مارچ ۾ لانگ مارچ ٿيندو، هر صورت اسلام آباد وينداسين: بلاول ڀٽو
حيدرآباد ۾ پي ڊي ايم جي جلسي کي خطاب ڪندي هن جو چوڻ هو ته غريب دشمن حڪومت جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي، هي اهوئي عمران خان آهي جنهن هڪ ڪروڙ نوڪريون، 50 لک گهر ٺاهڻ ۽ قرض نه وٺڻ جو واعدو ڪيو هو، چوندو هو ته آءِ ايم ايف کان خيرات وٺڻ کان پهرين خودڪشي ڪري ڇڏيندس پر 3 سالن ۾ تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ قرض ورتو ويو. بلاول ڀٽو چيو ته عمران خان هر پاڪستاني کي مقروض بڻائي ڇڏيو آهي. اڄ پاڪستان جو گروٿ ريٽ افغانستان ۽ بنگلاديش کان پوئتي آهي، خطي ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگائي پاڪستان ۾ آهي. هن جو چوڻ هو ته ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل موجب پاڪستان ۾ تاريخي ڪرپشن ٿي رهي آهي، پر ان کي بي آر ٽي ۽ بلين ٽري سونامي منصوبن ۾ ڪرپشن تي ڪير به نه پُڇي. پيپلزپارٽي چيئرمين جو چوڻ هو ته نااهل وزيراعظم معيشت کي تباهه ڪري ۽ جمهوريت جو جنازو ڪڍي ڇڏيو آهي. اسان ڪيستائين تجربا برداشت ڪندا رهنداسين. انهن کي سينيٽ چونڊن ۾ پنهنجي شڪست نظر اچي رهي آهي. هن جو چوڻ هو ته اسان طاقت جو سرچشمو عوام کي بڻايو آهي. ناجائز ۽ نالائق حڪومت کي ڀڄائي عوامي حڪومت بڻائينداسين جيڪا معاشي ۽ جمهوري حقن جو تحفظ ڪندي.