قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ۽ لنڊن ۾ بلاول-نواز شريف ملاقات! رشيد ابڙو
ڪپتان جي مبينا سازش واري شوشي تي قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ان ڳالهه کي ورجايو ويو آهي ته ڪا به سازش نه ٿي آهي، ان بيان بعد ڪپتان جو شوشو بس هڪ سياسي ڪارڊ وڃي رهيو آهي، جنهن سان ڪپتان کيڏي پيو، ان ڪارڊ ذريعي ڪپتان ضدي ٻار وانگر اهو ضد ڪري پيو ته کيس ڪهڙي به حالت ۾ اها اقتدار واري ڪرسي کپي، ان ڪرسيءَ تي ويهڻ جو رڳو کيس ئي حق آهي، باقي وڃي ڌوڙ پائين. ضِدي ٻار مڪمل طرح فيل ٿي چڪو آهي، پر ان ڳالهه تي بضد ۽ روئي رهيو آهي ته کيس زوري پاس ڪيو. جن ڪپتان کي اقتدار ۾ آندو اڄ اهي ايترو ته پريشان ۽ سندن مٿي تي هٿ آهن، جنهن جو ملڪي تاريخ ۾ ڪو مثال نٿو ملي.
اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ ملڪ جي پرڏيهي لاڳاپن ۽ خزاني کي نا تلافي وڏو نقصان پهچايو ويو، ان جو اندازو رڳو توشا خانه جي تحفن جي وڪري ۽ فرح جي هٿ ۾ بوزدار سرڪار جي اسٽيئرنگ ۽ وزيراعظم هائوس کان بني گالا اچ وڃ لاءِ 98 ڪروڙ رپيا خرچ ڪرڻ جهڙا اسڪينڊلز منظر عام تي اچڻ مان لڳائي سگهجي ٿو، باقي ته الائي ڇا ڇا ٿيو هوندو. ڪپتان توشا خانه جا تحفا وڪرو ڪري ملڪي عزت ۽ وقار کي نقصان ته پهچايو، پر دنيا ۾ پاڻ بدنام ڪيو، دوست ملڪ ناراض ڪيا. ان وڏي نقصان جو ازالو ڪير ڪندو؟ اهو هڪ وڏو سوال آهي. ڪپتان اقتدار جي خاطر يورپي يونين، آمريڪا، سعودي عرب سميت ٻين مسلمان ملڪن، چين جهڙي دوست کي به ناراض ڪري ڇڏيو هو. عوام به گهڻو ڀوڳيو ۽ اسٽيبلشمينٽ به پريشان ٿي، ڪپتان کي اقتدار ۾ آڻڻ وارن جا ته هاڻي ڪنن ۾ هٿ آهن ۽ هو توبهه استغفار ڪري رهيا آهن. اسٽيبلشمينٽ جو هاڻي پورو راضپو نواز شريف ۽ آصف زرداري سان آهي، ڇاڪاڻ ته اهي مئچور ڊرائيور آهن، انهن مئچور سياست ڪئي آهي، ان ڪري اهي ضدي ڪپتان کان وڌيڪ بهتر آهن، جيڪي سياسي گر پيچ ڄاڻين ٿا. ڪپتان کي سياست جي خبر ئي ناهي نه وري ڪا ڄاڻ، هو اڄ به سياست کي ڪرڪيٽ مئچ سمجهي ٿو، هو سياست جي الف ب کان به واقف ناهي، سندس ٽيم کيس ٻيهر ڪنٽينر تي چاڙهي ڇڏيو آهي. سياست ۾ جذبات سان نه پر عقل کان ڪم وٺبو آهي، پر هن موصوف رڳو جذبات، گارگند، الزام تراشي، مين نا مانون ۽ عقل ڪل واري سوچ رکي پنهنجو ئي نقصان ڪيو. ڪپتان پنهنجي ئي پارٽي کي پاڻ نقصان پهچايو، پنهنجن ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي نظر انداز ۽ ناراض ڪيو، هو پاڻ کي کي رڳو هيرو ۽ پاڪ پوتر سمجهي رهيو آهي، اقتدار جي نشي ۾ کيس عوام توڙي پنهنجا پارٽي اسيمبلي ميمبر ڪيڙا ماڪوڙا نظر آيا پئي. بوزدار جهڙو ماڻهو جنهن جي ڪا سياسي اپروچ نه هئي نه وري پسمنظر، ان کي پنجاب ۾ وڏو وزير بڻائي وسيم اڪرم پلس قرار ڏنو. ڪو شڪ ناهي ته ڪنهن کي ڪا سازش ڪرڻ جي ضرورت ئي پيش نه آئي، هو پنهنجي انا ۽ سياسي ناسمجهه سبب مار کائي ويٺو آهي. آئين شڪني ۽ ڪافي غلطين باوجود هو اسلام آباد ڏانهن چڙهائي جو ارادو رکي ٿو. هاڻي ته فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو اچڻ وارو آهي، جنهن سبب هو نااهل به ٿي سگهي ٿو، ان ڪيس ۾ اسٽيٽ بئنڪ پاران رپورٽ اليڪشن ڪميشن ۾ ڏني وئي هئي، جنهن ۾ فارن فنڊنگ جا ثبوت مليا آهن، پر هو ان کي اڄ مڃڻ لاءِ تيار ناهي ۽ اداري کي ٽارگيٽ بڻائي اليڪشن ڪمشنر جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيو آهي. ڪپتان سمجهي ٿو ته هو پاڻ ئي آئين ۽ قانون آهي، تڏهن ته ادارن سان ٽڪراءُ ۾ آهي. جيڪڏهن فيصلو آيو ته هو نااهل ٿي سگهي ٿو ۽ کيس آئين شڪني جي سزا به ڀوڳڻي پئجي سگهي ٿي.
ڪپتان جو اقتدار کي ڇڏڻ وارو عجيب پرخطر منظر ملڪي تاريخ ۾ ڪٿي به نه نظر آيو، جڏهن سپريم ڪورٽ پاران ڏنل وقت تي بي اعتمادي واري رٿ تي ووٽنگ نه ڪرائڻ ۽ ٽريزري بئنچز پاران خوامخواهه جون ڊگهيون تقريرون ڪرڻ ۽ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر پاران ڌر بڻجي وزيراعظم هائوس جا چڪر ڪاٽڻ واري حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي ۽ سڄو ڏينهن عوام کي پريشان ڪيو ويو، ان وقت مارشل لا جي خطري واري گهنٽي وڄندي رهي. هرڪو پريشان ۽ حيران هو ته آخر ملڪ ۾ ڇا ٿيڻ وڃي رهيو آهي؟ آئين شڪني ۽ آئين کان سرعام ۽ کلي عام انڪار ٿي رهيو هو. آئين جي ڪسٽوڊين سپريم ڪورٽ ايڪٽو ٿي، عدالتن جا دروازا کولي لائٽس آن ڪيون ته 11:55 تي اسپيڪر وزيراعظم هائوس مان ڪيترائي چڪر ڪاٽڻ کانپوءِ استعيفيٰ جو اعلان ڪيو، رات جا 12:00 ٿيڻ وارا هئا ته ضدي ڪپتان خوف مان هيليڪاپٽر ذريعي وزيراعظم هائوس مان بني گالا ائين اڏام ڪئي جيئن انڊين فلمن ۾ ولين ڪندا هجن. عجيب ڪپتان هو، جيڪو ميچ هارائڻ باوجود هار مڃڻ لاءِ تيار نه هو، پچ تي ليٽي پيو ۽ پوءِ موچڙن جي خوف کان پنهنجي جتي به ڇڏي ڀڄي ويو. عمران ۽ سندس اقتدار واري ڪرسي کي ڪا پاورفل سليوشن لڳل هئي، جيڪا کين ڇڏائڻ لاءِ اپوزيشن کي نهن چوٽيءَ جو زور لڳائڻو پيو. اڳوڻي وزيراعظم اپوزيشن کي آخري بال تائين کيڏڻ جو ته چئلنج ڏنو، جيڪو اپوزيشن دل سان قبول ڪري ميدان خالي نه ڇڏيو. بي اعتمادي جي رٿ جي ڪاميابي بعد قومي اسيمبلي جي ڪاريڊور ۾ آصفه، بلاول ڀٽو زرداري ڏانهن مسڪرائيندي ڪپتان جو آخري بال ڪيچ ڪرايو ۽ عمران کي اهو ٻڌايو ته “هي آهي تنهنجو اهو آخري بال، تون آئوٽ ٿي ويو آهين اهو به ڪلين بولڊ.”
ڪو شڪ ناهي ته اڳوڻي صدر آصف زرداري، شهباز شريف کي وزيراعظم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته آصف زرداري سمورين سياسي ڌرين کي متحد رکيو، اپوزيشن جو ٽارگيٽ ڪپتان هو، جنهن لاءِ بلاول چئي چڪو آهي ته ”هي ڪهڙو ڪپتان آهي، بزدل بني گالا جو نه پر فني گالا جو ڪپتان آهي.“ پيپلز پارٽي جي قيادت نج سياسي حڪمت عملي سان ڪم وٺي رهي آهي، جنهن تيز بالنگ ڪرائي ڪپتان جون وڪيٽس اڏائي ڇڏيون آهن. بلاول لنڊن ۾ نواز شريف سان ملاقات ڪري هڪٻئي کي مبارڪون ڏنيون ۽ هڪ ٻي ميثاق جمهوريت جو بنياد رکيو، شهيد بينظر ڀٽو به لنڊن ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ نواز شريف سان ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪيون هيون، جنهن جي اڄ سندس فرزند ياد تازي ڪري ڇڏي. پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ ۾ ويجهڙائي جو مطلب جمهوريت بهترين انتقام آهي.
جيڪڏهن پيپلز پارٽي جي قيادت سياسي ڌرين کي متحد نه رکي ها ته شايد ڪپتان بازي پلٽي پيو سگهي، هو پنهنجو اقتدار بچائڻ لاءِ آخري حد پار ڪري چڪو هو، ڄڻ ڪرسي ورلڊ ڪپ هجي، پر قسمت سندس ساٿ نه ڏنو. اسٽيبلشمينٽ منهن موڙي چڪي هئي، عمران کي هٽائڻ لاءِ آئيني طريقو اختيار ڪيو ويو. ڪپتان ڌمڪي واري خط جو ته شوشو ڇڏيو ۽ ان کي سامراج جي سازش قرار ڏنو ۽ ان ملڪ جو نالو نه پيو کڻي پوءِ ته سڌو آمريڪا کي ان سازش ۾ ملوث قرار ڏنو، ٻئي طرف آمريڪا بار بار ان الزام کي رد ڪندو رهيو. تازو آمريڪن ڪانگريس جي ميمبر الهان عمر بني گالا ۾ ڪپتان سان ملاقات ڪئي هئي ته ان سازش واري Narrative دم ٽوڙي ڇڏيو. هاڻي ته هر جلسي ۾ عمران جو اهو Narrative آهي ۽ کيس اعليٰ عدالت جي فيصلي تي به گهڻو ڏک پهتو آهي ۽ اهو ڏک جيڪا عمر بچي اٿس سانڍي رکندو، اها ڳالهه هو بار بار ورجائي رهيو آهي.
نئين حڪومت اقتدار ۾ اچڻ ۽ وفاقي ڪابينا جي حلف کڻڻ بعد ايندڙ اليڪشن بابت سڌارن تي ڪم شروع ڪري ڏنو آهي، ايندڙ عام چونڊن ۾ ووٽنگ اليڪٽرانڪ مشين ذريعي نه پر پراڻي طريقي سان ئي ٿيندي ۽ اوورسيز کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ پڻ غور ويچار ٿي رهيو آهي. شهباز شريف ايڪٽو وزيراعظم طور اڀريو آهي، جنهن اچڻ سان ڪجهه شين ۾ عوام کي رليف ڏئي ڪپتان پاران عوام کي ڏنل ڏنڀن تي مرهم رکيو آهي. هوڏانهن واشنگٽن ۾ آءِ ايم ايف سان به حڪومت جون ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن، مئي ۾ آءِ ايم ايف جو اسٽاف مشن پاڪستان اچي ويندو ۽ ڳالهين جي آخري دور بعد 8 بلين ڊالر ملي ويندا. سوال اهو آهي ته آئين شڪني، فارن فنڊنگ، ملڪي ادارن سان ٽڪراءُ ۽ لٺ بردار آمريڪا سان جهيڙي ۽ پنهنجي عوام کي ادارن خلاف ٽڪراءُ ۾ آڻڻ وارن معاملن تي ڇا قانون پنهنجو رستو اختيار ڪندو ۽ عمراني سياست جي مڪمل تڏا ويڙهه ٿيندي يا هڪ دادلي ٻار کي غلطين جي معافي ملي ويندي؟! ان لاءِ ميري پياري هم وطنو ٿورو انتظار ڪرڻو پوندو.

