بلاگ

لانگ مارچ عمران سرڪار لاءِ وڏو چئلينج! رشيد ابڙو | مارچ 2022

صورتحال ان موڙ تي بيٺي آهي ته موجوده پي ٽي آءِ حڪومت پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪري عوام کي رليف فراهم ڪري، مهانگائي ۽ ٻين انيڪ اشوز مان جان ڇڏائي ٿي ته ٺيڪ، ٻي صورت ۾ پي ڊي ايم پي ٽي آءِ حڪومت کي گهر به موڪلي سگهي ٿي. هر دور جي حڪمران اها  ڳالهه ڪئي ته آهي ته جيڪو به کين مليو اهو ورثي ۾ مليو آهي، ان لاءِ کين وقت کپي. خير وقت ته هر حڪمران کي مليو آهي، پر ان عوام جي اشوز کي نظر انداز ڪيو ۽ رڳو پنهنجن کي نوازڻ لاءِ وقت وڃايو آهي. چون ٿا ته عمران وڏو ايماندار آهي ۽ ان ڪيترن ئي خراب معاملن کي بهتر ڪيو آهي ۽ اڃان ان ڪم سان لڳو پيو آهي. بهرحال جيستائين ايمانداري جي ڳالهه آهي ته اها مڃي به وٺبي، پر هيستائين رڳو ڳالهين کانسواءِ عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڪوبه عملي ڪم نظر نه آيو آهي. چون ٿا ته ان جو ثمر جلد عوام کي ملندو، خير ڏسون ٿا ته اهو ملي به ٿو يا نه.

پي ڊي ايم هڪ ته پي ٽي آءِ حڪومت کي مڃڻ لاءِ تيار ناهي ٻيو نه وري ان جي ڪارڪردگي مان مطمئن آهي. حڪومت مخالف تحريڪ زور وٺي رهي آهي، فيبروري ۾ اپوزيشن پنهنجو پاور شو ڪرڻ وڃي رهي آهي. جيڪڏهن ان وچ ۾ پي ٽي آءِ حڪومت پنهنجي حڪمت عملي ۾ تبديلي آڻي عوامي اشوز ڏانهن ڏيان ڏئي ٿي ۽ سنجيده ٿئي ٿي ۽ مهانگائي سميت ٻيا مسئلا حل ڪري ٿي وٺي ته پوءِ اپوزيشن جي تحريڪ جي ڦوڪڻي مان هوا به ڪڍي سگهي ٿي. بهرحال اهو واضح آهي ته پي ڊي ايم جو لانگ مارچ پي ٽي آءِ سرڪار لاءِ هڪ وڏو چئلينج ۽ مٿي جو سور بڻجي ويو آهي.

ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل پنهنجي رپورٽ ۾ پاڪستان کي ڪرپشن جي حوالي سان 40 هون نمبر ڏنو آهي، پاڪستان اڳ 28 ويهين نمبر تي هو. ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي ڪرپشن جي حوالي سان آيل رپورٽ عمران سرڪار جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون آهن، ڇاڪاڻ ته عمران خان ۽ ان جي وزيرن ۽ مشيرن جي اها دعويٰ هئي ته ملڪي تاريخ جي هي واحد حڪومت آهي، جيڪا ڪرپشن کان پاڪ  ۽ صاف شفاف آهي. عمران خان سرڪاري ٽي وي تي قوم سان فون تي رابطي دوران چيو هو ته  زرداري، شريف ڀائر ۽ ٻيا چور نه پر وڏا ڌاڙيل آهن، انهن سان هٿ ملائڻ ملڪ سان غداري آهي، اپوزيشن ليڊر جو رتبو وڌيڪ آهي، شهباز شريف جي اسيمبلي ۾ تقرير جاب ايپليڪيشن ۽ اداڪاري هوندي آهي اهي چور نه پر وڏا ڌاڙيل آهن، انهن ملڪ کي لٽيو ڦريو آهي، احتساب  جي معاملي تي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي، جيڪڏهن ڪئي ته اها ملڪ ۽ قوم سان غداري جي مترادف آهي. بلوچ ۽ ٻين ناراض ڌرين سان ڳالهائڻ لاءِ هو تيار آهي، پر چورن ۽ ڌاڙيلن سان ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون. عمران جي دعويٰ آهي ته ملڪي معيشت مضبوط ٿي آهي، عالمي ادارن ان جي تصديق ڪئي آهي، عالمي بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف ان حوالي سان گهڻو ساراهيو آهي، مهانگائي چئلينج آهي، اهو مسئلو سندس ترجيح  آهي.

ٽرانسپرنسي انٽرنيشل جي رپورٽ اچڻ بعد هاڻي عمران خان جي ان ڳالهه ۾ ڪيترو وزن رهيو آهي، اهو ته هرڪو سمجهي سگهي ٿو. رپورٽ جي اچڻ کانپوءِ اپوزيشن جو بيانيو درست ثابت ٿيو آهي. هاڻي زرداري، شريف ڀائرن ۽ ٻين کي اهو بيان ڏيڻ گهرجي ته موجوده سرڪار وڏي ڪرپٽ آهي، هو عمران خان سان هٿ ملائڻ جي موڊ ۾ ناهن ۽ عمران خان کي اهو چوڻ گهرجي ته سندس حڪومت جيتري ڪرپٽ آهي، ايتري ٻي ڪابه حڪومت ڪرپٽ نه آهي، پوءِ عمران خان کي زرداري، شريف ڀائرن ۽ ٻين سان هٿ ملائڻ جو جلد اعلان ڪرڻ گهرجي. 

ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي ان رپورٽ پاڪستان جي سياست ۾ وڏي هلچل مچائي ڇڏي آهي، ان رپورٽ جو موجوده سرڪار خلاف اچڻ عمران خان جي ساک لاءِ ڏاڍي هاڃيڪار آهي. هاڻي هو ڀلي ڪيتري به ساک ڏين، پر ڪير سندن ڳالهه تي يقين نه ڪندو ته هو به ڪي پاڪ پوتر آهن. ڪم گهڻو اڳتي نڪري ويو آهي، ان رپورٽ اپوزيشن جي تحريڪ کي وڌيڪ سگهارو بڻائي ڇڏيو آهي. گهرو وزير شيخ رشيد ۽ ٻيا وزير ۽ مشير ته چئي رهيا آهن ته حڪومت ڪيڏانهن به نه وڃي رهي آهي، اها موجوده حڪومت جي خوش قسمتي آهي ته اپوزيشن ڪمزور آهي. اپوزيشن وارا ڪهڙي منهن سان اسلام آباد اچي رهيا آهن. عمران خان ڪيڏانهن به نه پيو وڃي، پي ٽي آءِ جي اقتدار سنڀالڻ کان وٺي اپوزيشن عمران خان جي وڃڻ جو ڳالهيون ڪيون هيون، پر مخالف ڌر جا ته رِنگ ۽ پسٽن ختم، پلگ ۾ ڪچرو ۽ انجڻ دونهون ڏيئي رهي آهي.

ٽي ٽي پي وارن به حڪومت سان شرط رکي ڇڏيا آهن، پر گهرو وزير شيخ رشيد انهن جي شرطن کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، حڪومتي موقف اهو آهي ته جيڪڏهن ٽي ٽي پي وارا وڙهندا ته انهن سان جنگ ڪبي. بهرحال صورتحال سنگين ٿي رهي آهي. اڄ هرڪو مهانگائي سبب پريشان آهي، حالتن کان تنگ ماڻهو مختلف پارٽين ڏانهن نهاري رهيا آهن ۽ رڳو سڏ جي انتظار ۾ آهن. سياري ۾ سياسي گرما گرمي چوٽ تي آهي. پي ٽي آءِ سرڪار ته عوام کي رليف ڏيڻ بدران رڳو ڏنڀ ڏنا آهن، پيٽرول، بجلي، گئس ۽ عام واهپي جي شين جون قيمتون آسمان سان ڳالهائي رهيون آهن، عوام موجوده حڪومت مان خوش ناهي. جيڪڏهن مخالف ڌر جي تحريڪ زور ورتو ته ان ۾ گهڻا ماڻهو شامل ٿي ويندا ۽ اقتدار جي ايوانن کي لوڏا اچي سگهن ٿا.

 اها تاريخ رهي آهي ته هر حڪمران ٻئي حڪمران کي ڪرپٽ ۽ مسئلن جو ذميوار قرار ڏنو آهي، اهي الزام رڳو سياسي حڪمرانن هڪٻئي تي هنيا آهن، پر آمرن ڪڏهن به هڪٻئي تي الزام تراشي ناهي ڪئي. ملڪي سياست ۾ گند جو اضافو ٿي ويو آهي، اخلاقيات جو ته جنازو نڪري چڪو آهي، بردباري، برداشت ۽ اخلاق ته پري پري تائين ناهي رهيو، مهانگائي ماڻهن کي ايترو پريشان ڪري ڇڏيو آهي، جو سماج ۾ ڏوهه اڀري پيا آهن، هر ماڻهو جو پنهنجو داستان آهي. بهرحال ٿيندو ڇا هن ملڪ جو؟ اهو ته وقت ٻڌائيندو، پر موجوده حالتن جي اها سرگوشي آهي ته پاڙي ۾ طالبان اقتدار ۾ آهن، ڀارت ته هميشه اسان جو دشمن رهيو آهي، ايران سان به لاڳاپا ڪنهن قدر ٺيڪ ناهن، چين اسان اسان جوForever Friend رهيو آهي، جتان اسان جي ترقي جي رستا نڪرن ٿا.

مارچ ۾ جيڪڏهن لانگ مارچ ٿئي ٿو ته پوءِ خطري جي گهنٽي وڄي ويندي، مولانا فضل الرحمان به ان حوالي سان ڀرپور طاقت ڏيکارڻ جي موڊ ۾ آهي. هو ته عمران خان کي هٽائڻ ۽ پي ٽي آءِ کي ڪالعدم ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي. اسٽيبلشمينٽ به ان حوالي سان گهڻي پريشان آهي ته آخر پي ٽي آءِ حڪومت جو ڇا ٿيندو؟ هوڏانهن ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ وري لانگ مارچ ۽ عوام جو مهانگائي ۽ ٻين مسئلن مان بيزار ٿيڻ موجوده پي ٽي آءِ حڪومت لاءِ وڏو ڏچو پيدا ڪري ڇڏيو آهي. ڏسجي ته مارچ ۾ لانگ مارچ ڪهڙا ٿو رنگ ڏيکاري.