خاص

مئٽرڪ جا امتحان 17 مئي ۽ انٽر جا 1 جون کان وٺڻ جي تجويز.

سنڌ جي تعليم کاتي صوبي ۾ نئين تعليمي سيشن 2022 ۽ مئٽرڪ ۽ انٽر جي امتحانن جي تاريخن جي تعين لاءِ اسٽيئرنگ ڪاميٽي جي گڏجاڻي اڱاري 22 فيبروري تي طلب ڪري ورتي. تعليمي آفيسرن ۽ چيئرمين بورڊ سميت ٻين کي گڏجاڻي جي ايجنڊا موڪلي آھي، جنھن موجب سنڌ ۾ مئٽرڪ جا امتحان اڱارو 17 مئي ۽ انٽر جا امتحان اربع 1 جون کان شروع ڪرڻ جي سفارش ڪئي ويئي آھي. سڄي صوبي ۾ نئين تعليمي سيشن 2022 جي شروعات 1 آگسٽ کان ڪرڻ جي تجويز ڏني ويئي آھي. واضح رھي ته تعليم واري صوبائي وزير سردار شاھ جي صدارت ھيٺ اسٽيئرنگ ڪاميٽي جي گڏجاڻي ۾ 2022 جي تعليمي ڪئلينڊر جي منظوري به  ڏني ويندي، جنھن تحت گرمين جون موڪلون جون ۽ جولاءِ جڏھن ته سياري جون موڪلون 22 ڊسمبر کان 31 ڊسمبر 2022 تائين ٿينديون. نائين ۽ يارھين جماعتن جي داخلائن ۽ مئٽرڪ ۽ انٽر جي نتيجن جي اجرا جي تاريخن جو به تعين ڪيو ويندو. پرائمري کان اٺين جماعت تائين جا امتحان به مئي جي پھرئين ھفتي ۾ رکيا ويا آھن