خاص

قومي سلامتي بابت وزيراعظم جي صلاحڪار معيد يوسف چيو آهي ته ڪجهه پاڪستانين جي ٻاهرين ملڪن وڃڻ جي دوران سندن ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ جي ڪري پاڪستان جي ساک خراب ٿي وئي آهي پر اهو تعداد تمام گهٽ آهي.

قومي سلامتي بابت وزيراعظم جي صلاحڪار معيد يوسف چيو آهي ته ڪجهه پاڪستانين جي ٻاهرين ملڪن وڃڻ جي دوران سندن ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ جي ڪري پاڪستان جي ساک خراب ٿي وئي آهي پر اهو تعداد تمام گهٽ آهي اسلام آباد ۾ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشنز سينٽر (اين سي او سي) ۾ پريس بريفنگ ڏيندي معيد يوسف چيو ته اسان اڳ ۾ ئي پاڪستان جي دورو ڪندڙن کان سوال ڪرڻ ۽ ماڻهن کي علامتن سان جانچڻ جي پاليسي اختيار ڪري چڪا آهيون. هاڻي ساڳيو عمل ٻاهرين ملڪن ڏي ويندڙ مسافرن سان ڪيو ويندو ۽ جنهن مسافر جون علامتون مليون ته هو سفر ڪري نه سگهندو. هن وڌيڪ چيو ته ڪجهه ملڪ ۽ ايئر لائنون آهن جن کي پاڪستان سميت ڪيترن ملڪن کان ايندڙ مسافرن لاءِ ٽيسٽ لازمي قرار ڏني وئي آهي ان ڪري مان انهن سڀني کي واضح ڪندس جيڪي پاڪستان کان ٻاهر وڃڻ چاهين ٿا، توهان ڪهڙي ملڪ وڃي رهيا آهيو. توهان کي لازمي طور تي سفر ڪرڻ واري ايئر لائين جي پاليسي تي عمل ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن توهان ائين نه ڪيو ته توهان کي جهاز ذريعي سفر ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. ڪجهه مسافر پاڪستان کان ٻاهرين ملڪن ڏانهن ڪورونا ٽيسٽ جا نيگيٽو سرٽيفڪيٽ وٺي سفر ڪري رهيا آهن جن جا منزل تي پهچڻ کانپوءِ ٽيسٽ مثبت آيا آهن اهڙن مسافرن جي ڪري ملڪ جي سخت بدنامي ٿي رهي آهي. هاڻي اهڙن مسافرن کي ايئرپورٽ تي ئي روڪيو ويندو.