بلاگ

مالماڙيءَ جو ايڌي ۽ سماج سڌارڪ حافظ محمد جوکيو، جيڪو صدين تائين ياد رهندو! سنڌو سنڌي مالماڙي December 2021

علم اڄ آئون جنھن شخص تي لکي رھي آھيان، ان مرد قلندر کي ڪوھستان جو ٻچو ٻچو چڱيءَ ريت سڃاڻي ٿو. کيس مالماڙيءَ کان ملير جي ڪُنڊ ڪڙڇ تائين، دنيا ۾ حافظ محمد بن خان محمد جوکيو جي نالي سان ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو. ڪاري جبل جي ڪڇ ۾ نرالي وادي مالماڙيءَ جي قديم ۽ ڏُٿ سان ڀرپور جبلن وانگر، ھتي جي ماروئڙن لاءِ ڇَپَر ۽ ڇانو رھندڙ، سادي طبيعت ۽ اعليٰ اخلاق جو مالڪ حافظ محمد، عاجزيءَ وارو ڪسٽم آفيسر ھو، جنھن مالماڙيءَ جي جانواڻي پاڙي ۾ خان محمد جوکيو بن سکيو اول جي گھر ۾ 13 ڊسمبر 1958ع تي جنم ورتو. ھو بنيادي تعليم لاءِ جيئن ئي مالماڙيءَ جي سرڪاري پرائمري اسڪول ۾ داخلا لاءِ ويو ته چند ئي مھينن ۾ ڪراچي گوليمار لڳ رھندڙ ڪوھستان جي برک ۽ عظيم ليکڪ استاد عبدالعزيز جوکيو کيس مالماڙيءَ مان وٺي پاڻ وٽ رھائي پڙھايو. اھڙيءَ ريت حافظ محمد جوکيو بورڊ آف سيڪنڊري ايجوڪيشن ڪراچيءَ مان 1976ع ۾ مئٽرڪ سائنس ۾ 900 مان 616 (68%) مارڪون کڻي، فرسٽ ڊويزن حاصل ڪئي. ھي مالماڙيءَ جو پھريون ڇوڪرو ھو، جنھن سنڌ مسلم سائنس گورنمينٽ ڪاليج ڪراچي (بورڊ آف انٽرميڊئيٽ ايجوڪيشن ڪراچيءَ) مان پري ميڊيڪل ۾ انٽر سائنس ڪئي. جنھن کانپوءِ ھو ڪراچيءَ ۾ ڪجھ وقت پرائمري اسڪول ٽيچر مقرر ٿيو ۽ سنڌي ٻولي پڻ پڙھايائين. ان کانپوءِ ھن آدم جي گورنمينٽ سائنس ڪاليج ۾ بيچلر آف سائنس ۾ داخلا ورتي ۽ 1982ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مانBSc  جي سند حاصل ڪري، پاڪستان ڪسٽم ۾ نوڪري ورتائين، جتان ترقي ڪري ويليو ايشن آفيسر جي عھدي تائين پھتو ھو.

مالماڙيءَ ۾ علمي ادبي فيض جو سرچشمو مڃيو ويندڙ عظيم ماھر استاد عبدالعزيز جوکيو، سندس سڳو چاچو ھو. جنھن ھڪ پيءُ وانگر سندس تربيت ڪئي ۽ پنھنجي وڏي نياڻي بلقيس عزيز جوکيو سان شادي ڪرائي. علم، اخلاق، دولت، سچائي سان سرشار ڪامياب انسان حافظ محمد ۽ سندس اھليه محترمه بلقيس عزيز جوکيو جھڙيءَ ريت ھڪٻئي سان ھلي، سُٺي روايتن جي شروعات ڪئي، ان کي ھتان جي ڳچ ماڻھن اختيار ڪيو. انھن پنھنجن ٻچن جي تعليم ۽ تربيت جو جھڙيءَ ريت خوب خيال رکيو، ان جا مثال ڪوھستان ۾ تمام گھٽ ملن ٿا. وڏي نياڻي طاھره کي ڊاڪٽر جي سند حاصل ڪرائي، ڊاڪٽر محمد شعبان جوکيو سان پرڻايائون، جيڪي اڄڪلھ نيوزيلينڊ ۾ مستقل طور رھن پيا. ننڍي نياڻي ڊاڪٽر سسئي کي ڊاڪٽر شاھد سان پرڻايائون، جيڪي ھن وقت پشاور ۾ رھن ٿا. وڏي فرزند فيصل عزيز جوکيو کي مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشوري مان ڪمپيوٽر سسٽمز انجنيئرنگ ۾ بيچلر، جڏھن ته ننڍي فرزند شعيب عزيز جوکيو اقرا يونيورسٽي ڪراچيءَ مان ميڊيا سائنس ۾ گريجوئيشن ڪئي. سندن سڀ اولاد الحمدالله شادي شده ۽ خود به صاحب اولاد آھن. وڏي ڳالھ ته پاڻ پنھنجي اولاد جون شاديون، اسلامي شريعت مطابق، اولاد جي مرضيءَ سان ڪرايائون، جيڪا ڪوھستان ۾ ھڪ نئين شعور جي شروعات آھي.

حافظ محمد جوکيو جي زندگيءَ ۾ عجيب واقعو تڏھن پيش آيو، جڏھن سندس گلاب جي گُل جھڙي معصوم نياڻي شگفته اللہ سائين کي پياري ٿي وئي، جيڪا سندس ٻيو نمبر وڏي نياڻي ھئي. شگفته بلڪل عادتن ۾ پنھنجي والد جھڙي، سونھن، سيرت ادب، اخلاق ۽ چھري ۾ پڻ والد سان ملندڙ ھئي. جڏھن به مالماڙي ڪوھستان ۾ رھڻ ايندا ھئا ته ڪوھستان جي ھر ٻچي ٻار، ننڍي توڙي وڏي سان ھوءَ گلاب جي گُل وانگر مسڪرائي ملندي ھئي. مون کي ياد آھي ته ننڍڙي شگفته ڪرڪيٽ ڏاڍو شوق سان کيڏندي ھئي. آئون ۽ سندس ڀينرون ڊاڪٽر طاھرہ، ڊاڪٽر سسئي ۽ ٻيون سئوٽ وغيرہ سڀ گڏجي راند کيڏنديون ھيوسين. ھوءَ ڪوھستان جي ننڍن جبلن جي ٽڪرين جھڙوڪ: لڪي، نونڌ، تلاءَ بُٺي وغيره تي به ڪنھن چاڙھوءَ جيان چڙھي ويندي ھئي. جڏھن ڪوھستان منجھ برسات جو وسڪارو ٿيندو ھو ته ھتي جا جبل، سائي سيڄ جيان ساوڪ سان دلڪش ٿي ويندا ھئا ته حافظ محمد سڄي فيملي سان گڏ ھتي ايندو ھو. شگفته سان اسان سڀ گڏجي پاڻيءَ ڀرڻ اسان جي پَڙَ ڏاڏن جي ٺھرايل جانواڻي تلاءُ تي وينديون ھيوسين، جتي اتي ڳوٺ جون ٻيون مائرون به پاڻي ڀرڻ اينديون ھيون. شگفته شوق ۽ چاھ سان سندس ڪئميرا (1990ع جي ڏھاڪي جي شروع ۾ رول واري ھوندي ھئي) منجھ تصويرون ڪڍندي ھئي، جيڪي به تلاءُ تي ننڍيون وڏيون عورتون، پاڻيءَ جي گھڙن سان موجود ھونديون ھيون تن سان سندس قرب ڀري ڪچھري ٿيندي رھندي ھئي. شگفته تمام گھڻو ڏاھي، عقلمند ۽ ھوشيار ڇوڪري ھئي. ھوءَ ڪنھن کي سڃاڻندي ھئي يا نه پر سڀني سان ھڪ جھڙي پيار ۽ محبت سان پيش ايندي ھئي. سندس ڪپڙن جا شوق به شاھي ھئا. شگفته جي والدين ۽ سندس نانا عبدالعزيز جوکيو (اول) ۽ عظيم ناني عائشه، پنھنجن سڀني نياڻين وانگر، ھن کي به ھڪ پُٽ جيان پالي وڏو ڪيو ھو. اھوئي سبب آھي جو ھوءَ بنا فرق جي ڇوڪرن واري ڊريس به پسند ڪندي ھئي. ڳچ ڀيرا ھوءَ ڪوھستان ۾ قميص، شلوار ۽ ڳاڙھي سنڌي ٽوپي، اجرڪ سان جرڪندي نظر ايندي ھئي. ڪراچيءَ ۾ پڙھندي، اسڪول دوران، سندس طبيعت ٿورو ناچاڪ ٿي پئي. حافظ محمد جھڙو عظيم والد ھئس، بلقيس بانوءَ جھڙي عظيم امڙ جي ڌيءَ شگفته جو مائٽن وڏو خيال رکيو ۽ مھانگو علاج ڪرايو ۽ وڏا وس ڪيا. سندس امڙ بلقيس عزيز ته ايتري قدر جو پنھنجو گڙدو به ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وئي ھئي، پر چوڏھينءَ جي چند جھڙي، گلن کان وڌ سونھن ڀري، شگفته سان زندگيءَ وفا نه ڪئي ۽ دنيا وارن کان وڌيڪ ھوءَ جلد الله سائينءَ کي پياري ٿي وئي. جنھن جي ڏُک سڄي ڪوھستان واسين جا جيءَ جھوري ڇڏيا. سندس ماءُ ۽ پيءُ ان صدمي ۾ بيحد پريشان ٿي ويا.

حافظ محمد جوکيو تي پنھنجي ان نياڻيءَ جي ڏک بعد عجيب ڪيفيت طاري ھوندي ھئي. زمين تي سمھڻ، سادو کائڻ، ڪوھستان سان اڳ کان وڌ دل لڳائڻ سندس طبيعت ۾ شامل ٿي ويا ۽ جتي به ويندو ھو ته اتي جي غريبن تي بي حساب خرچ ڪري، پنھنجي نياڻي لاءِ نيڻن منجھان نير وھائيندو ھو. ڪافي چڪر، جڏھن مون کيس ڏٺو ته ھو قرآن پاڪ جي تلاوت ٻڌي، اللہ کي ٻاڏائيندو ھو ۽ سندس لڙڪ لارون ٿي ڪِرندي ڏٺم. عابده پروين جي صوفي ڪلام کي پڻ ٻڌڻ سان سندس ڪيفيت تبديل ٿي ويندي ھئي. شگفته کانپوءِ حافظ محمد ھر نياڻيءَ ۾ پنھنجي ڌيءَ شگفته کي ڳوليندو ھو ۽ سڀني نياڻين جي مٿي تي ھٿ رکي، انھن جي وڏي عزت ڪندو ھو. سندس طبيعت ۾ ڏينھون ڏينھن عاجزي ۽ انڪساري وڌندي وئي.

حافظ محمد جوکيو جي ديده زيب شخصيت جي ھڪ سڃاڻپ سندس ڪاري جبل جيڏا سماجي ڪم پڻ آھن، جيڪي تاريخ ۾ يقينن امر رھندا. ھن ڪوھستان جي پنجن نسلن کان اڃايل مڪان مالماڙيءَ جي مالوند ماروئڙن لاءِ پيئڻ جي پاڻي جا انيڪ انتظام ڪيا ۽ واٽر بور لڳرائي ڏنا. مالماڙيءَ جي تاريخي جامع مسجد جيڪا مرمت جوڳي ھئي، ان کي مڪمل طور شھيد ڪري، اتي ئي ساڳئي ۽ سُٺي نموني تاريخي مسجد ٺھرائڻ يقينن ھڪ اجر جو ڪم آھي. وڏي ڳالھ ته ڪٿي به ھن پنھنجي پاڻ نيڪي نه ڪرائي، پر جيڪو به چوندو ھو ته اھا مسجد حافظ محمد ٺھرائي آھي ته ھو کيس منع ڪندو ھو. ان جامع مسجد جي ڀرسان ئي پاڻيءَ جو بور لڳل آھي، ماڻھو نماز پڙھي واپسيءَ مھل پاڻي ڀريو ويندا آھن. اوڏي مھل منظر ڏسڻ جھڙا ھوندا آھن، جڏھن صبح، سانجھي، ھتي جا ماڻھو پاڻي ڀريندي، پنھنجي چھري تي مرڪ سجائيندا آھن ۽ حوض مان ڳيرا ۽ بلبل پاڻي پيئندا آھن.

حافظ محمد کي ڪوھستان جو ايڌي لکيو اٿم، جيڪو لقب سندس لاءِ بلڪل ٺھڪي اچي ٿو. ڪوھستان جو جيڪو به ماڻھو بيمار ٿيندو ھو ته ان وٽ ھلي ڪري، وڃڻ سندس عادت ھئي. ڪيترن ئي بيمارن جا خوب پنھنجي خرچ مان علاج ڪرائي، کين تندرست ٿيڻ تائين مڪمل مدد ڪندو ھو. جيڪڏھن ڪنھن شخص جي زندگي پوري ٿي ختم ٿي ويندي ھئي ته ان جو غسل، ڪفن، دفن پاڻ ڪرائيندو ھو. يتيم ٻارن جي مٿي تي پيار شفقت ڀريو ھٿ رکي، جڏھن کين آٿت ڏيندو ھو ته ان مھل منظر جذباتي ٿي ويندو ھو ۽ يتيم ٻار سان گڏ سندس اکين مان به اشڪ جاري ٿي ويندا ھئا.

حافظ محمد جڏھن به مالماڙي ڪوھستان جي واديءَ مان گذرندو ھو ته رستي ۾ ھلندڙ مالوند ماروئڙن کي اللہ جي راھ ۾ ڪجھ نه ڪجھ ڏيئي ڇڏيندو ھو. مالماڙي پھچندو ھو ته ڳوٺ وارن کي خبر پوندي ھئي يا سندس گاڏي ڏسي ڳوٺ وارا ويچارا سڀ اچي چوڌاري گڏ ٿي ويندا ھئا. سڀني کي نوان نوٽ خرچيون ڏيندو ھو. ايتري قدر جو پنھنجا کيسا خالي ڪري ورندو ھو ۽ ڪراچيءَ ۾ شام جو محنت مزدوري ڪري وري پنھنجن ٻچن سان گڏوگڏ ڪوھستان وارن لاءِ ڏوڪڙ گڏ ڪندو ھو. ھو غريب توڙي امير ڇوڪرين يا ڇوڪرن کي شادي ڏاج طور تحفا ڏيندو ھو. غريبن سان گڏ اميرن ۽ وچولي طبقي جي نياڻين کي به تحفا ڏيندو ھو، جيئن غريبن کي احساس ڪمتري يا شرم محسوس نه ٿئي. سنڌ ۽ سنڌ واسين سان حافظ محمد جي مثالي محبت ھئي، ڪراچيءَ ۾ انيڪ سنڌين کي روزگار، سرڪاري توڙي نجي نوڪري، ڪاروبار وغيره ۾ مدد ڪيائين. اھڙا انيڪ مثال ملندا جيڪي اڄ جيڪي ڪجھ به آھن، اھو صرف ۽ صرف حافظ محمد جي رھنمائي، رھبري، تربيت، مدد ۽ قربانيءَ جي ڪري آھن. اھوئي سبب آھي جو ھن جڏھن سنڌين جي مدد ڪئي ته سندس ڪاروبار ۾ ويتر اضافو ٿيندو ويو ۽ برڪت پئي.

سندس مذھبي خيال امن پسند ھئا ۽ صوفي فڪر سان سندس گھرو لڳائو ھوندو ھو. مالماڙيءَ ۾ جڏھن به انتشار ڦھليو ته ان کي پنھنجي عقل ۽ دانش سان، ڳوٺ جي معززن جي موجودگيءَ ۾ بھترين طريقي سان حل ڪندو ھو. جيڪا ڳالھ سندس پھچ کان پري هوندي ھئي، ان کان پري رھڻ پسند ڪندو ھو. جڏھن به مالماڙي، ڪوھستان جو ڪو ماڻھو حج يا عمرو ڪرڻ ويندو ھو ته حافظ محمد کيس ايئرپورٽ اندر وڃي بورڊنگ لاجنگ، سامان جي اسڪيننگ ۾ مدد ڪندو ھو. ڇو ته سندس ڊيوٽي پاڪستان ڪسٽم ۾ ھئي. سندس ان قانوني مدد جي ڪري ڪيترائي ڪوھستاني سنڌي خوش ٿيندا ھئا. نه صرف مالماڙيءَ وارا، پر وڏا وڏا امير ڄام آف ملير ۽ رئيس جھڙا معزز شخص، استاد، صحافي، سياستدان، قلمڪار، مورخ، عالم ۽ آفيسر سندس وڏي عزت ڪندا ھئا. ڀٽو خاندان سان سياسي طور محبت ڪندڙ ھن عظيم ڪردار ھر وقت ٻھراڙيءَ لاءِ فڪرمند ٿي، خود وڏيون محنتون ڪيون. سندس ملاقات بيگم نصرت ڀٽو سان به ٿي. پاڻ ڪوھستان جي انھن چند شخصيتن مان ھڪ ھو، جنھن ڪراچيءَ ۾ ٿيل محترمه بينظير ڀٽو جي شاديءَ ۾ به شرڪت ڪئي ھئي.

برابريءَ جي بنياد تي، حق سچ ۽ انصاف جي رستي تي ھلندڙ ھن مرد مجاھد جي فڪري توڙي علمي تربيت مالماڙي جي عظيم ليکڪ سائين عبدالعزيز جوکئي ڪئي ھئي، جڏھن ته سائين عبدالعزيز ۽ حافظ محمد جو والد خان بخش جي وفات کانپوءِ پاڻ پنھنجي وڏي ڀاءُ حاجي محمد جوکيو کي پيءُ وانگر عزت ڏيندو ھو ۽ ساڻس وڏي محبت ڪندو ھو.

سندس ٽھڪ ڪاري جبل جي چشمن وانگر مٺا ھئا، جيڪو ھڪ ڀيرو کيس ٻڌندو ھو، ان کي ايئن لڳندو ھو ته ڪوھستان ۾ ڄڻ سانوڻي جي مند آئي آھي. حافظ محمد منھنجو سڳو چاچو ھو، جنھن منھنجي والد صاحب جي وڇوڙي کانپوءِ 2013ع ۾ منھنجي مٿي تي ھٿ رکي مون کي پيار ڪري چيو ھو ته ”پريشان نه ٿي امان، آئون تنھنجو چاچو ته آھيان ئي، پر پيءُ به آھيان“! سندس اھي لفظ ٻڌي آئون کيس ڀاڪر ڀري رني ھئس ته پاڻ به روئي سڏڪا ڀري مون کي آٿت ڏيندو رھيو. مون ان کانپوءِ کيس سدائين ”چاچا بابا“ ئي چيو. ڏاڏا عبدالعزيز جوکيو جي گھرواري ڏاڏي عائشه جي وفات کانپوءِ چاچا حافظ محمد پنھنجي وني ۽ وڏي نياڻي ڊاڪٽر طاھره کي وٺي، جنگشاھي قبرستان وڃڻ مھل، واٽ تان منھنجي گھر آيا ته جسارت جي ڪمري ۾ ويٺاسين. ان مھل سندس اکين ۾ لڙڪ ھئا ۽ مون سان ايڏي شفقت ڪيائون جو اھو منظر ھرگز نه وسرندو. ان عظيم انسان جو ھڪ ھڪ لمحو اسان لاءِ ڇپر ۽ ڇانو وانگر ھو. پاڻ ھڪ حج ۽ عمرو به ڪيائين. جڏھن ته سموري اولاد کي پرڻائي، نياڻين جو بار لاٿائين. ھڪ ڏينھن بنا ڪنھن وڏي بيماري جي اوچتو اللہ جو ذڪر ڪندي 25 نومبر 2017ع تي 58 سالن جي عمر ۾ سوين مسڪين ماروئڙن کي اڪيلو ڪري، مالماڙيءَ جو ھي عظيم انسان، نيٺ اللہ سائين کي پيارو ٿي ويو!! جنگشاھي قبرستان ۾ ھن نيڪ مرد کي، سنڌ امڙ جي ھنج ۾ سمھاريو ويو!

سندس محبتن جي ڪھڙي ڳالھ ڪريان؟ آئون سندس ڀائيٽي ڌيءَ آھيان، اھا الڳ ڳالھ آھي، پر ھن املھ انسان تي مالماڙيءَ جو ھر ننڍو وڏو، ٻچو ٻار، مرد عورت، امير غريب، عالم اديب توڙي مولوي ۽ مقرر، مطلب ھر ھڪ ماڻھو فخر ڪري ٿو ته مالماڙيءَ جي ڌرتيءَ جن املھ انسانن کي جنم ڏنو، انھن مان ھن مرد مجاھد جھڙو جوان شايد ورلي ڪو پئدا ٿئي! جنھن مختصر زندگيءَ ۾ ايڏو عمل توڙي عزت ڪمائي جيڪا ماڻھن کي سئو سالن ۾ به نٿي ملي سگھي!! کيس سنڌ جي آفاقي شاعر مرشد عبداللطيف جو شعر ارپيندس:

ماڻھو سڀ نه سھڻا، پکي سڀ نه ھنج،

ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجھ، اچي بوءَ بھار جي.