڊ جو جينيتاتي مشاهدو ڪيو آهي. جنهن مان خبر پئي آهي ته اهو مرڪب ٿولهه، شگر ۽ ٻين مرضن سان واسطو رکندڙ مرضن سان سلهاڙيل جين سان عمل ڪري ٿو. اهڙي طرح ٻه سرگرم حياتياتي جز به آهن جيڪي سوڄ گھٽ ڪرڻ ۽ دماغ جي حفاظت ڪري سگھن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو ان تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي. اها تحقيق پي اين اي ايس جرنل ۾ ڇپيل آهي.