خاص

قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ جي اجلاس دوران اپوزيشن جو سخت احتجاج ۽ نعريبازي

اپوزيشن طرفان مالي سال 21-2020 جي بجيٽ دوران شديد احتجاج ۽ حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي وئي. اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ قومي اسيمبليءَ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان به شرڪت ڪئي. مالي سال 21-2020 جو بجيٽ صنعت ۽ پيداوار جي وفاقي وزير  حماد اظهر پيش ڪيو. ان دوران اپوزيشن جي پارٽين مسلم ليگ (ن)، پيپلز پارٽي ۽ متحده مجلس عمل احتجاج ڪيو ۽ احتجاجي بينرز  کڻي نعريبازي ڪئي. اپوزيشن 50 لک گهر ڪٿي آهن؟ ۽ ڪورونا وائرس ڪمزور ٿي ويو آهي سميت ٻيا نعرا هنيا. اپوزيشن جي ميمبرن طرفان ايوان ۾ مسلسل نعريبازي ڪئي وئي جڏهن ته اپوزيشن ميمبرن اٽي چور، کنڊ چور ۽ علي بابا چاليس چور جا نعرا به هنيا پر ان دوران حماد اظهر بجيٽ پيش ڪندو رهيو.