مادري ٻولين جو عالمي ڏهاڙو ۽ اوڏڪي ٻوليءَ جي صورتحال مير چند اوڏ

ٻولي ھر قوم، قبيلي ۽ برادري جي سڃاڻپ سان گڏوگڏ قوم، قبيلي ۽ برادريءَ جي بقا جو ھڪ خاص ذريعو ھوندي آھي. انسان جي تاريخ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ سان ۽ تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته انسان جي سڀ کان قديم ٻولي اشارن واري ٻولي رهي آهي جيڪا ڪيتريون ئي صديون گذرڻ باوجود اڄ به دنيا جي سمورين قومن، قبيلن ۽ برادرين ۾ پنهنجو وجود رکندي پئي اچي. دنيا ۾ ھن وقت فقط ست ھزار ٻوليون اھڙيون آهن جيڪي لکيون ۽ پڙهيون وڃن ٿيون. يونيسڪو جي 17 نومبر 1991ع ۾ 28 ميمبر ملڪن جي جنرل ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن ملهائڻ جي قرارداد پيش ڪئي وئي، جيڪا گڏيل ۽ متفق راءِ سان منظور ڪئي وئي. سال 2000ع کان وٺي ھر سال فيبروري مھيني جي 21 تاريخ تي مادري ٻولين جو عالمي ڏهاڙو ملهائبو پيو اچي. ھر سال مادري ٻولين جو ڏينهن ملهائڻ جو سبب 21 فيبروري 1952 ۾ ڍاڪا يونيورسٽي، جگن ناٿ يونيورسٽي ۽ ڍاڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن پاران پاڪستان ۾ اردو ٻوليءَ سان گڏ بنگالي ٻوليءَ کي به قومي ٻولي تسليم ڪرائڻ لاءِ احتجاج ڪيو ويو هو، جن تي پوليس سڌي فائرنگ ڪري انهن کي ماري ڇڏيو هو.

مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن طور ملھائڻ جو مقصد مادري ٻولين جي اھميت پيدا ڪرڻ آهي ته جيئن ماڻهو مادري ٻولين ۾ تعليم حاصل ڪري زندگي ۾ سٺو مقام حاصل ڪري سگهن. يونيسڪو جي سروي دوران اھا ڳالھ سامھون آئي آهي ته دنيا جي 40 سيڪڙو ماڻهن جي آبادي کي پنهنجي مادري ٻولي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي سهولت ميسر ناهي.

جڏھن ڪابه ٻولي ختم ٿيندي آهي ته ان سان گڏ ثقافتي روايتون، سوچ جو انداز، اظهار جو ڍنگ ۽ ٻيا ڪيترائي قيمتي ذريعا پڻ ختم ٿي ويندا آهن. ماهرن جي هڪ اندازي مطابق دنيا جي 36 سيڪڙو مادري ٻولين جي ختم ٿيڻ جو خدشو وڌي رهيو آهي. دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڳالهايون ويندڙ ٻولين ۾ چيني، اسپينش، انگريزي، عربي، هندي ۽ بنگالي ٻولي شامل آهن. يونيسڪو جي انگن اکرن مطابق 1950 کان وٺي هن مهل تائين 230 ٻوليون پنهنجو وجود وڃائي چڪيون آهن ۽ انهن ٻولين جا ڳالهائيندڙ هاڻي موجود نه آهن.

اٽلس آف ورلڊ لئنگويج ان ڊينجر دنيا جي 36 سيڪڙو (2498) ٻولين کي پنهنجي بقا قائم رکڻ لاءِ مختلف قسم جا خطرا درپيش آهن. اهڙين ٻولين ۾ 24 سيڪڙو (607) ٻوليون غير محفوظ آهن. اهڙيون ٻوليون فقط ٻار گهر ۾ ڳالهائين ٿا. 25 سيڪڙو (632) ٻولين ۾ ڪافي حد تائين ختم ٿيڻ/مرڻ جو خطرو موجود آهي، اهڙيون ٻوليون جيڪي گهرن ۾ ٻار نٿا سکن. ان کانسواءِ 20 سيڪڙو (562) ٻولين جي خاتمي جو تمام گهڻو خطرو موجود آهي، اهڙيون ٻوليون آهن جن کي ابي ڏاڏي جي ٻولي چئجي ٿو، جيڪا ماءُ ۽ پيءُ ته ڳالهائين ۽ ڄاڻن ٿا، پر ٻار هرگز نٿا ڳالهائين. 21.5 سيڪڙو (538) ٻولين جي مرڻ جو انتهائي شديد خطرو موجود آهي، اهڙيون ٻوليون ڏاڏي ۽ پڙ ڏاڏي کان وٺي باقاعده نٿيون ڳالھايون وڃن. ان کان علاوه اندازي مطابق 10 سيڪڙو (230) ٻولين جو ته بلڪل خاتمو ٿي چڪو آهي.

مادري ٻولين کي خطرو پيش ايندڙن مطابق ٻولين جي حوالي سان پاڪستان دنيا ۾ 28 هين نمبر تي آهي. ٻولين تي آمريڪي تحقيقي اداري ايٿنولاگ مطابق سڀ کان وڌيڪ ڳالهائي ويندڙ ٻولي انگريزي آهي جيڪا 112 ملڪن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي.

سي آءِ اي ورلڊ فيڪٽ بڪ مطابق پاڪستان ۾ 48 سيڪڙو پنجابي، سنڌي 12 سيڪڙو، 10 سيڪڙو سرائيڪي، پشتو 8 سيڪڙو، اردو 8 سيڪڙو، بلوچي 3 سيڪڙو، هندڪو 2 سيڪڙو، براهوي 1 سيڪڙو ۽ جڏهن ته انگريزي سان گڏ ٻيون ننڍيون ننڍيون ٻوليون فقط 8 ڳالهايون وڃن ٿيون. ان کان علاوه دنيا ۾ ڳالهايون ويندڙ 38 سيڪڙو ٻوليون ايشيا ۾ آهن ۽ وري جڏهن ته 30 سيڪڙو ٻوليون آفريقا ۾ آھن.

مادري ٻولي کي زنده رکڻ جي ڪوششن عيوض اديبن ۽ ليکڪن جي حوصلا افزائي طور هن وقت تائين 135 ليکڪن کي ادب جو نوبيل انعام ملي چڪو آهي، جنهن ۾ رابندر ناٿ ٽئگور به شامل آهي.

اوڏڪي ٻوليءَ جي صورتحال:

هندستان ۾ 2017 جي آدمشماري مطابق اوڏڪي ٻولي ڳالهائيندڙن جو تعداد 20 لک آهي جيڪي گجرات، پنجاب، هريانا، نئين دهلي، راجسٿان ۽ ٻين رياستن ۾ ٽڙيل پکڙيل آهن جيڪا مختلف علائقن جي حوالي سان مختلف لهجن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. درجا بندي جي لحاظ کان اوڏڪي ٻولي انڊو يورپي، انڊو ايراني، انڊو آرين ۽ غير ترتيب قرار ڏنل آهي. هي ٻولي مارواڙي، پنجابي، هندي، گجراتي ۽ مراٺي لهجن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. هندستان ۾ اوڏڪي ٻولي ڳالهائيندڙ هندي ٻولي آساني سان پڻ ڳالھائيندا آهن. پاڪستان ۾ اوڏڪي ٻولي ڳالهائڻ وارن اوڏن جو تعداد 67,700 ڄاڻايو ويو آهي. هن ٻوليءَ جي اڪثريت پاڪستان جي صوبي سنڌ ۾ رهائش پذير آهي. جڏهن ته بلوچستان ۽ پنجاب صوبي جي ڏاکڻي حصي ۾ پڻ ڳالهائي وڃي ٿي. ٺيٺ اوڏڪي ٻولي اتر سنڌ جي دادو ضلعي کان شڪارپور تائين جا اوڏ ڳالھائين ٿا، پر تنهن تي به سنڌي ٻوليءَ جو اثر پڻ موجود آهي. اوڏڪي ٻولي ميرپورخاص ڊويزن کان ويندي ٿر تائين به ڳالهائي وڃي ٿي جتي مارواڙي، ڍاٽڪي ۽ باگڙي ٻوليءَ جو تمام گهرو اثر ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اوڏڪي ٻولي مختلف لهجن(Dialects)  ۾ جهڙوڪ: اترادي، ماڙيچا، ٿري ۽ لاڙي لهجن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. جڏھن ته ڪجھ اهڙا به اوڏ موجود آهن جن جي اوڏڪي ٻوليءَ ۾ گجراتي لفظن جي ڀرمار موجود آهي هي اوڏ ميرپورخاص ڊويزن ۾ آباد آهن البته هنن اوڏن جو مخصوص تعداد پڻ موجود آهي جنهن کي گجراتي لهجي جو نالو ڏئي سگهجي ٿو. هن ٻوليءَ تي هڪ مشينري اداري اوڏڪي لئنگويج اينڊ ڪميونٽي ڊولپمينٽ نالي اوڏڪي ٻوليءَ تي ڪم ڪري رهيو آهي جنهن پاران سنڌي رسم الخط ذريعي اوڏڪي ٻوليءَ ۾ ڪتابچن جي صورت ۾ مواد پڻ ڇاپيو ويو آهي. ايٿنولاگ مطابق اوڏڪي ٻوليءَ کي (a 6) ڪيٽيگري ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي جنهن مطابق هي طاقتور ٻولي تسليم ڪئي وئي آهي.

اوڏڪي ٻوليءَ ۾ حرف علتVowel  ۽ حرف صحيحConsonant  جو استعمال:

هر ٻولي مختلف آوازن جي ميلاپ جو نالو آهي جنهن ۾ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ آواز پاڻ ۾ ملي لفظ جوڙين ٿا. ٻوليءَ مان مراد ڳالھائي ويندڙ ٻولي هوندي آهي. دنيا جي هر لکڻي يا تحرير ڪنهن به ٻوليءَ جو فقط اولڙو ئي هوندو آهي. تحرير ۾ استعمال ٿيندڙ نشان، الفابيٽ يا رسم الخط جو ڪوبه تعلق نه آهي. ٻوليءَ کي سائنسي طريقي مطابق آواز جي مطالعي کي صوتيات چئبو آهي. صوتيات جو سنڌو سنئون تعلق فقط انساني آوازن سان آهي، جنهن سان ڪوبه شخص پنهنجو پيغام يا ڳالھ آساني سان ٻين تائين پهچائي سگهي يا بيان ڪري سگهي. هنن آوازن جو تعلق انسان جي مختلف عضون جھڙوڪ: زبان، ڏند، چپ، ڪاڪڙو، نڪ ۽ تارونءَ وغيره سان آهي.

ٻين ٻولين جيان اوڏڪي ٻولي ۾ به ٻن قسمن جا حرف علتVowel  ۽ حرف صحيحConsonant  آهن. اوڏڪي ٻوليءَ ۾ عرف علت جي آواز سان تقريبن ڪو نه ڪو مطلب نڪري ٿو ۽ وري ڪنهن به هڪ حرف صحيح يا هڪ کان وڌيڪ حرف صحيح يا وري هڪ يا ٻن حرف علتن سان ملي بامقصد آواز جو روپ اختيار ڪري ٿو. هي حرف علت ۽ حرف صحيح ڪٿي شروعات ۾، ڪٿي وچ ۾ ته وري ڪٿي آخر ۾ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ڀيرا به استعمال ٿيندا آهن. هيٺ ڏنل چارٽ ۾ حرف علت ۽ حرف صحيح جو درست استعمال(IPA) International Phonetic Alphabet  يعني عالمي صوتي الفابيٽ ذريعي ڏسي سگهجي ٿو.

 

فوٽو لڳندو………………

 

اوڏڪي ٻوليءَ ۾ ڪيترين ئي ٻين وڏين ٻولين جا لفظ داخل ٿي چڪا آهن ۽ اهو هڪ قدرتي نظام آهي جنهن کي روڪڻ ممڪن ناهي، پر ٻوليءَ کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ڪنهن حد تائين اوڏن کي جاکوڙ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن اوڏڪي ٻولي ۾ ادب ۽ ڪتاب تخليق ڪيا ويندا ته صدين تائين اوڏڪي ٻولي ۽ اوڏڪي ٻوليءَ جي ڳالھائيندڙن جي ثقافت، رسم و رواج، روايتون، سڃاڻپ ۽ تاريخ پنهنجي اصلوڪي حالت ۾ محفوظ رهي سگهي ٿي.

 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments