قصو ڪيڪٽس سٽيءَ کان آيل گراهڪ جو ڪهاڻي ليکڪ: او هينري ترجمو: انجنيئر عبدالوهاب سهتو December 2021
ھيءَ ڪھاڻي ارڙھين صديءَ جي آخر ڌاري جي آھي، جڏھن آمريڪا جو ڪيڪٽس سٽي، مشڪل سان 70 ھزار کن ماڻھن تي مشتمل، ھڪڙو ننڍڙو شھر ھو. ھن شھر اندر صرف ھڪڙو وڏو اسٽور ھو، جيڪوNavarro & Platt جي نالي سان مشھور ھو ۽ گھڻ ماڙ تي مشتمل ھو، جتان شوقين عورتن ۽ مردن لاءِ اعليٰ ڪوالٽيءَ جو سامان مليو ٿي. ڪيڪٽس سٽيءَ جا گھٽ ۾ گھٽ ويھارو ھزار سرنديءَ وارا ماڻھو ھن اسٽور ۾ وڃي دل تي پنھنجو ڌن خرچيندا ھئا.
مسٽر ناواروMr. Navarro هن اسٽور جو سينيئر ڀائيوار ھو. جڏھن ته نوجوان ۽ ڇڙو ڇانڊJohn Platt هن جو جونيئر ڀائيوار ھو.
ھر سال بھار جي مند جي منڍ ۾ مسٽر ناوارو، ڊگھو ۽ ٿڪائيندڙ سفر ڪاٽي، سامان خريدڻ لاءِ نيويارڪ ويندو ھو. مگر ھاڻي ٻه سال کن ٿيندا جو وڏي عمر ھئڻ سبب ھو ٿڪاوٽ محسوس ڪرڻ لڳو ھو. تنھنڪري ايندڙ سال جي بھار جي مند کان ٿورو آڳاٽو، ھڪ ڏينھن ھن پنھنجي جونيئر پارٽنر جان پلئٽ کي چيو،
”ڏس جان! ھاڻ مان ڪراڙو ٿي ويو آھيان. تنھنڪري ھن سال نيويارڪ سامان وٺڻ لاءِ توکي وڃڻو پوندو.“
جان بيزاريءَ منجھان چيس؛ ”نيويارڪ! آھي ته گوناگون ٿڪائي ڇڏيندڙ ۽ بي رونق شھر، پر اوھان زور ٿا ڀريو ته پوءِ مان ئي ھليو ويندس.“
ٿورن ڏھاڙن پڄاڻان جان ھڪ بھترين ۽ خوبصورت ٽيڪساس جو روايتي سوٽ پايو، لوئر براڊ وي ۾ واقعZibbaun & Son جي شاندار شو روم منجھ داخل ٿيو ھو. شو روم جي مالڪ، جنھن جون نظرون عقابي ۽ يادادشت ھاٿيءَ جھڙي ھئي، جان کي پري کان ئي سڃاڻي ورتو ۽ وڏي گرمجوشيءَ سان اڳتي وڌي کيس ڀليڪار ڪرڻ بعد چيو؛
”توکي ڏسڻ سان ئي سمجھي ويو ھئس ته ھن سال ٿڪائي ڇڏڻ وارو ڪم، منھنجي جھوني دوست، تنھنجي حوالي ڪيو آھي. چڱو! پھرين اھو ٻڌائي ته مون وارو يار ڪيئن آھي؟“
”ھان! اھو بلڪل ٺيڪ آهي ۽ تو لاءِ خاص طور سلام ڏنا ھئائين.“
زبان زز Zibbaun Zizz مرڪي، ھاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ۽ چيائينس؛ ”جان! ڪاروباري ڳالھيون ته پيون سڀاڻي ٿينديون. ٻيو ته شو روم به بند ٿيڻ وارو آھي. تنھن ھوندي به اڄ مان مٿئين فلور تي توکي صرف نئين فيشن جا جوڙا ٿو ڏيکاريان، جيڪي اڄ ئي آيا آھن.“
مٿئين فلور تي ويندي، زز ھڪ ڪلارڪ کي چيو ته؛ ”مس آشر کي ته مٿي موڪلجانءِ!“
جيئن ئي جان، مس آشر کي ڏٺو ته ڏسندو ئي رھجي ويو. سندس دل جو دھڪو تيز ٿي ويو. ھو ايئن بيھجي ويو جيئن پھڻ جو بت بڻيو، پھاڙ جي چوٽيءَ تي بيٺو ھجي ۽ سندس اکيون، ڇنڀجڻ بنا مس آشر کي ئي تڪي رھيون ھيون. جان کي ايئن پاڻ ڏانھن ڏسندي، گھڙي پلڪ لاءِ ته مس آشر شرم ۾ ٻڏي وئي. ھوءَ زز جي ٽاپ ماڊل سيلز گرل ھئي. سندس ڪم ھو ته گراھڪ کي مال جا تفصيل ٻڌائي ۽ خاص خاص جوڙن جا ڪوٽ، ھينگرن تان لاھي، پاڻ پائي ڏيکاري. مس آشر پنھنجي سونھري وارن ۽ خوبصورت چھري ۽ پنھنجي ڊگھي ھاٺيءَ سان گڏ، ھڪ وڏي پرڪشش ڇوڪري ھئي. کيس زز جي شو روم ۾ ڪم ڪندي ٻه سال ٿيا ھئا. ٻيو ته ھوءَ پنھنجو ڪم، چڱيءَ طرح سان ڄاڻندي ھئي. ڪڏھن به ايئن نه ٿيو ھو ته گراھڪ ھٿين خالي موٽي ويو ھجي.
اچانڪ زز چيو؛ ”جان، مردن جا ڪجھ جوڙا ته تو ڏٺا، ھاڻ مس آشر توکي شھزادين جا ڪجھ گائون ڏيکاريندي، جيڪي ھلڪن ڦلڪن رنگن ۾ آھن ۽ توھان جي علائقي جي آبھوا جي لحاظ کان ڏاڍا آرامده رھندا.“ اھو چوندي زز، ھڪڙي گائون ڏانھن اشارو ڪندي چيو؛ ”مس آشر، ھن کان شروع ڪر!“
مس آشر، ڦڙتيءَ سان اھو گائون کڻي ڊريسنگ روم ڏانھن وئي ۽ جھٽ پلڪ ۾ اھو گائون پائي ٻه چار وکون، پنھنجي سھڻي جسم کي لوڏيندي، واپس ڊريسنگ روم ڏانھن ھلي وئي ۽ فٽافٽ ھڪڙو ٻيو گائون پائي آئي. اھو سلسلو لڳ ڀڳ ٽيھارو کن منٽ ھليو. جان تي سحر واري ڪيفيت طاري ھئي. ڪڏھن ھن گائون کي پئي ڏٺو ته ڪڏھن صرف مس آشر کي، جنھن ھن جي ذھن ۾ ھڪڙي عجيب مانڌاڻ مچائي ڇڏي ھئي. جڏھن ڊسپلي ختم ٿيو ۽ جان خاموش ٿيو بيٺو رھيو ته زز کي ڳڻتيءَ ورايو ته ڪٿي سندس گراھڪ ڪنھن ٻئي شو روم ۾ اھڙيون ڊريسون ڏسڻ جي باري ۾ ته ڪو نه پيو سوچي. پوءِ اچانڪ زز جو آواز آيو؛
”جان! توکي ڇا وٺڻو آھي. اھو فيصلو ڪرڻ جي ڪابه تڪڙ ناھي. چڱو آ ته تون رات جو سوچجانءِ ۽ سڀاڻي فيصلو ڪجانءِ. البته مان اھو ضرور چوندس ته اسان جي ڪوالٽيءَ جھڙو سامان، سو به اسان وانگر مناسب اگھ تي سڄي نيويارڪ ۾ ڪنھن ٻئي ھنڌ نه ملي سگھندو. ٻيو ته مان اھو به سوچيو پئي ته تو جھڙي وضعدار نوجوان کي نيويارڪ جھڙي خشڪ ماحول ۾ بيزاري پئي محسوس ٿيندي ھوندي. ڇا تون ان ڳالھ کي پسند ڪندين ته ڪا سٺي ۽ سھڻي ڇوڪري، رات جي مانيءَ تي توسان گڏ ھجي. مان سمجھان ٿو ته مس آشر جھڙي پياري ڇوڪري توسان گڏ ھجي ته ڀلو رھندو.“
جنھن وقت زز اھي ڳالھيون ڪري رھيو ھو ته ان وقت مس آشر ڊسپلي ڪري، ھيٺ وڃي چڪي ھئي.
”مگر، ھوءَ ته مون کي سڃاڻي به ڪا نه!“ جان چيو.
زز پنھنجي ٿلھن ڀِروونئن کي تاءُ ڏئي چيو؛ ”ھوءَ بلڪل سڃاڻندي، جڏھن مان کيس مناسب طريقي سان چوندس.“ اھو چئي ھن ٿورو وڏي واڪي مس آشر کي رڙ ڪري سڏيو.
جڏھن ھوءَ آئي ته زز معنيٰ خيز نگاھن سان مُرڪي کيس چيو؛ ”ٻڌ! مس آشر، جان جو ھتي ڪوبه سنگتي ساٿي ڪونھي. جيڪڏھن تنھنجي ڪا خاص مصروفيت ناھي ته ھو چاھي ٿو ته اڄ شام ڊنر تي ان جو ساٿ ڏي.“ اھو چئي، زز ھيٺ ھليو ويو.
مس آشر، جھٽ پلڪ لاءِ ڇت ڏانھن ڏسي، مرڪي چيو؛ ”بلڪل! مان ھلنديس، اھا ته مون لاءِ فخر جي ڳالھ آھي.“
شام جو ستين وڳي، ٻئي براڊ وي ريسٽورينٽ جي ھڪ ميز تي ويٺا ھئا. مس آشر کي، ڪاري رنگ جو اسڪرٽ پاتل ھو، جنھن ۾ ھوءَ اڃان وڌيڪ سھڻي پئي لڳي. جڏھن جان، مس آشر سان مشورو ڪري، ڊنر جو آرڊر پئي ڏنو ته مس آشر کي چيائين؛ ”ڇا توھان ڪجھ ڊرنڪ لاءِ گھرائڻ پسند ڪندئو؟“
جواب ۾ مس آشر، دلفريب مرڪ سان چيس؛ ”مان ڊراءِ مارٽيني وٺڻ پسند ڪنديس.“
جڏھن ويٽر، ڊراءِ مارٽينيءَ جو گلاس رکي ھليو ويو ته جان، ڪچھريءَ جي شرعات ڪرڻ لاءِ چيس؛ ”مس آشر! اوھان جو پورو نالو ڇا آھي؟“
”منھنجا ويجھا دوست، مون کي ھيلن چوندا آھن.“
”ھيلن ڏس! مان ھاڻي پنھنجي باري ۾ ٿوريون عجيب پر دلچسپ ڳالھيون ٿو ٻڌايان. ڪجھ سالن کان، جڏھن به ڪيڪٽس سٽي ۽ ان جي اوسي پاسي بھار جي مند ايندي آھي ته ھر ڏِسا رنگا رنگي گل ڦل نکري پوندا آھن. ان وقت مان پنھنجي دل ۾ عجيب قسم جي خمار چاڙھيندڙ ڪيفيت محسوس ڪندو آھيان ۽ ڪنھن اھڙي ساٿيءَ بابت پيو سوچيندو آھيان جنھن سان ڪڏھن مليو نه ھجان، ڪڏھن کيس ڏٺو نه ھجي، نه ڪڏھن سندس باري ۾ ڪنھن کان ٻڌو ھجي، نه وري اھو ته ھوءَ ڪير آھي، ڪاٿي آ جنھن کي منھنجي دل پئي ڳولي. ڪڏھن ڪڏھن منھنجي دل چوندي آھي؛ ھوءَ مون کي اوچتو ڪٿي نه ڪٿي ملي ويندي. پوءِ وري ايئن ئي ٿيو ته اڄ جڏھن مون توکي ڏٺو ته منھنجيءَ دل چيو ته اھا تون ئي آھين، جنھن جي مون کي ڳولا ھئي.
وري تو جڏھن پھريون دفعو مون ڏانھن ڏٺو ھو ته مون کي تنھنجي اکين ۾ ٿوري عجيب چمڪ نظر آئي، جنھن مان مون محسوس ڪيو ته توکي مون سان ملڻ، ڀلو لڳو. ھاڻ منھنجي ڳالھ ڌيان سان ٻڌ! مان سڀاڻي موٽيو ٿو وڃان ۽ تون مون سان گڏ ھوندينءَ. پنھنجي انھن جذبن جي توکي پڪ ڏيارڻ خاطر، اڄ جڏھن مان توکي وٺڻ، تنھنجي اپارٽمينٽ ڏانھن پئي آيس ته رستي مان، مون تنھنجي لاءِ ھڪڙو تحفو پڻ ورتو آهي.“
اھو چئي، جان پنھنجي کيسي مان ھڪڙي ٻن قيراطن جي ھيري واري منڊي ڪڍي، ھيلن ڏانھن وڌائي. ھيلن، اتي جو اتي، پنھنجي فورڪ سان جان ڏانھن موٽائي ڇڏي ۽ ٿورو سخت لھجي ۾ چيائينس؛ ”تون پاڻ فيصلو ڪرڻ وارو ڪير آھين؟“
”ھيلن ڏس! مان ھڪ لک ڊالرن کان وڌيڪ جي حيثيت وارو ماڻھو آھيان. مان توکي ڪيڪٽس سٽيءَ ۾ ھڪڙو خوبصورت گھر ٺھرائي ڏيندس.“
”منھنجا عزتدار ’گراھڪ‘، تون مون کي خريد ڪري نٿو سگھين، ڀلي کڻي تنھنجي حيثيت ڏھ لک ڊالرن کان به وڌيڪ ڇو نه ھجي. جڏھن مون توکي پھريون دفعو ڏٺو ھو ته مون محسوس ڪيو ھو ته تون ٻين گھڻن اچڻ وارن گراھڪن کان مختلف ھوندين، مگر ھاڻي سمجھيم ته تون به ٻين مرد گراھڪن وانگر آھين، جيڪي اھو سمجھندا آھن ته جيڪي ڇوڪريون انھن سان ڪمپنيءَ جي طرفان ڊنر تي اينديون آھن، سي ويڪائو مال وانگر آھن.“
جان، سڌو ٿي ڪرسيءَ تي ويھي رھيو. ھڪ ڊگھو ساھ کنيائين. پوءِ چيائينس؛ ”ڇا تنھنجو مطلب آھي ته تون ايئن جڏھن ڪمپنيءَ طرفان خاص گراھڪن سان ٻاھر ويندي آھين ته اھي سڀ توسان ان قسم جون ڳالھيون ڪندا آھن، جيئن مون توسان ڪيون آھن؟“
”ھا! اھي سڀ وڏا وڏا ڊاڙ ڊش ھڻندا آھن. قيمتي ھيرن جواھرن جون ڳالھيون ڪندا آھن. تو ۾ ۽ انھن ۾ صرف ھڪڙو فرق آھي ته ھو فقط ڳالھيون ڪندا آھن، مگر تون ھيري جي منڊي ھٿ ۾ کڻي آيو آھين.“
جان مرڪندي چيس؛ ”تنھنجي ڳالھ ٻڌي، مون کي ٿورو قرار ٿيو ته مان ٻين گراھڪن کان ٿورو گھڻو بھتر ماڻھو ثابت ٿيو آھيان. چڱو ھاڻي ايئن آھي ته سڀاڻي مان اوھان جي اسٽور تي پھچي، ھڪڙي گاڏي خريد ڪندس ۽ توکي ساڻ ڪري ڪيڪٽس سٽي روانو ٿيندس.“
اتي اچانڪ ھيلن ڳالھ کي ڪٽيندي چيس؛ ”بس بس! پليز! ختم ڪر! مان اھڙيون ڳالھيون ٻڌي ٻڌي ٿڪجي پئي آھيان.“
ماني کائڻ پڄاڻان، جڏھن ٻئي اپارٽمينٽ جي دروازي تي پھتا ته شب بخير چوندي، جان ھيلن کي پنھنجي ڇاتيءَ سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ھيلن پنھنجي پوري وِتَ سان، پنھنجي کليل ھٿ جي تريءَ سان، جان کي ڳٽي تي زمائتي ٿڦڙ وھائيندي چيو؛ ”آخر، آھين نه تون به انھن منجھان ھڪ.“
پنھنجي ڳٽي کي مھٽڻ لاءِ، جيئن ئي جان پنھنجو رومال ڪڍيو ته ان سان گڏ ڪا شيءِ نڪري دروازي جي فرش تي ڪري پئي. جان، نِوڙي کڻي ورتي ته ھيلن چيس؛ ”معزز گراھڪ! پنھنجي ڪِنَ جھڙي منڊي ته کنيئي، ھاڻي پيرن ڊاھڻ جي به ڪر!“
”نه! ھيءَ ساڳي منڊي نه ھئي.“ جان، پنھنجي تري کوليندي چيس؛ ”ھيءَ ته وھانءَ جي لاءِ، مون سون جي منڊي ورتي ھئي.“
ھيلن، حيرت وارين اکين سان وھانءَ واري منڊيءَ کي ڏسندي چيس؛ ”ڇا! واقعي! تنھنجو اھوئي ارادو ھو؟“
انھيءَ اپرانڌ، ڪنھن اپارٽمينٽ جو دروازو کولي ڇڏيو.
”شب بخير! ھاڻ سڀاڻي اسٽور تي ملاقات ٿيندي.“ اھو چوندي، جان ڦڙتيءَ سان تڪڙيون وکون کڻندي، واپس موٽي آيو.
مس آشر، ڊوڙي ڏاڪڻيون چڙھندي، زور سان پنھنجي ڪمري جو دروازو اچي کوليو ۽ پنھنجي ساٿياڻي ايما، جيڪا ستي پئي ھئي، تنھن کي ڌونڌاڙي جاڳايو. ايما گھٻرائجي پڇيس؛ ”ھيلن! ڇا ٿيو آھي؟ ڪاٿي باھ لڳي آ ڇا؟“
مس آشر چيس؛ ”نه! ڪنھن ٻئي ھنڌ نه لڳي آھي، صرف منھنجي دل ۾ لڳل آھي.“
ايما چيس؛ ”ڪيڪٽس سٽي، وينيزولا ۾ ھڪڙو ننڍڙو زرعي شھر آھي، جتي زلزلا ايندا رھندا آھن. گھڻو تڻو، اتي حبشي ۽ باندر رھندا آھن. اتي مليريا جو تپ عام آھي ۽ ٻيو ته اتي آتش ٻرندڙ جبل به جام آھن. مگر ھيلن! اھو سڀ ڪجھ تون ڇو ٿي پڇين، سو به اڌ رات جو ھن بيگاھ وقت.“
”مون کي انھن ڳالھين جي ڪابه پرواھ ناھي.“ مس آشر، وڏي جوش سان جواب ڏيندي چيس؛ ”سڀاڻي مان پنھنجي نئين زندگيءَ جي شروعات ڪرڻ لاءِ، سدائينءَ لاءِ اتي پئي وڃان.“
***
(سنڌي روپ: سيد ارشاد وارث جي ڪيل اردو ترجمي تان)

