سنڌي ڊڪشنريءَ جي اڳوڻي ڊائريڪٽر مدد علي سنڌي کان (آگسٽ 2016) ۾ ورتل انٽرويو

انٽرويو
سنڌي ڊڪشنريءَ جو ڊائريڪٽر مدد علي سنڌي
زاهده ابڙو
همسري: اسان جي قارئين کي سنڌي ڊڪشنري پروجيڪٽ جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائيندا.
مدد علي: 1940 ۾ سنڌي ساهيته صلاحڪار بورڊ ٺهيو، جنهن دور ۾ سائين جي ايم سيد وزير تعليم هو تڏهن اها رٿ آئي هئي ته سنڌي ڊڪشنري بورڊ ٺهڻ گهرجي. جنهن ۾ علامه دائود پوٽو، عثمان علي انصاري، ڄيٺ مل پرسرام، لال چند شامل هئا. هن تي صحيح معنيٰ ۾ ڪم پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ 1951 ۾ شروع ٿيو. سنڌ يونيورسٽي جڏهن هتي آئي ته علامه آءِ آءِ قاضي انهن کي نئون وديالا اسڪول جي ڪئمپ ۾ ٽن ڪمرن جي جڳهه ڏني.
اهو ڪم ادبي بورڊ طرفان شروع ٿيو. علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ عبدالڪريم سنديلي ان لغت جي نظرثاني ڪئي جنهن جا ٻه يا ٽي جلد ٺهيا پوءِ اهو سلسلو هلندو رهيو. پوءِ سنڌي لينگويج اٿارٽي جي طرفان اهو فيصلو ڪيو ويو ته هڪ جامع لغات ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڊڪشنري جي رهنمائيءَ ۾ مڪمل ڪيو ويو. هن پروجيڪٽ جو پهريون ۽ ٻيون جلد اسان آڻي چڪا آهيون، هاڻي ٽين جلد تي ڪم هلي رهيو آهي. هن پروجيڪٽ جو اڳواڻ هاڻي آئون آهيان ۽ مون کي اتي ايندي پندرهن ويهه ڏينهن مس ٿيا آهن پر منهنجي اها خواهش آهي ته ڊسمبر 2016 تائين ٻه ٻيا جلد شايع ٿي وڃن.
همسري: هي گهڻن سالن جو پروجيڪٽ آهي؟
مدد علي: 1949 ۾ ڊاڪٽر جانسن پهرين ڊڪشنري ٺاهي هئي ان تي کيس ويهه سال لڳا هئا، پر هتي جيڪي ماڻهو ويٺا آهن اهي جيتري محنت ۽ جذبي سان ڪم ڪندا اوترو جلدي هن لغات کي مڪمل ڪري سگهبو. توهان کي پاڻ کي اندازو هوندو ته سنڌي ادارن ۾ اهو ڪم نٿو ٿئي جيڪو ٿيڻ گهرجي، سنڌي ڊڪشنري جو اسٽاف هڪڙي پٽيوالي ۽ پنجن ڇهن ماڻهن ۽ هڪڙي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر تي مشتمل آهي. جڏهن توهان وٽ ٽيڪنيڪل اسٽاف وڌيڪ هوندو ۽ محنتي ماڻهو ڪم ڪندا ته يقينن ڪم سٺو ۽ ترت ٿي ويندو. آئون توهان کي ٻڌايان ته ڊاڪٽر بلوچ جي ٽيم ۾ 25 کان 30 ماڻهو ڪم ڪندا هئا تنهن کانپوءِ پرائمري ماسترن کي به موڪل جي ڏينهن ۾ ڪم ڏسيو ويندو هو جيڪي هن کي پنهنجو قومي فرض سمجهي اهو ڪم ڪندا هئا. تنهن هوندي به ان کي 20 سال لڳا. منهنجي ڪوشش اها هوندي ته ماضي جي ابتڙ جيترو تڪڙو ڪم ڪري سگهان ۽ وڌ کان وڌ جلد ڏئي سگهان ته ان تي مون کي فخر ٿيندو.
همسري: ڊڪشنري جا گهڻا جلد رٿيل آهن ۽ لڳ ڀڳ ڪيترن لفظن جي انٽري ڪئي ويندي؟
مدد علي: ڊڪشنري جا رٿيل جلد ويهه آهن جنهن مان ٻه شايع ٿي چڪا آهن ۽ ٽين تي ڪم ٿي رهيو آهي. اسان لفظن جي انٽري لاءِ هندي، اردو، انگريزي، فرهنگِ جعفري ڊڪشنرين مان مدد حاصل ڪري رهيا آهيون ۽ ان کان علاوه طبي ڊڪشنريون به شامل آهن انهن مان به لفظن جي استعمال کي ڏٺو ٿو وڃي. آئون ٿورو توهان کي ٻڌائيندو هلان ته ڊڪشنري ۽ لغت ۾ ٿورو فرق آهي اسان وٽ ڊڪشنريون ته پهرين کان ئي موجود آهن اسان هاڻي لغت تي ڪم ڪري رهيا آهيون ڊڪشنري ۾ هڪڙي لفظ جي سادي معنيٰ ڏنل هوندي آهي پر لغت ۾ ان جي ابتڙ هڪڙي لفظ جي معنيٰ، ان جو اسم، فعل، مفعول، مصدر ۽ ان کان علاوه هاڻي شاهه جو شعر به شامل ڪري رهيا آهيون اها هڪ مفصل شيءَ آهي ۽ ڏاڍي محنت طلب آهي، جنهن ۾ اسان جي ڪوشش آهي ته اسان جيڪا لغت تيار ڪري رهيا آهيون جڏهن پڙهندڙن جي هٿن ۾ اچي ته اها سندن لاءِ لاڀائتي هجي ۽ انهن کي مزو اچي. حال جي ڳالهه ڪندي اسان کي ماضيءَ کي به ضرور ياد ڪرڻ گهرجي ته تاريخ اسان کي ڇا ٿي ٻڌائي. 7 فيبروري 1843 تي جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي هئي ته حيدرآباد تمام وڏو ضلعو هو جنهن ۾ اڄوڪا اٺ/نو ضلعا هئا. حيدرآباد جو پهريون ڊپٽي ڪليڪٽر جيڪو نامزد ٿيو تنهن جو نالو جارج اسٽئڪ هو ۽ هو وڏو عالم ماڻهو هو اهو ڪارنامون هن جو آهي جو هن پهرين سنڌي ڊڪشنري ٺاهي. 1846 ۾ جڏهن گورنر جارج هتي آيو ته هن کيس اها ڊڪشنري ڏيکاري ان وقت بمبئي ۽ سنڌ هڪ هئا ته ڪلارڪ اسٽئڪ کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته هاڻي بمبئي حڪومت هن کي پنهنجي خرچ تي شايع ڪندي. پوءِ بمبئي حڪومت ان کي 1847 ۾ شايع ڪيو. هيءَ ڊڪشنري انگلشن ٽو سنڌي ديوناگري ۾ لکيل هئي ان وقت ۾ انگريزن جو خيال هو ته شايد سنڌي هميشه ديوناگري ۾ لکي ويندي پر پوءِ عالمن فيصلو ڪيو ته ان کي سنسڪرت ۾ لکيو وڃي پر پوءِ عربي ۾ لکڻ جو فيصلو ٿيو. هن ماڻهو ٽي ڊڪشنريون ٺاهيون ۽ پوءِ جوانيءَ ۾ ئي مري ويو پر هن ماڻهوءَ جي بنيادي ڪم جي ڪري سنڌين کي سنڌي لغت جي راهه ملي.
همسري: هن پروجيڪٽ ۾ ماهرن جي ڪهڙي ٽيم ڪم ڪري رهي آهي؟
مدد علي: مان توهان کي ٻڌايان ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کان وڌيڪ ماهر ٻيو هو ئي ڪونه. مون کان پهرين تاج جويو صاحب هن پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيو هو هاڻي هن پروجيڪٽ جي اڳواڻي آئون ڪري رهيو آهيان. اسان جي ٽيم ۾ تعليم جو ماهر شير شاهه صاحب شامل آهي ان کان علاوه هڪ ڪهاڻيڪار ضراب حيدر به آهي، حافظ غلام سرور، ناصر بلوچ ۽ محمد بخش ٿيٻو هن ٽيم جا ميمبر آهن. جيتوڻيڪ اسان جي ٽيم تمام ننڍي آهي پر مون وٽ جيڪي ماهر آهن سڀ محنتي ۽ سچا آهن ۽ اسان کي اها خبر هجڻ گهرجي ته اهڙا پروجيڪٽ جذبي سان ئي مڪمل ٿي سگهن ٿا. مون کي ياد آهي ته 1970 ۾ ادبي بورڊ ۾ وڃبو هو ته اتي 12 کان مٿي ماڻهو ڪونه هوندا هئا جنهن ۾ هڪڙو سيڪريٽري ٻه يا ٽي پٽيوالا ۽ پرنٽنگ پريس ۾ ڪم ڪرڻ وارو اسٽاف ۽ ڪجهه بڪ اسٽال وارا هوندا هئا، پر ان هوندي به جيڪو ڪم سنڌي ادبي بورڊ ڪيو اهو سڄي پاڪستان ۾ مشهور آهي، مان به پنهنجي ٽيم مان پراميد آهيان. ٻيو جذبو سلامت هجي جيڪڏهن جذبو ناهي ته پوءِ رڳو ڏينهن گذارڻا ٿيا.
همسري: لغت ٺاهڻ لاءِ توهان وٽ سورس مٽيريل ڪهڙو آهي؟
مدد علي: جيئن ته آئون پهرين به عرض ڪري چڪو آهيان ته اسان وٽ سڀ کان وڏو سورس مٽيريل ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڊڪشنري آهي پر ان کان علاوه اسان اردو، انگريزي ۽ فارسي جون ڊڪشنريون به ڪتب آڻيون پيا. فيض اللغات اردو جي لغت آهي جنهن جا ٻاويهه جلد اچي چڪا آهن، جنهن کي اردو مقتدره زبان ۽ اردو ڊڪشنري بورڊ بار بار ڇاپيندو رهندو آيو آهي. اسان به ان لغت مان فائدو حاصل ڪريون ٿا، اسان به ان مان لفظن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري سنڌي ٻولي ۾ ڏيون پيا جيڪي هاڻي سنڌي ٻولي ۾ عام طور تي رائج آهن. مثال طور پرارٿنا، ياترا جيڪي هندي جا لفظ آهن پر سنڌي ٻوليءَ جو حصو به بڻجي ويا آهن تن کي به اسان پنهنجي لغت ۾ شامل ڪيو آهي.
همسري: هن پروجيڪٽ جي ليٽ ٿيڻ جا ڪهڙا سبب آهن؟
مدد علي: مون کي هن پروجيڪٽ جي سربراهي جڏهن کان ملي آهي ان کي گهڻو عرصو ڪونه ٿيو آهي مون کي پندرهن ويهه ڏينهن ٿيا آهن جو مان هن پروجيڪٽ جو حصو بڻيو آهيان. توهان جي ڳالهه صحيح آهي ته واقعي هن پروجيڪٽ جي جيڪا ڊيگهه آهي ان حساب سان ڪم تمام گهٽ ٿيو آهي. پهرين ٽن سالن ۾ هڪ جلد مڪمل ٿي سگهيو ۽ ٻي جلد کي مڪمل ٿيڻ ۾ به تقريبن ڏيڍ سال لڳو هو منهنجي خيال ۾ اهو واقعي هڪ ڊگهو عرصو آهي جنهن ۾ گهڻو ڪجهه ڪري سگهجي پيو، پر هاڻي ڪوشش ڪجي ته جيڪي ايندڙ جلد آهن انهن کي ترت مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. شروعاتي ٻن سالن ۾ ته عامر شاهه نالي ڪو آفيسر هوندو هو جيڪو آفيس ۾ اڪيلو هوندو هو ۽ ان وقت ڪجهه به ڪم نه ٿيو جنهن کانپوءِ هڪ سال ۾ هڪڙو جلد نڪتو آهي، جيڪو اصل ڪم آهي اهو تقريبن ڏيڍ سال جي اندر ٿيو آهي جنهن ۾ شير شاهه صاحب جي اچڻ کانپوءِ ڪافي تڪڙو ڪم ٿيو آهي، پر هاڻي 2016 جي آخر تائين اسان ٻه ٻيا جلد آڻڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين ۽ اميد آهي ته ڪاميابي ٿيندي. هن ڪم ۾ ايڊيٽر جو به وڏو اهم ڪردار هوندو آهي ڪم تيار ٿيڻ کانپوءِ مواد سڄو ايڊيٽرن ڏانهن ويندو آهي. جيئن ته لفظن جو تعداد هزارن ۾ هوندو آهي ۽ هر لفظ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري تصديق ڪئي ويندي آهي تنهنڪري ٿورو وقت لڳي ويندو آهي.
همسري: ڇا توهان کي هن پوري پروجيڪٽ کي مڪمل ڪرڻ ۾ مطلوبه فنڊز مهيا ڪيا وڃن ٿا جنهن سان لغت ڇپجي سگهي؟ هن پروجيڪٽ کي پورو ٿيڻ ۾ لڳ ڀڳ ڪيترو ٽائيم لڳندو؟
مدد علي: فنڊز جي سلسلي ۾ ڪوبه مسئلو درپيش ڪونهي هي سنڌ حڪومت جو پروجيڪٽ آهي ۽ سنڌ حڪومت گهربل فنڊز مهيا ڪري ٿي جنهن سان تيار ٿيل جلد آرام سان ڇپجي وڃي ٿو. جيئن ته توهان جو سوال وقت جي متعلق آهي ان لاءِ چوندو هلان ته هن پروجيڪٽ کي مڪمل ٿيڻ ۾ ٽي سال به لڳي سگهن ٿا، پنج سال به لڳي سگهن ٿا. منحصر ٿو ڪري ته هر ماڻهو پنهنجي ڪم سان ڪيترو سچو آهي. جيڪڏهن ٽيم محنت ۽ لڳن سان ڪم ڪندي رهندي ته اميد آهي ته هي پروجيڪٽ وقت تي ختم ٿي ويندو.
همسري: هن پروجيڪٽ جي منظوري ڪهڙو ادارو ڪندو آهي؟
مدد علي: هن پروجيڪٽ جي منظوري سنڌ حڪومت ڪري ٿي. مان توهان کي ٻڌائيندو هلان ته اصل ۾ هي بورڊ جي رٿ منظور ٿيڻ لاءِ وئي آهي، پر هن وقت پروجيڪٽ جي طور تي هلايو پيو وڃي ۽ هن جو ڪم هلندو رهندو. ٻوليءَ ۾ هر وقت نوان لفظ شامل ٿيندا ٿا رهن هينئر به سنڌي ٻوليءَ ۾ اردو جا تمام گهڻا لفظ اچي ويا آهن جيڪي به اسان کي شامل ڪرڻا آهن. هي ته بورڊ ڪونهي بورڊ جو مطلب آهي هڪ خود مختيار ادارو، اهو ڏسون ٿا ته ڪڏهن ٿو منظور ٿئي ۽ ڪڏهن ٿا ان کي پنهنجا فنڊز ملن. جڏهن هي ادارو مڪمل طور تي قائم ٿي ويندو يعني سنڌي ڊڪشنري بورڊ وجود ۾ ايندو ته ان سان سنڌي ٻوليءَ کي تمام گهڻو فائدو پهچندو. ان جي لاءِ ڪم ڪرڻ وارا ٽيڪنيڪل ماڻهو پيدا ٿيندا. ريسرچ جو شعبو وڌيڪ طاقتور ٿيندو. ٻين ڪيترين ئي ٻولين جون ڊڪشنريون سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿينديون ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي هن اداري ۾ روزگار ملندو.
همسري: هن وقت سنڌي ٻولي ۾ ڪهڙا غلط رجحانات موجود آهن جن کي اسان کي روڪڻ گهرجي؟
مدد علي: اسان وٽ اڄڪلهه ڪتابن ۾ غير مروجه لفظن جي شايع ٿيڻ جو رجحان وڌي رهيو آهي. جيئن نالي وارو هڪ غلط لفظ آهي، ان جو صحيح لفظ آهي جڳ مشهور، مشهور يا برک. ان قسم جا ڪيترائي لفظ آهن جنهن ۾ اسان کي ڌيان ڏيڻ گهرجي. ڇو ته اخباري ٻوليءَ ۾ ۽ ادبي ٻوليءَ ۾ تمام گهڻو فرق آهي. اسان وٽ ماهر ۽ ڄاڻو ايڊيٽرن جي تمام گهڻي کوٽ آهي، جيڪڏهن هر ڪتاب صحيح طرح سان ايڊٽ ٿئي ته اهڙيون غلطيون ڪونه ٿينديون.
همسري: پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ اردو ڊڪشنري بورڊ ته ٺهي پر سنڌي ڊڪشنري بورڊ ٺهڻ ۾ ايتري دير ڇو لڳي آهي جڏهن ته اهو ڪم اهم آهي ۽ ڪافي اڳ ۾ ٿي وڃڻ گهربو هو؟
مدد علي: پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ اردو ڊڪشنري بورڊ ٺهي ويو ڇو ته اردو کي قومي ٻوليءَ جي حيثيت حاصل ٿي وئي تنهنڪري اردو مقتدره زبان ٿي وئي ۽ انهن کي فنڊز به مهيا ٿيندا ويا، ان ڪري اهي وڌيڪ جلد ڇاپيندا رهيا پر ڇاڪاڻ ته سنڌي ڊڪشنري بورڊ جي ٺاهڻ لاءِ فنڊز جو مسئلو رهيو آهي ان ڪري ان کي ڪير به مڪمل ڪري نه سگهيو. اردو مقتدره زبان جو پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر وحيد قريشي جهڙو وڏو عالم رهيو. هي پهريون ڀيرو آهي جو سنڌي لينگويج اٿارٽي کي مناسب فنڊز ملي رهيا آهن سنڌ حڪومت ڀرپور سهڪار ڪري رهي آهي اميد آهي ته اڳتي هلي هي پروجيڪٽ سنڌي ڊڪشنري بورڊ ۾ باقائدگيءَ سان تبديل ٿي ويندو. ۽ پنهنجي خود مختيار حيثيت ۾ ڪم ڪندو.
همسري: لغت مڪمل ٿي جڏهن پڙهندڙن جي هٿ ۾ ايندي ته انهن کي ڪهڙو فائدو پهچندو؟
مدد علي: سنڌي لغت جو مڪمل ٿيڻ پڙهندڙن لاءِ وڏو مددگار ثابت ٿيندو پر جيئن ته سنڌي ڪتابن جي پڙهڻ جو رجحان شهرن ۾ گهٽجي رهيو آهي ۽ سنڌي ڪتابن کي پڙهڻ وارو طبقو گهڻو ڪري ٻهراڙين ۾ رهي ٿو جن جي آمدني تمام گهٽ آهي ۽ اهي گهڻا مهانگا ڪتاب خريد ڪرڻ جي پهچ نٿا رکن. ان لاءِ ڪتاب جي کپت به گهٽ ٿئي ٿي. ان لاءِ اسان جي سنڌ حڪومت کي ڪو قانون جوڙڻ کپي ته سنڌ جون لائبريريون سنڌي ڪتاب خريد ڪن ان سان هڪ ته اسان جي ليکڪ کي فائدو پهچندو ۽ ٻيو ته ڪتاب جي لائبريري ۾ موجودگي جي ڪري اهي سڀ ماڻهو ان مان فائدو حاصل ڪري سگهندا جيڪي بازار مان خريد نٿا ڪري سگهن. پر ان هوندي به لغات کي ڇپرائڻ جي لاءِ حڪومت فنڊز مهيا ڪري ٿي. اميد آهي ته لغت ڇپجي اچڻ کانپوءِ ٻوليءَ جا ماهر استاد، شاگرد ۽ پنهنجي ٻوليءَ جي وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪندڙ عام قاري به ان لغت مان فائدو حاصل ڪري سگهندو.
همسري: هن اداري جوڙڻ ۾ سنڌ جا ليکڪ ۽ اديب ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا؟
مدد علي: اديب مدد ڪري به سگهي ٿو ۽ نه به ڪري سگهي ٿو. ان جو داور مدار ان تي آهي ته انهن کان اسان مدد گهرنداسين ته اهي به مدد ڪري سگهن ٿا. مان هاڻي آيو آهيان، اڳتي هلي انهن کان مدد گهربي.



