مانجهند ويجهو خوفناڪ حادثو، 11 ڄڻا اجل جو شڪار، 14 ڄڻا زخمي
مانجهند ويجهو انڊس هاءِ وي تي خوفناڪ حادثو، 11 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا ۽ 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا. بهاولپور کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ جو سامهون ايندڙ ٽرالر سان زوردار ٽڪر ٿي پيو، خوفناڪ ٽڪر سبب ڪوچ کي باهه وڪوڙي وئي، نتيجي ۾ ٽن عورتن ۽ ٻن ٻارن سميت 11 ڄڻا فوت ٿي ويا، 14 زخمي ٿي پيا. فوتين ۾ ٻن ورهين جي خديجه، ثمر عباس، مختيار ۽ ذوالقرنين شامل آهن، ٻين جي اڃان سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.