ايڊيٽوريلنئون

نئون سال اميدون ۽ امڪان

وقت جي ارتقاءَ ۾ نئون سال 2025 به اچي ويو. وقت جي درياهه کي وهڻ کان ڪير روڪي سگهيو آهي. ڏينهن، مهينا ۽ سال اهم ٿين ٿا، پر هڪ پورو سال وقت جي وهڪري ۾ هڪ بنيادي ايڪو شمار ٿئي ٿو. انهيءَ ڪري نئين سال مان انسان ذات بهتري جون اميدون رکندي آهي ۽ اسين اميد ٿا ڪريون ته نئون سال پنهنجي اميدن ۽ امڪانن ۾ بهتر هوندو. گذريل سال 2024 جيئن ته وقت جي محور ۾ هڪ ڏکيو سال هو. انهيءَ سال کي جيڪڏهن جنگن ۽ ڏکيائن جو سال چئجي ته غلط نه هوندو. جنگون هيون، جيڪي سڄو سال جاري رهيون. خاص طور تي وچ اوڀر ايران، يوڪرين ۽ روس انهن جنگن جي نشاني تي هئا. اسرائيل ۽ غزه جنگ ۾ 44 هزار کان مٿي ماڻهو پنهنجي جان ڏئي چڪا آهن. غزه بک ۽ ڏڪار جي گهيري ۾ آهي. ٻئي طرف روس ۽ يوڪرين جنگ کي 3 سال ٿي ويا آهن. جنهن ۾ 57 هزار يوڪريني فوجي مارجي ويا آهن. روس جي فوجين جو به وڏو جاني نقصان ٿيو آهي. جنگن سان گڏ انساني آبادين جي لڏپلاڻ به انهن جو لازمي حصو ٿي وڃي ٿي. وچ اوڀر ۽ يوڪرين مان ماڻهن پنهنجا اجها ڇڏيا آهن. غزه ۽ اسرائيل جي جنگ سال 2024 ۾ لبنان، شام، يمن ۽ ايران تائين ڦهلجي وئي ۽ انهيءَ سال عجب جهڙا واقعا ٿيا آهن. جن مان هڪ شام ۾ هيئت التحرير شام پارٽي جي سربراهه احمد الشرع جي اڳواڻي ۾ بشارالاسد جي سرڪار ختم ٿي وئي. اسد فيملي جيڪا 50 سالن کان وٺي شام تي حڪمران هئي. حافظ الاسد کان وٺي ان جي پٽ بشارالاسد تائين طويل حڪمراني ۽ آمريت جو راڄ هو. في الوقت بعث پارٽي جو اقتدار شام مان ختم ٿيو ۽ هيئت التحرير شام جي اقتدار جو سج اڀريو آهي. شام جو عوام هاڻ ڪهڙين حالتن کي منهن ڏيندو، انهيءَ تي ڪابه پيشنگوئي نه ٿي ڪري سگهجي. آمريڪا ۾ گذريل سال جي چونڊن جي نتيجي ۾ ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا جو 47هون صدر چونڊيو ويو آهي. هو هن سال 20 جنوري، 2025 تي پنهنجي عهدي جو قسم کڻندو. هلندڙ سال جي شروع ۾ اها سڀني کان اهم ڳالهه هوندي. ڇاڪاڻ جو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دنيا مان جنگن کي ختم ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي. هن پنهنجي بيان ۾ ڪابه نئين جنگ شروع نه ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. دنيا جو عوام انهيءَ کي اميد ۽ امڪان جي صورت ۾ ڏسي رهيو آهي ته جيڪڏهن يو ايس اي دنيا ۾ جنگون نه ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي ته ٻئي طرف دنيا ۾ هلندڙ جنگن جي خاتمي جي اميد پيدا ٿي آهي ته سڀني ملڪن ۾ جنگ بنديءَ تي ڳالهيون ٻولهيون ٿي رهيون آهن. غزه اسرائيل جنگ بندي، اسرائيل لبنان جنگ بندي، روس ۽ يوڪرين جنگ بندي جي متعلق ڳالهيون ٻولهيون شروع ٿي چڪيون آهن. سال 2024 ۾ ائين به ٿيو ته بنگلاديش ۾ به شاگرد تحريڪ ملڪ جي وزيراعظم جي خلاف ڪامياب تحريڪ هلائي ۽ وزيراعظم کي اقتدار ڇڏڻو پئجي ويو. دنيا ۾ ٻن صاحبِ اقتدار شخصيتن کي پنهنجو ملڪ ڇڏڻو پيو آهي. بنگلاديش جي سابق وزيراعظم حسينه واجد کي ڀارت ۾ ۽ شام جي سربراهه بشارالاسد کي ماسڪو ۾ پناهه ملي آهي. سال 2024 جي آخري مهيني ۾ 3 ڊسمبر تي جنوبي ڪوريا جي صدر ملڪ ۾ مارشل لا لڳائڻ جو اعلان ڪيو، پر عوامي ردعمل جي ڪري کيس مارشل لا جو اعلان واپس وٺڻو پئجي ويو. انهيءَ سڀ جي باوجود زندگي ۽ سماج جو ارتقاءَ جاري رهيو آهي. مثال طور پيرس اولمپڪس جو انعقاد به هڪ وڏو موقعو هو. رانديون صحتمند سرگرمي هجن ٿيون ۽ جيئڻ ۽ خوشي جي نشاني انهن ۾ ظاهر هجي ٿي. پئرس اولمپڪس سال 1924 جو راندين جي دنيا جو وڏو ميلو هو ۽ پئرس اولمپڪس جي سلسلي ۾ ڄڻ هڪ نئين تاريخ لکي آهي. هڪ صدي پهرين 1924 ۾ به اولمپڪس رانديون پئرس ۾ ٿيون هيون ۽ وري سال 2024 ۾ پئرس اولمپڪس جي ميزباني ڪئي. ان پئرس اولپمڪس جي اسان لاءِ خوشي جي ڳالهه اها هئي جو راندين جي انهيءَ ميلي ۾ اسانجي رانديگر ارشد نديم اولمپڪس ۾ انفرادي ڪيٽيگري ۾ گولڊ ميڊل کٽڻ وارو پاڪستاني ايٿليٽ آهي. اسان وٽ جيئن ته سال 2024 معيشت ۽ ماليات جي شعبن ۾ بهتر رهيو آهي ۽ زراعت ۾ اسان پنهنجي کاڌ خوراڪ ۾ خودڪفيل ٿيا آهيون، پر اسان زرعي جنسن جي ايڪسپورٽ ڪري بين الاقوامي ناڻو پڻ ڪمايو ويو آهي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج پنهنجي واپار جي انگن اکرن ۾ بهتر سرمائيڪاري کي ظاهر ڪيو آهي، جيڪو به اسانجي مالياتي صورتحال جي بهتري جو عڪس آهي. ائين به آهي ته ملڪي سياست ۾ ڏڦير جي ڪري اسان وٽ سياسي عدم استحڪام رهيو آهي ۽ حزب اختلاف سڄو سال مارچ ۽ ڌرڻا هڻندي رهي آهي ۽ ملڪ جو گادي جو هنڌ هر موقعي تي ڪيترن ئي ڏينهن لاءِ ڄڻ ته بند رهيو آهي، جنهن جو اثر اسانجي معاشي ترقي ۽ واپار تي ضرور پيو آهي، پر اسان لاءِ هينئر اهو موقعو آهي ته حزب اختلاف ۽ حزب اقتدار جون جماعتون پاڻ ۾ ڳالهيون ٻولهيون ڪري رهيون آهن. مذاڪرات اسانجي ملڪ لاءِ سٺو سنئوڻ آهن. سال 2025 ۾ سياسي ڌرين ۾ ٿيل اهي مذاڪرات اميد ٿي ڪجي ته ڪامياب ٿيندا. نتيجي ۾ ملڪ ۾ سياسي استحڪام ۽ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي ويندي. سال 2025 لاءِ اميدون ۽ امڪان آهن ته اهو انسان ذات لاءِ بهتري کڻي ايندو، ڇاڪاڻ جو سال 2024 جي پڇاڙيءَ مان ئي اهو ظاهر ٿي ويو هو ته جتي ڪٿي سڀئي ملڪ ڳالهين ٻولهين جي ميز تي اچي رهيا آهن. دنيا ۾ جيڪڏهن رڳو هلندڙ جنگون ئي بند ٿي وڃن ۽ دنيا جي ماڻهن کي امن ملي وڃي ته سال 2025 يادگار سال ٿي پوندو. اسين پنهنجي ملڪ جي ماڻهن سان گڏ سموري عالم انسانيت کي نئين سال جون مبارڪون پيش ٿا ڪريون انهيءَ اميد ۽ امڪان سان گڏ ته اهو سال اسان سڀني لاءِ بهتر هوندو.

همسري جي پڙهندڙن کي نئون سال مبارڪ

***