بلاگ

مئريج ايڪٽ تي هڪ نظر! رياض هاشم لاشاري June 2021

24 مئي 2021 تي جماعت اسلامي جي ايم پي اي سيد عبدالرشيد پاران  سنڌ اسيمبلي ۾ هڪ بلThe Sindh Compulsory Marriage Act, 2021 جمع ڪرايو ويو آهي، جنهن موجب 18 سالن جي عمر واري نوجوان کي شادي نه ڪرائيندڙ والدين تي 5 سئو رپيا ڏنڊ رکيو ويندو. پاڪستان تحريڪِ انصاف، جي ڊي اي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي هن بل جي مخالفت ڪئي آهي. اهڙو بل جمع ٿيڻ کانپوءِ 18 سالن جي عمر واري نوجوان جي شادي نه ڪرائڻ تي ڏنڊ وجهڻ واري ڳالهه کي سوشل ميڊيا تي بحث جو هڪ اهم موضوع بڻايو ويو آهي. لاڳاپيل موضوع جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي مخلتف ماڻهو پنهنجن خيالن ۽ سوچن آڌار ڌار ڌار تجزيا ۽ تبصرا ڪري رهيا آهن. ان سلسلي ۾ ڪي چون ٿا ته اهڙو بل مثبت نتيجا ڏيندڙ آهي ته ڪي وري ان خيال جا آهن ته 18 سالن جي نوجوان جي شادي نوڪري کانسواءِ ڪا اهميت نه ٿي رکي. انهن جي خيال ۾ “اڳ ۾ نوڪري، پوءِ ڇوڪري” واري ڪهاوت تي عمل ڪيو وڃي. بهرحال! هر ماڻهوءَ جا الڳ الڳ خيال آهن، جن موجب هرڪو پنهنجي خيال آرائي ڪري ٿو. مطلب ته سڀني کي اظهار جو حق مليل آهي. جنهن جا خيال جيئن آهن، ان کي حق آهي ته انهن خيالن کي اظهاري، پوءِ اهي ڪيتري قدر تسليم ٿيڻ جوڳا آهن يا ڪهڙن دليلن سان رد ڪيا وڃن ٿا، اها الڳ ڳالهه آهي.

پاڻ به ساڳئي ئي موضوع تي پنهنجي خيال آرائي ڪنداسين. سڀ کان پهريان ڏسڻو اهو آهي ته شادي ڪرڻ لاءِ ڪهڙيون گهرجون آهن، جن جي تڪميل کانپوءِ ازدواجي زندگيءَ ۾ قدم رکڻ گهرجي. مان سمجهان ٿو ته شادي ڪرڻ کان اڳ ڪجهه شيون ڌيان ۾ رکجن ۽ انهن شين سان نوجوان کي پرکجي ته آيا هو شاديءَ جي ان معيار تي پورو لهي ٿو يا نه. انهن شين تي ڌيان ڌرڻ کانپوءِ ئي شاديءَ جي حوالي سان رٿابندي ڪجي. ٻي صورت ۾ نتيجا پريشان ڪندڙ ملندا. انهن ڌيان طلب شين مان عمر ۽ معاشي طاقت وڌيڪ غور طلب آهن.

 شاديءَ لاءِ عمر ڪيتري هجي؟:

اسان وٽ عام طور ايئن ٿيندو آهي ته مرد جڏهن 18 سالن کان وڌيڪ عمر جو ٿي ويندو آهي ته پوءِ سندس شادي ڪرائي ويندي آهي. البته ڪجهه اهڙيون ذاتيون به آهن، جيڪي 18 سالن کان گهٽ واري ڇوڪري جي شادي ڪرائين ٿا. اهڙو رواج خاص طور تي بلوچ قبيلن ۾ ڏٺو وڃي ٿو. قانوني طور ڏسجي ته 18 سالن کان گهٽ عمر واري ڇوڪري جي شادي ڪرائڻ ڏوهه آهي. سنڌ ۾ به اڪثر اهڙيون خبرون ملنديون آهن ته فلاڻي شهر ۾ ارڙهن سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن جي شادي ڪرائي وئي. اهڙن واقعن جي جڏهن پڌرائي ٿيندي آهي ته حڪومت سندن والدين خلاف قدم کڻندي آهي، ڇو ته اهو غير قانوني عمل آهي. اسان جڏهن شاديءَ جو ذڪر ڪندا آهيون ته “بالغي” وارو لفظ به خود ذهن ۾ اچي ويندو آهي. مرد جي بالغ ٿيڻ واري عمر جو ذڪر ڪجي ته مرد 18 سالن کان اڳ بالغي حاصل ڪري وٺندو آهي، پر ان عمر ۾ شادي ڪرڻ قانوني طور جائز نه آهي. اسان جو بحث ان ڳالهه تي آهي ته 18 سالن جي عمر شادي لاءِ موزون آهي يا نه. شاديءَ جو عمر سان گهرو تعلق آهي، ڇو ته ٻار جيئن جيئن وڏو ٿيندو ويندو آهي، تيئن سندس سمجهه، عقل، مشاهدي ۽ تجربي ۾ اضافو ايندو ويندو آهي. مطلب ته انسان جي عمر گذرڻ سان گڏ علم ۽ تجربي ۾ به واڌارو اچي وڃي ٿو، جيڪو زندگيءَ جي مختلف موڙن تي ڪم اچي ٿو. اهڙيءَ ريت انسان جڏهن ازدواجي زندگيءَ ۾ اچي ٿو ته کيس ڪيتريون ئي ذميواريون ۽ ڪيترائي گهريلو، سماجي ۽ معاشي معاملا ۽ مسئلا آڏو اچن ٿا، جن سان منهن ڏيڻ لاءِ بهتر حڪمت عملي کان ڪم وٺڻو پوي ٿو. سٺي ۽ گهربل حڪمت عملي تڏهن عمل ۾ ايندي جڏهن کيس سٺو تجربو، مشاهدو، سٺي فيصلا سازيءَ جي سگهه، علم ۽ سمجهه هوندي.

حالانڪه اها ڳالهه مڃي سگهجي ٿي ته انسان جڏهن 18 سالن کي پهچي ٿو ته هو هڪ ذميوار شهري ليکجي ٿو. کيس هر قسم جو علم هجي ٿو ۽ هو زندگيءَ جي مختلف معاملن ۽ مسئلن کي سمجهڻ، ان جو حل ڪڍڻ توڙي فيصلا سازي جي سگهه به رکي ٿو، پر تنهن هوندي به جيڪا ڳالهه وڌيڪ اهم آهي، سا آهي “عملي تجربو.” انسان (خاص طور تي مرد) پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ارڙهن سالن کان ڪندو آهي. کيس پنهنجي گهر جي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻي پوندي آهي، سماجي ڪم ڪارن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي ۽ آمدنيءَ لاءِ ڪو روزگار ڪرڻو پوندو آهي. انهن شين بابت علم ته کيس هوندو آهي، پر عملي طور انهن ۾ قدم هن ئي عمر (18) ۾ رکندو آهي. هاڻي ان نقطي تي غور ڪجي ته جيڪڏهن مرد 18 سالن ۾ شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ٿو ته کيس ڪيترن ئي ذميوارين کي منهن ڏيڻو پئجي وڃي ٿو. ان حالت ۾ جيڪڏهن کيس عملي تجربو نه هوندو ته ظاهري ڳالهه آهي هو ناڪام ٿي ويندو، پر جيڪڏهن هو معاملن کي عملي طرح سمجهي ۽ منهن ڏئي چڪو هوندو ته پوءِ هو ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي پريشانيءَ جي گهيري ۾ نٿو اچي سگهي. عمر جي حوالي سان اها ڳالهه به اهم آهي ته شاگرد 18 سالن جي عمر ۾ عام طور تي انٽر جي تعليم مس پاس ڪري چڪو هوندو آهي. هو جيڪڏهن يونيورسٽيءَ جي ڪا ريگيولر ڊگري وٺڻ جو خواهشمند هوندو ته شادي شده هئڻ ڪري پڙهائيءَ ڏانهن ايترو ڌيان نه ڏئي سگهندو، جيترو هو ڪنوارپ ۾ پڙهائيءَ ۾ مصروف رهندو، جنهن جو سبب اهو آهي جو نوجوان ذهني طور پنهنجي گهر جي معاملن ۾ وڪوڙيل رهندو.

عمر جي انهن ڳالهين جي بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته نوجوان جي شاديءَ وقت عمر گهٽ ۾ گهٽ 20 سال هجي ۽ جيڪڏهن انٽر کان بعد ريگيولر ڊگري ڪري ٿو ته هن لاءِ بهتر رهندو ته ڊگري پوري ڪرڻ کانپوءِ شادي ڪري. جيڪڏهن سنتِ نبوي صلي الله عليه و آلهي وسلم جي حوالي سان ڏسجي ته نبي ڪريم صلي الله عليه و آلهي وسلم جن جي شاديءَ وقت عمر 25 سال هئي.

اقتصادي مسئلو:

ٻي اهم ڳالهه، جيڪا مدِ نظر رکي وڃي، سا اها آهي ته ازدواجي زندگيءَ ۾ پير رکندڙ نوجوان مرد جي اقتصادي حالت ڪهڙي آهي. شاديءَ جي معاملي ۾ غور طلب عنصرن ۾ هي هڪ اهم عنصر آهي، جنهن تي وڌ ۾ وڌ غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڏسجي ته سنڌ ۾ غربت ۽ بيروزگاري  ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي، جنهن سبب هيٺين طبقي جي ماڻهوءَ لاءِ پيٽ پالڻ انتهائي مشڪل ٿيندو پيو وڃي. غربت سبب ماڻهو بُکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، پنهنجو گهر نٿا خريد ڪري سگهن، پنهنجي ٻارن کي تعليم نٿا ڏئي سگهن ۽ نه ئي کين علاج معالجي لاءِ پئسا آهن. ميڊيا ذريعي ڪٿان اها خبر ٿي پهچي ته پيءُ بيروزگاريءَ  مان تنگ اچي خودڪشي ڪئي ته ڪٿان وري اها خبر ٿي ملي ته ماءُ بُک بدحاليءَ جي آزار سَهڻ کان پنهنجن ٻارن سميت پاڻيءَ جي کوههَ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو. اهي حقيقت تي ٻڌل اسان جي روز مره جي زندگيءَ جون ڳالهيون آهن، جن کان ڪنهن به ريت انڪار نٿا ڪري سگهون. اهڙي معاشي تنگيءَ ۾ جيڪڏهن ڪو جوڙو شادي ڪري ٿو ته کيس سواءِ ذهني اذيتن ۽ پريشانيءَ جي ڇا پلئه پوندو؟ منهنجا ڪجهه شادي شده دوست اهڙا آهن، جن کي پنهنجي روزگار جو ڪو وسيلو ڪونهي، پر سندن والدين وٽ زمينون آهن جو انهن کي خرچ پکي لاءِ ٽيڪ ملي ٿي. ان جي برعڪس مون اهڙا ماڻهو به ڏٺا آهن، جن کي پهريان روزگار نه هو، پر شاديءَ کانپوءِ ڪو ڌنڌو شروع ڪري گهر هلائين پيا، پر اهڙا خوشنصيب گهٽ آهن، جن کي شاديءَ کانپوءِ ڪو آمدنيءَ جو ذريعو حاصل ٿيو هجي. عقلمند ۽ دور انديشيءَ وارا نوجوان ته شاديءَ کان پهريان پنهنجي روزگار جي ڳڻتيءَ ۾ هوندا آهن ته جيئن هو اڳتي معاشي هٿ تنگي، مونجهاري ۽ پريشانيءَ کي منهن ڏيڻ کان بچي وڃن. مطلب ته شاديءَ کان اڳ آمدنيءَ جو ڪو ذريعو ضرور هجي.

اڄڪلهه ته اهو رواج ٿي ويو آهي جو رشتو ان نوجوان کي ئي ملي ٿو، جنهن کي ڪو ڪمائيءَ جو ذريعو هجي. هونئن ته شادي ڪرڻ ۾ ته محدود خرچ ٿو اچي، پر اڳتي جيڪو گهريلو خرچ گهربل ٿيندو آهي، ان جو ته ڪاٿو ئي نه آهي، ڇو ته شاديءَ کانپوءِ صرف کاڌ خوراڪ جي ضرورت نه هوندي آهي، پر ان سان گڏوگڏ صحت جا مسئلا ٿيندا آهن، ٻار جي پيدائش دورارن خرچَ لڳندا آهن، ان جي پرورش ڪرڻ، وري ٻار جڏهن وڏو ٿئي ٿو ته ان جون به پنهنجون خواهشيون هونديون آهن، جن کي تڪميل ڏبي آهي ۽ ٻار جي تعليم ۽ تربيت تي ڌيان ڏيڻو پوندو آهي. ان کان علاوه ٻيا گهريلو خرچ ۽ برادريءَ جي خوشي، غمي جا خرچَ به هوندا آهن. مطلب ته ازدواجي زندگي ۾ قدم رکڻ ڪا ٻاراڻي راند نه آهي، پر ڪيتريون ئي ذميواريون عائد ٿين ٿيون، جن جي پوراءُ لاءِ هڪ ته وسيلا هجن، ٻيو وري انهن کي تڪميل تي پهچائڻ لاءِ ذهني صلاحيت ۽ سگهه هجڻ به لازمي آهي. والدين کي گهرجي ته نوجوانن کي شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌڻ کان پهريان مٿي بيان ڪيل ڳالهين تي ضرور غور ڪن ۽ جيڪڏهن اوهان جو نوجوان انهن ڳالهين تي پورو لهندڙ آهي ته پوءِ هو شاديءَ لاءِ تيار آهي، پر اها ضرورت به آهي ته ان ۾ نوجوان (مرد ۽ عورت) جي رضامندي به شامل هجي.

سنڌ اسيمبلي ۾ بل جمع ڪرائيندڙ ايم پي اي سيد عبدالرشيد جو هن بل جي حوالي سان اهو موقف آهي ته اهڙي تجويز معاشري جي ڀلائيءَ لاءِ پيش ڪئي وئي آهي ۽ هن بل جي حمايت ڪندڙ ماڻهو به ان خيال جا آهن ته هي بل معاشري ۾ وڌندڙ جنسي ڏاڍائيءَ جهڙن واقعن تي ضابطي آڻڻ ۾ ڪارائتو ثابت ٿيندو. آئون هن بل جي حمايت ڪندڙن کي بل جي مخالفت ڪندي اهو ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته جنسي واقعن جي ضابطي لاءِ کوڙ سارا رستا آهن، جن تي عمل ڪندي حڪومت مثبت نتيجا ماڻي سگهي ٿي. اهو سمجهڻ جي ضرورت آهي ته 18 سالن جي نوجوان جي شادي ڪرائڻ جيڪڏهن هڪ حوالي سان فائديمند آهي ته ٻئي پاسي ان جا منفي نتيجا وري گهڻا آهن. ڀلا! ٿورو آباديءَ جي حوالي سان هن شيءِ کي سمجهيو ۽ پوءِ پنهنجو پاڻ کان سوال ڪريو ته هي بل مثبت نتيجا خيز آهي يا نقصانڪار. سنڌ جي آبادي گهڻي تيزيءَ سان وڌي رهي آهي ۽ جنهن رفتار سان آبادي وڌي رهي آهي، ساڳئي ئي تناسب سان بيروزگاري وڌي پئي، جنهن ڪري حڪومت کي به ان ڳالهه جي پريشاني آهي ته وڌندڙ بيروزگاريءَ تي ڪيئن ڪنٽرول ڪجي. ظاهري ڳالهه آهي ته جيڪڏهن آبادي وڌندي ته روزگار جا موقعا به گهٽ ٿيندا ۽ نتيجي ۾ غربت ۽ بدحالي به سامهون ايندي، جيڪا اڳي ئي حڪومت لاءِ مٿي جو سور بڻيل آهي.

هڪ منجهائيندڙ سوال اهو آهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ ويٺل ميمبرن ۽ وزيرن کي سنڌ جي عوام جا ٻيا مسئلا ڇو نظر نٿا اچن؟ ڇا انهن کي اها خبر نه آهي ته سنڌ جو عوام تعليم جهڙي بنيادي حق کان محروم آهي؟ اهي وزير ۽ ميمبر تعليم جهڙي بنيادي حق جي حوالي سان آئين جي آرٽيڪل 25 اي تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڇو نٿا سوچين؟ ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته جهڙيءَ طرح اسيمبلي ۾ ارڙهن سالن جي نوجوان جي شادي نه ڪرائيندڙ والدين مٿان ڏنڊ رکڻ وارو بل جمع ڪرايو ويو، اهڙيءَ طرح اهڙو بل جمع ڪرائڻ ۽ پاس ڪرائڻ جي ضرورت هئي ته سنڌ ۾ جيڪي والدين پنهنجي ٻارن کي تعليم جهڙو بنيادي حق ڏيڻ کان محروم رکن ٿا، تن خلاف ڏنڊ رکيو وڃي ها، جنهن تي پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته اهڙو بل انتهائي مفيد ۽ مثبت نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿئي ها. سنڌ جا نوجوان ڊگريون هٿ ۾ کڻي ڌڪا کائيندا وتن ٿا ۽ پاڻ کي باهيون ڏيندا وتن ٿا، اتي نوجوانن جي روزگار لاءِ ڇو نٿو سوچيو وڃي؟ صوبائي اسيمبلي جا ميمبر ۽ وزير جيڪڏهن مٿين ڳالهين ۾ دلچسپي وٺن ته ان تي عمل به ڪري سگهن ٿا، جنهن سان سنڌ جي عوام ۾ خوشحالي پيدا ٿيندي ۽ انهن جو اهڙو عمل قابلِ تعريف پڻ هوندو.