محبت، جنگ ۽ واپسي نيلم احمد بشير خواجه غلام علي کوساڻي
وڌنڌڙ عمر جي تقاضا مطابق جڏهن منهنجا ٻئي گوڏا حد کان وڌيڪ تڪليف ڏيڻ لڳا، تڏهن مون ۽ منهنجن ٻارن گڏجي اهو فيصلو ڪيو ته انهن کي بدلائجي. پهرين گوڏي جي تبديليءَ جي سلسلي ۾ آئون آمريڪا جي شهر بالٽي مور ۾ هئس. تنهنڪري اتي جي هڪ مشهور ۽ معروف هڏين جي سرجن کان اپائنمينٽ ورتي ۽ دل ئي دل ۾ همت ڪيم ڇو ته ڊپ ته ٿي رهيو هو. هي ڊاڪٽر ”سود“ انڊين هو، ڳالهه ٻولهه ۽ انداز مان خبر ٿي پئي ته آمريڪا ۾ ئي پيدا ٿيو ۽ پلجي وڏو ٿيو. ڪافي خشڪ مزاج ۽ رکو ماڻهو هو، پر مون کي ته آپريشن ئي ڪرائڻو هو، ان لاءِ ان ڳالهه کي نظر انداز ڪري علاج تي توجهه ڏنم. سچ ته اهو آهي جو ڊاڪٽر سود گهٽ عمر هوندي به بيحد مهارت سان منهنجو آپريشن ڪيو ۽ مون کي توقع کان به تمام گهٽ تڪليف ٿي. غالبن انهيءَ جو سور جي مئنيجمينٽ جو انتظام سٺو هو، پر ٻئي گوڏي جي آپريشن دوران تجربو ڪجهه مختلف هو.
ٻي گوڏي جو آپريشن Ohio اسٽيٽ جي هڪ پاڪستاني ڊاڪٽر ڪيو جيڪو بيحد شفيق ۽ نرم طبيعت هو. هو عمر ۾ وڏو هو، پر شهر ۾ سٺي سرجن طور مشهور ۽ قابل سمجهيو ويندو هو. ڊاڪٽر سود جي نسبت مون سان اردو ۾ ڳالهائي ۽ ڌيان سان ڳالهه ٻڌڻ ۽ مون کي ڀيڻ چيائين ٿي ته مون کي ڪجهه سٺو ۽ عجيب به محسوس ٿيو پئي. ڇو ته آمريڪا ۾ پروفيشنل لائف (عملي زندگيءَ ۾) ڪنهن کي ڀيڻ، آنٽي، ماسي، انڪل، چاچا ڪونه چيو ويندو آهي، بلڪه نالو ئي کڻبو آهي. ٻيو آپريشن به خير خوبي سان مڪمل ٿيو ۽ رب جا شڪر ادا ڪيم. مگر ايمان جي ڳالهه اها آهي ته ڊاڪٽر سود جي آپريشن کانپوءِ مون کي ايڏي تڪليف ڪانه ٿي، جيتري پاڪستاني سرجن جي آپريشن کانپوءِ ٿي هئي. اهو خيال به ڪجهه مزيدار هو ته هاڻ منهنجي جسم ۾ هند و پاڪ ٻئي گڏجي ويا آهن. اڄ منهنجي هڪ ٽنگ پاڪستاني ته هڪ هندستاني آهي. حقيقت ۾ هند و پاڪ جي اهڙي يڪجهتي جو آسرو ته گهٽ آهي، پر منهنجي عضون اها ڪرامت ڪري ڏيکاري آهي. اڄ مان فخر سان چئي سگهان ٿي ته مون ۾ هند و پاڪ جي دوستي، دشمني، کٽاڻ، مٺاڻ، لڙائي، صلح، اختلاف، مفاهمت، چال چلت سڀ ڪجهه سمائجي سگهي ٿو. يعني هاڻ منهنجو جسم اهو برصغير آهي جنهن جي صرف خواهش ئي ڪري سگهجي ٿي. ان ۾ هندستان پاڪستان برابري سان قدم سان قدم ملائي هلي رهيا آهن. اصل ۾ ايئن ٿي پوي ته برصغير جا ماڻهو ڪيتري سکي زندگي گذاري سگهن. هي خطو امن و شانتي جو گهوارو، محبت جي سر زمين بڻجي پوي، پر اهو ته ڪو خواب ئي ٿو لڳي ۽ شايد هند و پاڪ جي رهنمائن اهو طئي ڪري ڇڏيو آهي ته اسان قيامت تائين ڪڏهن به هڪٻئي سان قدم سان قدم ملائي ڪونه هلنداسين بلڪه هڪٻئي جا گوڏا سر زمين تي کوڙائي پوءِ ڇڏينداسين. شايد هن خطي جي نصيب ۾ امن چين لکيل ئي ڪونهي.
آپريشن کانپوءِ اسپتال جو قيام صرف ٻن ڏينهن جو هو. ٻنهي شهرن جي اسپتالن جي اعليٰ نظام، اسٽاف جي توجهه ۽ سنڀال جي ڪري تمام جلد ريڪوري (بهتري) ڏانهن وڌڻ. معمول مطابق گوڏن جي آپريشن کانپوءِ ٻئي ڏينهن مون کي اٿاري بيهاريو ويو ۽ هلڻ جي مشق ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏي. آئون واڪر سان چند قدم کڻي ۽ پوءِ وري همت ڪري وڌيڪ هلڻ جي ڪوشش ڪندي هئس. آپريشن کانپوءِ سنڌن کي روان رکڻ لاءِ اهو ضروري هو ٻن ڏينهن کانپوءِ مون کي موڪل ملي. جيئن ته آمريڪا ۾ اولڊ هومز ۾ تمام سٺا فزيو ٿراپي جا پروگرام هوندا آهن، ان ڪري مون ۽ ٻارن گڏجي اهو فيصلو ڪيو ته مون کي اولڊ هوم ۾ داخل ٿيڻ گهرجي، جتي باقائدي مناسب ورزشون ڪري سگهان ۽ جلدي ٺيڪ ٿي وڃان. آمريڪا ۾ اولڊ هومز پوڙهن جي رهائش ۽ ٻين مريضن جي بحالي جي لاءِ تمام اهم ڪردار ادا ڪندا آهن.
آمريڪي فيمليز ۾ گهر جا تقريبن سڀ فرد ڪم ڪندا آهن ۽ معيشت ۾ پنهنجو حصو شامل ڪندا آهن. تنهنڪري گهر تي پوڙهن بزرگن جي سار سنڀال لهڻ وارو ڪوبه نه هوندو آهي. ان حالت ۾ اولڊ هائوس ئي اهڙا ادارا آهن جيڪي بزرگن کي سنڀاليندا آهن. انهن جون سڀ ضرورتون پوريون ڪندا آهن. کاڌو پيتو، اٿڻ ويهڻ، طبي سنڀال مطلب ته هر شيءِ جو انتظام هوندو آهي. اهڙيءَ طرح پوڙها گهر ڀاتي نظر انداز ڪونه ٿيندا آهن. مان ٻيو ڀيرو جنهن اولڊ هوم ۾ داخل ٿيس اهو خوبصورت، صاف سٿرو ۽ معيار ۾ ڪنهن پنج ستاره هوٽل کان گهٽ ڪونه هو. ويڪرا ڪمرا صاف شفاف باٿ روم، ڊگها ڊگها ڪاريڊور، پر رونق وڏا وڏا ڊائننگ هال، سڀ ڪجهه بيحد دلڪش هو. مگر ماحول ۾ اداسي، اڪيلائي ۽ ويراني هئي جيڪا هر اولڊ هوم مٿان هڪ بد روح مثل ڇانيل محسوس ٿيندي آهي. هتي رهندڙ پوڙها بيمار، لاچار، بيزار، مايوس ماڻهو ڏسي منهنجو من ڪڙهڻ لڳو، پر هتي رهڻ مجبوري ۽ ضروري هو، علاج کانسواءِ منهنجو نئون گوڏو ڪارآمد ڪونه ٿي سگهي ها، پوڙهن کي بيوس لاچار ڏسي مون کي ڏاڍو ڏک ٿيندو هو. جنهن به رهائشي ٻڍي يا پوڙهي سان مل ته اهي اهو ئي چوندا ته اسان کي پنهنجو گهر ڏاڍو ياد ٿو اچي. هنن جي اندر ۾ بس اها ئي آرزو ڦٿڪندي ڏٺي ته ڪنهن طرح پنهنجي گهر وڃن. مون انهن جون ڳالهيون ٻڌي سوچيو، آخر هنن کي پنهنجي گهر وڃي ڪرڻو ڇا آهي؟ نه ڪير ماني تيار ڪري نه ڪير کارائي نه ٿانو ڌوئجن نه ڪير سار سنڀال وارو، پر جيئن ته آمريڪا ۾ تمام گهڻا ماڻهو خاص طور تي پوڙها اڪيلا ئي رهڻ جا عادي آهن ان ڪري گهر وڃڻ تي گهٻرائين ٿا ۽ پنهنجي آستاني تي پهچڻ لاءِ ڦٿڪندا (تڙپندا) رهندا آهن.
منهنجي عمر جي اڌ حصي ۾ هڪ ٻي بزرگ عورت جو بيڊ هو جيڪا هڪ اڇي چمڙيءَ واري آمريڪن هئي، مون کي اندازو ٿي ويو هو ته هوءَ مون جهڙي بغير اڇي چمڙي واري عورت سان واسطو، تعلق رکڻ پسند نٿي ڪري. مون به سوچيو ته هن کان پري ئي رهنديس، هن کي پريشان نه ڪنديس. هن جي ڌيءَ جڏهن به هن سان ملڻ ايندي هئي مون سان خوش اخلاقي سان پيش ايندي هئي. هڪ هفتي جي آخر ۾ هن جي ڌيءَ ڪونه آئي، منهنجي ڪمري جي ساٿياڻي، سڄو ڏينهن بغير ستل رهي ته مون کي فڪرمندي ٿي. هن ڪمري ۾ ايندڙ کاڌي جي ڪنهن به شيءِ کي هٿ به ڪونه لڳايو ۽ نه ئي اکيون کوليون. ٻيو ڏينهن ٿيو ته مون کي پريشاني ٿيڻ لڳي. مان پير پير ۾ ڏيئي آهستي سان هن جي ويجهو ويس، وڃي ڏٺم ته هوءَ ٺيڪ به آهي يا نه؟ اهو ڊپ به ٿيو پئي ته هوءَ اکيون کولي ڇڏي ۽ مون کي پاڻ تي جهڪيل ڏسي ڪاوڙ ۾ نه اچي وڃي، مان فڪرمند هئس هيءَ آخر اٿي ڇو نٿي؟ ٽي ڏينهن آخرڪار هن جي ڌيءَ ملڻ آئي ۽ جڏهن ماءُ کي سڏ ڪيائين ۽ جواب نه مليو ته هوءَ به پريشان ٿي وئي. ماءُ کي گندگي ۽ پوسل ۾ لٿڙيل ڏسي تمام ڪاوڙ ۾ اچي وئي مون به هن کي ٻڌايو ته هن جي ماءُ ٻن ڏينهن کان ڪجهه به نه کاڌو پيتو آهي ۽ نه ئي اک کولي آهي. اهو ٻڌي هن جي ڌيءَ وڏو گوڙ ڪيو ۽ ۽ اسٽاف کي خوب ڌڙڪا ڏنا. عام طور ايتري لاپرواهي ڪڏهن ڏسڻ ۾ ڪونه آئي، مگر شايد هفتي جي آخر ۾ اسٽاف پنهنجا فرض درست طور پورا نه ڪيا هئا ۽ ان لاءِ مريض ان حال ۾ مبتلا ٿيو هو. مون کي هر هر اهو ئي خيال ايندو رهيو ته هي ماڻهو مري ڇو نٿا وڃن، موت جي کوهه جي اندر هلندڙ تيز رفتار موٽرسائيڪل تي ويٺل آهن، جيڪا صرف گول گول ڦرڻ ئي ڄاڻي ٿي، دائرا ٺاهي ٿي اها زُون ڪري کوهه مان ٻاهر نڪري ڇو نٿي وڃي؟ انهن کي قيد حيات و غم مان نجات ڇو نٿي ملي؟ ڪيترو نه سٺو ٿئي جو اهي ماڻهو ان گول دائري جي سفر مان نڪري فنا جي طويل سلسلي جو حصو بڻجي لافاني ٿي وڃن. آخر موت تي انسان جو اختيار ڇو نه آهي جو جڏهن دل چاهي بٽڻ دٻايو ۽ نجات ملي وڃي. آخر انسان ايترو پائيدار، مجبور ڪمزور ڇو بڻايو ويو آهي؟
اولڊ هوم جي دروازي تي اڪثر صبح ساڻ ڪا نه ڪا ايمبولينس يا ميت کڻڻ واري بس ايندي ته مون کي هڪ اڻ لکي خوشي ٿيندي هئي. اهو سوچي خوشي ٿيندي هئي ته شايد اڄ ڪو پکي قيد مان آزاد ٿي ويو، جسم روح جو قيد خانو ته آهي، شايد اڄ ڪنهن جي هن بيڪار زندگي مان جان ڇٽي وئي. ڪڏهن ڪڏهن مان خود پاڻ تي حيران ٿيندي آهيان ته مان هي ڪهڙي ظالماڻي ۽ بي رحماڻي خواهش پئي ڪريان، مان ته دعا ڪندي هئس ته اجل هتي مهمان ٿي اچي ۽ ويندي وقت پاڻ سان هڪ اڌ تحفو به کڻي وڃي.
افسوس ته اهو آهي جو آمريڪن هيلٿ ڪيئر سينٽر ايترو سٺو ۽ خيال ڪرڻ وارو آهي جو مرندي مرندي به ماڻهن کي بچايو ڇڏي. انشورنس ڪمپنيون بل موڪلينديون رهنديون آهن، اولڊ هوم وارا ڊگهيون رقمون ميڙيندا رهندا آهن ۽ زندگي ايئن ئي ڦٿڪندي گهلجندي هلندي ٿي رهي، جيئڻ ۽ مرڻ جي لڪ لڪوٽي راند هلندي ٿي رهي.
اولڊ هوم جا معمولات طئي ٿيل آهن. جيئن ستين وڳي صبح نيرن، ٻارهين وڳي ٻپهري ۽ شام جو پنجين وڳي رات جي ماني. ان کانپوءِ ڪا سرگرمي نظر نه ايندي آهي. سڀ رهائشي پنهنجن ڪمرن ۾ موڪليا ويندا آهن، نرسون دوائون ڏيڻ، بخار چيڪ ڪرڻ، بلڊپريشر چيڪ ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪريو ڇڏين. شام ٿيندي ئي اولڊ هوم مٿان موت جهڙي اداسي ڇانئجيو وڃي، جنهن کي مون جهڙي نازڪ طبيعت واري لاءِ ڀوڳڻ مشڪل ٿيو وڃي. شام کان رات تائين جو وقت ڪمپيوٽر تان پراڻا گانا ٻڌڻ يا ورانڊي ۾ پسار ڪندي گذارڻو ٿو پوي، وقت گذري نٿو گذري. اسان جي ته عادت هميشه کان چٻرن واري رهي آهي، رات ڀر جاڳون، ڏينهن جو به رلندا رهون سو منهنجي لاءِ انهن معمولات سان نڀائڻ مشڪل ٿيو وڃي.
ڏينهن رات اهي ئي خيال ٿا اچن ته منهنجو انت ڪهڙو هوندو؟ ايترو ته گمان آهي ته عمر جي آخري دور ۾ به مون سان محبت ڪرڻ وارا به بيشڪ موجود هوندا، پر ڪير ڄاڻي ٽرين ڪڏهن ٿي اچي ۽ پوءِ اچي وڃي ته ان جي آخري اسٽيشن ايندي ايندي ڪنهن جو نظريو ضرورت ڇا مان ڇا ٿي ويو هجي؟ ڪنهن جا حالات ان کي ڪهڙي پٽڙي تي چاڙهي ڇڏين؟ ڪنهن ريل جي انجڻ سيٽي وڄائڻ کانسواءِ اوچتو درياهه ۾ وڃي ڪري ۽ ڪنهن کي خبر ئي نه پئجي سگهي. ڪيترا ڀيرا سوچيو پنهنجي اولڊ هوم جي دوران هتي جي ماحول ۽ ماڻهن جون ڪجهه تصويرون ڪڍي وٺان، پر وري مان ڪٿي هن جاءِ کي ياد رکڻ ٿي چاهيان. مان ته هر رهائشي وانگر هتان ڀڄي نڪرڻ جي ڏينهن جو انتظار پئي ڪريان، ڪڏهن ڪڏهن ايئن لڳندو آهي جهڙوڪر مان وڃائجي وئي آهيان ۽ ڪنهن ٻي دنيا ۾ پهچي وئي آهيان. هڪ پراڻو آمريڪن گانو اڪثر ياد ايندو هو، جنهن جا ٻول: in the desert you do not remember your name شاعر ۽ ڳائڻو چوي ٿو ته جڏهن توهان نو ڏينهن لاءِ ريگستان ۾ ڀٽڪندا رهو ته پوءِ توهان کي پنهنجو نالو، پنهنجي سڃاڻپ سڀ ڪجهه وسري ويندي، مون کي لڳي ٿو ته مان به ريگستان ۾ زنده آهيان. وري اڪثر ايئن به لڳندو هو ته مان اها ڪانه رهي آهيان جيڪا مان آهيان. مان هڪ زنده دل لاهورڻ هتي اوهايو رياست جي اولڊ هوم ۾ ڪمزور بيمار ماڻهن سان گڏ رهي ڪيئن پئي آهيان؟ ڇا ڪڏهن ٻيهر پنهنجي وطن پنهنجي نارمل زندگيءَ ڏانهن وڃي سگهنديس يا نه؟ وري سوچيان بس اکيون بند ڪري هي وقت گذاري وٺان ته اڳتي ساوڪون ئي ساوڪون هونديون مون هتي وڏي صبر ۽ تحمل سان وقت گذاريو.
هڪڙي وڏي ٽي وي روم ۾ اڪثر مون کي هڪ پوڙهي عورت ۽ هڪ نسبتن جوان شخص گڏ اٿندا ويهندا ۽ کائيندا پيئندا نظر ايندا هئا. ٿورن ڏينهن ۾ خبر پئجي وئي ته هي ماءُ پٽ آهن، مان حيران سوچيندي هئس ته ٺيڪ آهي ماءُ ته ضعيف پوڙهي ڪمزور هئي آهي پٽ کي ڇا مسئلو آهي جو هو هتي داخل آهي؟ ايڏو پوڙهو به ڪونه هو شايد پنجاهه سالن جو هوندو، دل چوندي هئي ته ان باري ۾ هن کان پڇان، پر وري اهو سوچي ماٺ ڪري ويٺيس ته ڪٿي ڪا ڏکن ڀري ڪهاڻي ٻڌي ته پنهنجو دل ڏکندو، ان لاءِ نه ئي پڇان ته چڱو. هفتي جي پڄاڻي واري ڏينهن ٻئي وڏو پيزا ۽ ڪوڪ جي وڏي بوتل گهرائي، چسڪا ڀري پيئندا ۽ کائيندا آهن ته ڏاڍا خوش ڏسڻ ۾ ايندا آهن. لڳندو هو ته اها ئي انهن جي تفريح ۽ تسڪين جو سامان هو. مون زياده تر ماءُ کي ئي ڳالهائيندي ڏٺو، پٽ ماٺ هوندو هو. هڪ ڏينهن عجيب ڳالهه ٿي. سنهڙي سيپڪڙي پوڙهي وهيل چيئر ڌڪيندي ٽي وي روم ۾ اچي زور زور سان روئڻ ۽ گوڙ ڪرڻ شروع ڪيو، هڪ ئي ڳالهه بار بار ورجائي رهي هئي منهنجو پٽ گم ٿي ويو آهي ان کي ڳولهي اچو نه ته مان مري وينديس. هن جا ڳوڙها ۽ پڪارون ٻڌي منهنجي دل ڏڪي وئي. خبر نه آهي منهنجو پٽ ڪٿي هليو ويو هو. ڇا خبر ته ماڻس کان ڪجهه دير جدا رهڻ ٿو چاهي ۽ ڄاڻي ڪري لڪي ويو هجي، مان ته سوچ ۾ پئجي ويس. اٽڪل ڪلاڪ کانپوءِ اسٽاف وارا ڪٿان هن کي ڳولهي آيا. اهو ئي ٻڌوسين ته هو گيٽ ٻاهران بيهي ايندڙ ويندڙ گاڏيون ڏسي رهيو هو، ماءُ هن کي ڀاڪر ۾ ڀري چمندي رهي، هو بت بڻيو ويٺو ٽي وي ڏسندو رهيو ماءُ بار بار پڇندي رهي ته تون مون کي اڪيلو ڇڏي گهر ته ڪونه ويو هئين؟ مون کي به گهر هلڻو آهي، تون اڪيلو هليو ويندين ته آئون مري وينديس مون کي به گڏ وٺي هلجانءِ. پٽ جي چهري تي ناپسنديءَ جو تاثر هو، مون کي ٻنهي تي رحم اچڻ لڳو، ٻئي نجات ٿا چاهين حالتن کان. معمولات کان ۽ شايد هن ماحول کان به جتي هو محدود لاچار قيدي بڻجي رهي رهيا هئا. ته فرار ۽ قرار، هنن جي نصيب کان پري ٿي چڪو هو. آئون هڪ ڏينهن معمول مطابق ورانڊي ۾ پسار ڪري رهي هئس ڌيان خبر ناهي ڪٿي هو ته لڳو اوچتو ڪنهن منهنجو هٿ زور سان جهليو مون ڇرڪي مڙي ڏٺو، وهيل چيئر تي هڪ شخص ويٺو ڏاڍو غور سان مون کي ڏسي رهيو هو، هو ڪو پنهنجي قوم جو بندو ٿي لڳو. ڪڻڪائون رنگ، وڏيون وڏيون ذهين اکيون، ڊگهو قد، جنهن جو اندازو هن جي ڊيل ڍول مان بخوبي لڳائي سگهجي پيو. ڪافي هينڊسم شخصيت هو، هن جي پنهنجي طرف دلچسپي سان ڏسندي مان به بيهي رهيس ۽ خوش دلي سان پڇيم ”آر يو انڊين؟“ مون اهو ئي سوال پڇيو جيڪو اڪثر مون کان به پڇيو ويندو هو. ”نو، پاڪستاني ظهير عثماني فرام ڪراچي.“ هن جواب ڏنو ته مان خوش ٿي ويس ۽ گرم جوشي سان ٻيهر هٿ ملايو، ايئن لڳو جهڙوڪر ڪو پنهنجو، ڪو وڇڙي ويل دوست ديار غير ۾ اچي مليو آهي. هڪ پاڪستاني شخص ۽ هتي آمريڪا جي اولڊ هوم ۾، منهنجي لاءِ حيرت جو باعث هو. هو مون طرف اجنبي نظرن سان ڏسندو رهيو. شايد هو به اهڙي حيرت ۾ مبتلا هو ته هڪ پاڪستاني عورت ۽ هتي؟ ”توهان ڪڏهن هتي داخل ٿيا؟ آمريڪا ۾ ڪڏهن کان آهيو.“ مون هن سان اردو ۾ ڳالهايو ”۽ توهان جي فيملي ٻار ٻچا وغيره؟“ مون هڪدم ٻيو سوال ڪيو، ”توهان ڪٿي هئا، ڇا ڪم ڪندا هئا؟“ هن کي ماٺ ڏسي مون سوال ڪرڻ شروع ڪيا. هن مون ڏانهن ڏٺو ۽ آهستگي سان چيو ”سڀ وسري ويو، بس ڪراچي ياد اچي ٿي، هوم سوئيٽ هوم، گهر پيارو گهر“، مون هن جي اکين ۾ ڏٺو ته مون کي اتي زندگيءَ جي ڪابه رمق ڪابه ڪرن ڏسڻ ۾ ڪونه آئي. ان جي پنهنجو پاڻ کي وسارڻ جو ٻڌي مون کي ايئن لڳو جهڙوڪر مون کي ڪنهن اوچتو اونهي پاڻيءَ ۾ ڌڪو ڏيئي ڇڏيو هو. بيحد ڏک ۽ رنج سان مون ان جو جملو دهرايو، ”سڀ وساري ڇڏيو؟“ باوقار، خوبصورت، متاثر ڪندڙ، جاندار شخصيت وارو اجنبي هم وطن مون کي ڪو جيئرو جاڳندو انسان نه بلڪه ڪاغذن جو گڏو لڳو هو، جنهن ۾ نه ڪا جان هئي ۽ نه ئي زندگي جي ڪا بيقرار لهر هئي. هڪ ساڪن سمنڊ جنهن ۾ هاڻ ڪنهن به قسم جو ڪو مدو جزر هلچل مچائڻ وارو نه هو. انسان وٽ اگر حافظي جي دولت نه هجي ۽ اهو بي وقعت بڻجي وڃي، ان جي شناخت ئي نه هجي ته هو پنهنجي ذات جو محض هڪ پاڇو هڪ پرتوو ئي ته آهي.
ظهير عثماني کي ته هاڻ اها به خبر نه هئي ته هو ڪير آهي؟ ڪٿي آهي؟ ۽ هتي اولڊ هوم تائين ڪيئن پهتو، هن جا پيارا ڪٿي آهن؟ البته اها ڳالهه قابل غور ضرور هئي ته هن کي پنهنجي ننڍپڻ جو پراڻو شهر، پنهنجو ڇڏيل شهر، ڪراچي اڃا تائين ياد آهي، هو ان کي پنهنجو گهر ٿو سمجهي ۽ ياد ٿو رکي، هي حافظو به ڪهڙو Selective هوندو آهي، جيڪو چاهي ياد رکي ۽ جيڪو چاهي وساري ڇڏڻ جي طاقت سان مالا مال هوندو آهي. ظهير عثماني کي ڏسي وري منهنجي دل ۾ اهو سوال اٿيو، يا الله هي زنده ئي ڇو آهي؟ هن جو سفر اڃان تائين جاري ڇو آهي. هن کي ته خود به پنهنجي منزل جي خبر ته پوي، پوءِ ڇو ۽ ڇا جي لاءِ؟ هي زندگي ڇو؟ ان کانسواءِ ظهير عثماني مون کي جڏهن به هن وڏي شاندار عمارت جي ڪاريڊور ۾ وهيل چيئر تي ويٺل ڪنهن ديوار سان ڳالهائيندي يا خاموشي سان پنهنجي آس پاس گهور سان ڏسندي ملندو هو ته مان هن جي ويجهو کان اجنبين جيان هلي ويندي هئس.
مون کي هن تي خبر نه آهي ڇو ڪاوڙ ايندي آهي. سوچيندي هئس، هتي هن جي جاءِ تي پنهنجي ڪنهن هم وطن ملي وڃڻ جو ڇا فائدو؟ هم زبان، هم قوم هجڻ جي باوجود به اسان پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه به نٿا ڪري سگهون. هو نارمل هجي ها ته اسان هڪ ٻئي سان ڳالهايون ها، پنهنجا حال اوريون ها ۽ اڪيلائي جا هي مشڪل ڏينهن ايڏا تڪليف ده نه هجن ها، هاڻ هڪ اڳڙين جي گڏي سان ڀلا ڇا ڳالهائي ٿو سگهجي، جنهن جي يادگيري ختم ٿي وئي هجي ته ان وٽ باقي رهي ڇا ٿو؟ ڪڏهن ڪڏهن مون کي به اهو ڊپ ورايو وڃي ته جي مان ان حال ۾ هجان ته منهنجو ڇا ٿيندو؟ جيڪڏهن مون کي خبر ئي نه هجي ته مان ڪير آهيان؟ ڇا هئس؟ ڪير مون کي هتي ڇڏي وساري ڇڏي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ رب کان اها ئي دعا ٿي ڪريان ته يا الله ڀلي مون کي پنهنجي زندگي جي تڪليفن، تلخين ۽ اڪيلائين کي وسارڻ ڏي، پر اهو ڪڏهن به نه وسارڻ ڏج ته حياتي ۾ ڪنهن ڪنهن جي محبت منهنجي جهول ۾ گلن وانگر اچي ڪري ۽ منهنجي ذات کي مهڪائي ڇڏيو. مون کان اها يادگيري به ڪڏهن نه کسج ته ڪيتريون چاهتون، ڪيتريون عزتون مون کي نصيب ٿيون جن سان منهنجي زندگيءَ جو سفر آسان ٿيو. عمر جي هن حصي ۾ پهچي اهو ئي سمجهه ۾ ٿو اچي ته محبتون ۽ چاهتون ئي زندگيءَ جو اصل سرمايو ۽ خزانو آهن زنده هجان ته پنهنجي حافظي جي طاقت ۽ خوبصورتي سان هجان، مون کي خود فراموشي جي ڪنهن به بليڪ هول ۾ غرق ٿيڻ جو عذاب قبول ڪونهي. آئون خود ڌڙڪندڙ، کلندڙ، ٽهڪ ڏيندڙ خوبصورت زندگي آهيان.
اي رب جڏهن به چاهين بتي گل ڪري مون کي پاڻ ڏانهن سڏائي وٺجانءِ مان بيحد خوشي خوشي تو ڏانهن هلي اينديس ۽ چاهينديس ته تنهنجي وجود جي وسيع خوبصورتين جو حصو بڻجي وڃان، تو منجهه سمائجي وڃان، لافاني بڻجي من و تو ٿي پوان ۽ ايئن ڪڏهن به فنا نه ٿي سگهان. ڪڏهن ڪڏهن ظهير عثماني کي ڏسي خيال ايندو آهي ته ان کي ڪڏهن نارمل زندگي ۾ ڪنهن محفل ۾ ڏٺو هجي ها ته ڪيئن لڳي ها. ڊگهو قد، دلڪش شخصيت وارو، اعليٰ تعليم يافته جوان، کلندو ڳالهائيندو عورتن جي ميڙ ۾ بيٺل ڪيڏو نه ڊيشنگ ۽ پرڪشش لڳندو هوندو. هٿ ۾ شربت جو گلاس جهلي دلچسپ ڳالهيون ڪندي ٽهڪ ڏيندي ڪنهن کي گڏ ويهاري لانگ ڊرائيو تي وٺي وڃي زندگي انجواءِ ڪندڙ. ڌڙڪندڙ زندگي سان ڀرپور آرزوئن سان مخمور، يقينن اهو ئي سوچيندو رهيو هوندو ته زندگيءَ جو وهنوار ايئن ئي رهڻو آهي. سڀ سٺو ٿيندو ۽ ايئن هو جيون جو درياهه پار ڪري ويندو، پر هن کان ته هوش و حواس جي دنيا ئي رسي وئي هئي، ڪيڏو نه بدنصيب هو. آئون تصور جي اک سان نه ڄاڻ ڇا ڇا منظر ڏسڻ لڳيس اڄ هي ماڻهو پوڙهن جي هن بستيءَ ۾ هڪ ويران کنڊر وانگي رهيل آهي. هتي ڊائننگ روم ۾ آمريڪن کاڌو کائيندي ڏسي اهو خيال ٿو اچي ته ڇا خبر هن جي دل پاڪستاني کاڌو کائڻ لاءِ چاهيندي هجي. مون کي اها ڳالهه عجيب نه لڳي ته ظهير عثماني به مون سان ملي، ان طرح لاتعلق ٿي ويو هو، جيئن مان هئس. مان سندس پاسي مان گذرندي هئس ته هن جي چهري تي شناسائي جو ڪوبه رنگ نه ايندو هو، پر مون کي هن سان گلا ڪڏهن نه هئي، هي ويچارو ته پنهنجو پاڻ کي ئي وساري ويٺو هو. ان کي ڀلا مان ڪٿي ياد هوندس شايد هاڻ هن جي زندگي جو اهو ئي ڏينهن هو ته ساهن جي مالا جا موتي ڳڻيندو رهي ايئن ئي خوامخواهه بنا جواز هڪ ڏينهن فزيو ٿراپي ڪمري ۾ ورزش ڪندي مون پنهنجي انڊين فزيو ٿراپسٽ کان پڇيو ته ”هي ظهير عثماني صاحب هتي ڪڏهن کان آهي؟“
”اري ظهير صاحب؟ بيحد نائس آهي، هن جي زال ۽ ٻار سڀ ڊاڪٽر آهن تمام گريٽ فيملي آهي“ هن مسڪرائيندي ٻڌايو. ”آمريڪن ڪونسليٽ ۾ ڊپلوميٽ هو“.
اڇا ته هن جي زال ۽ ٻار ملڻ ايندا آهن؟ مون هن کان پڇيو
”جي ها ايندا آهن، هن جي زال ڏاڍي خوبصورت آهي، جهڙا اوهان پاڪستاني ماڻهو هوندا آهيو مٿان وري فيشن ايبل ۽ ويل ڊريسڊ“. هن جواب ڏنو،
”ڪجهه کائڻ لاءِ به کڻي ايندا آهن؟“ مون عورتن وارو گهريلو سوال ڪيو.
”ها ها آڻيندا آهن، تمام شوق سان کائيندا آهن، پر هن کي ڪجهه به ياد ڪونهي، ڪنهن کي سڃاڻي ئي نٿو، بس اهو ئي چوندو رهندو آهي ته ڪراچي هلڻو آهي.“
ٿراپسٽ اهو ٻڌائي مون کي غمگين ڪري ڇڏيو. پنهنجي آمريڪا واري گهر جو ڪوبه ذڪر نٿو ڪري، چاليهن سالن کان آمريڪا کي گهر ڪري ويٺو آهي، پر سچ ته پنهنجو ديس ته پنهنجو هوندو آهي ۽ اتي ئي هوندو آهي پنهنجي سک جو ڳوٺ. هوم سوئيٽ هوم. انڊين ڇوڪري ڳالهيون ڪندي ڪندي ڪن سوچن ۾ گم ٿي وئي شايد هن کي به هن وقت هن لمحي انڊيا ۾ پنهنجو گهر، ڳوٺ ۽ گهر ڀاتي ياد اچي ويا هئا. سچ ته اهو آهي ته هر ماڻهو کي پنهنجو اصل پاڻ ڏانهن ڇڪيندو آهي، پوءِ هو واپس وڃي سگهي يا نه. بهرحال هو مڙي مڙي پٺيان ڏسندو ضرور آهي شام جو اڪثر منهنجو پٽ پنهنجي زال سان گڏ مون سان ملڻ ايندا آهن، اسان وڏي ٽي وي هال جي صوفن تي ويهي ڪچهري ڪندا آهيون. ٽي وي روم ۾ هونئن ته ڪجهه پوڙها ۽ پوڙهيون ويٺا جهوٽا کائيندا آهن، پر هڪ چهرو اهڙو به هو جيڪو مستقل اتي ئي ويٺل هوندو هو. ان اسي پنجاسي سالن جي پوڙهي جو نالو مسز برائون هو سڀ هن کي ان نالي سان مخاطب ٿيندا هئا. مسز برائون مون کي ۽ منهنجي پٽ ۽ ان جي زال کي ڏاڍي غور ۽ دلچسپي سان پئي ڏسندي آهي. شايد هن گوري (سفيد فام) پوڙهي کي اسان عجيب لڳندا هجون. خبر نه آهي هو ۽ خاص طور تي منهنجي پٽ ڪاشف کي يڪ ٽڪ سڄو وقت ڏسندي رهندي هئي. ڪاشف ماشاءَ الله سانورو سلوڻو، ڊگهي قد جو خوبصورت جوان هو. آمريڪي معيار جي مطابق Dark, Tall Handsome قسم جو هي پرڪشش ۽ منفرد مرد نظر ايندو هو. هڪ ڏينهن منهنجي ننهن ڪاشف کان مسڪرائيندي پڇيو، منهنجو خيال آهي مسز برائون توکي پسند ٿي ڪري، ان ڳالهه تي اسان سڀ کلياسين ۽ ڳالهه آئي وئي ٿي وئي. هڪ ڀيري ايئن ٿيو جو ڪاشف ڪجهه ڏينهن لاءِ مون سان ملڻ نه اچي سگهيو. هڪ شام مان ٽي وي لائونج ۾ ماٺ ڪري ٽي وي ڏسي رهي هئس ته اوچتو مسز برائون پنهنجي وهيل چيئر هلائيندي منهنجي ويجهو آئي ۽ مون کان پڇڻ لڳي ته هو جيڪو هينڊسم جوان توهان سان ملڻ ايندو اهو ڪٿي آهي؟ ۽ اڄ ڪلهه ڇو ڪونه ٿو اچي؟ مون کي دل ئي دل ۾ کل آئي ۽ مون هن کي ٻڌايو ته هن کي ڪجهه مصروفيت آهي ان لاءِ نه اچي سگهيو آهي. مان ان ڳالهه تي مسرور به ٿيس ته مسز برائون جي دل جا جذبا اڃان جوان آهن، اگر ڪو سٺو لڳو ته هن چئي ڇڏيو. حقيقت اها آهي ته دل جو ڇا آهي؟ ڪنهن تي به ڪنهن به عمر ۾ اچي سگهي ٿي. مسز برائون جي دل چاهيو ته هن پڇي ڇڏيو ۽ مون کي هن جو پڇڻ خراب نه بلڪه سٺو لڳو. مون هن کي ٻڌايو ته هو منهنجو پٽ آهي ته هن مسڪرايو. ڪيترا ڀيرا دل ۾ اهو خيال آيو ته آمريڪي پوڙها ۽ پوڙهيون ايئن گڏجي هڪ وڏي گهر ۾ رهڻ کان بهتر آهي يا اسان جي ڪلچر مطابق ٻارن سان. خاص طور تي ڇوڪرين سان ئي گڏ رهڻ وڌيڪ مناسب آهي. اولڊ هوم ۾ انهن کي کاڌو پيتو، دوائون ۽ توجهه ته ملي ٿي، اهي ڪيئي قسمن جا پروگرام به ڪرائيندا آهن. جڏهن ته اسان جا پوڙها اڪثر وڏي عمر ۾ دل لاهي ويهي رهندا آهن، ڪنهن به ڳالهه ۾ دلچسپي ڪونه وٺندا آهن ۽ قبر ڏانهن وڃڻ جا پروگرام ٺاهيندا رهندا آهن. منهنجي ڌيءَ جي پاسي واري گهر ۾ ٻن ڪمرن واري اپارٽمينٽ ۾ هڪ سک فيملي رهيل هئي. زال مڙس، ٻه ڇوڪريون ۽ ڏاڏا ڏاڏي سڀ گڏ رهندا هئا. ڏاڏا ۽ ڏاڏي اڪثر پنهنجي ديسي لباس ۾ اپارٽمينٽ بلڊنگ جي آسپاس پسار ڪندي نظر ايندا هئا. پوءِ هڪ ڏينهن ڏاڏا گذاري ويو ڏاڏي اڪيلي ٿي وئي اڪثر ايئن ٿيندو هو جيئن هي پٽ ۽ زال ڪم تي ويندا هئا ته پوڙهي منهنجي ڌيءَ جو در کڙڪائيندي هئي، هن جي خيال ۾ انڊيا پاڪستاني خاندان ساڳي ڳالهه آهن، آئون هن سان پنجابي ۾ ڳالهائيندي هئس ته ڏاڍي خوش ٿيندي هئي. ڪڏهن هٿ ۾ ڪجهه ڊالر هوندا هئا جيڪي ڏيکاري چوندي ٿورو اهي ڳڻي ٻڌايو ته گهڻا آهن؟ ڪڏهن ڪا فون ڊائري هٿ ۾ کڻي ايندي ڪو فون نمبر ڊائل ڪرائڻو هوندو هو. مون ۽ منهنجي ڌيءَ هن کي ڪيترا ڀيرا ٻڌايو ته اسان کي هندي پڙهڻ ڪانه ٿي اچي ته هوءَ بي يقيني ۽ حيراني سان اسان کي ڏسندي هئي جهڙوڪر چوي پئي واهه توهان کي هندي پڙهڻ ڪيئن نه ايندي؟ مان اڪثر سوچيندي هئس ته نه ڄاڻ ويچاري سان ڪهڙا مسئلا آهن جالنڌر کان آمريڪا ۾ اچي ڦاٿل محسوس ٿيندي هئي.
منهنجي ڌيءَ جي گهر جي هيٺان واري اپارٽمينٽ ۾ هڪ پوڙهو آمريڪي اڪيلو رهندو هو اسان اڪثر گيلري مان ڏسندا هئاسين ته هو گسڪي گسڪي گاڏيءَ مان لهندو ۽ سيڌي سامان کي ڍوئيندو ويندو هو، هو ڪڏهن سياري ۾ شيشي تان برف صاف ڪندي نظر ايندو هو، هن کي ڏسي ڏاڍو رحم ايندو هو ته ويچارو ڪيئن پنهنجي زندگي جو گاڏو هلائيندو هوندو؟ هڪ ڀيرو پوڙهو سيڌي سامان سان لٿو ته منهنجو ناٺي ڊوڙ پائي ويو ۽ هن جا ٿيلها کڻي هن جي گهر ڇڏي آيو. پوڙهو ڏاڍو حيران ۽ خوش ٿيو ۽ ان بدلي ۾ ان کي ڪجهه ڊالر ڏيڻ چاهيائين جيڪي هن ڪونه ورتا ۽ هو وڌيڪ حيران ٿي ويو. ان پوڙهي کي ڏسي اسان سوچيندا هئاسين ته هن کي ته اولڊ هوم ۾ هئڻ گهرجي جيئن هن جو کائڻ پيئڻ، دوا درمل جو انتظام ٿي وڃي ۽ هو ڪنهن حادثي وغيره کان بچي وڃي.
اولڊ هوم ۾ ماني کائڻ وقت مان ڊائننگ روم ۾ وڃڻ کي ترجيح ڏيندي هئس. هڪ ته ان بهاني ڪمري مان نڪرڻ جو موقعو ملندو هو، ٻيو ڪجهه نوان چهرا به ڏسڻ ۾ ايندا هئا. هڪ دلچسپ ڳالهه اها ڏسڻ ۾ آئي ته ڊائننگ روم ۾ زياده مرد مردن ساڻ ۽ عورتون عورتن ساڻ ويٺل نظر آيون، پاڪستان ۾ ته ايئن اڪثر ڏسڻ ۾ ايندو هو، مگر آمريڪا ۾ به ايئن ٿيندو ان جو خيال يا ڏسڻ جو اتفاق ڪونه ٿيو هو. مون سوچيو آخر ايئن ڇو ته اهو ئي سمجهه ۾ نه آيو ته ڳالهه مذهبي پابندي يا طرز معاشرت جي نه آهي. دراصل مرد مردن سان گڏ ۽ عورتون عورتن سان گڏ وڌيڪ آرام ده محسوس ٿا ڪن. شايد ان لاءِ جو انهن جي گفتگو جا موضوع هڪ جهڙا هوندا هئا. ان قسم جي حقيقتن جي يونيورسل ٽرٿ ئي چيو ويندو ٻيو ڪجهه نه.
آئون جڏهن به عورتن واري ڊائننگ ٽيبل تي ويهندي هئس ته انهن کي ميڪ اپ، ڪپڙا، وارن جا نمونا، مرحوم مڙسن ۽ پڙ پوٽن، ڏوهٽن جون ڳالهيون ڪندي ٻڌندي هئس ۽ جڏهن ويجهو ويٺل مردن جون ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اينديون هيون، هو به پنهنجي پسنديده موضوعن کي زير بحث آڻيندا هئا. اڪثر رٽائرمينٽ جا فنڊ، ٽيڪس، فشنگ ڪيمپنگ ٽرپ، ماضي جا ڪارناما ۽ موجوده سياسي صورتحال تي به ڳالهيون ٿينديون ٻڌبيون هيون. مطلب اهو ائي ٿيو ته واقعي مردن ۽ عورتن جي پسند ۽ دلچسپيون جدا جدا هونديون آهن. وڌيڪ وقت مان ماٺ ڪري ٻنهي طرفن جون ڳالهيون ٻڌندي رهندي هئس، پاڻ ڪجهه ڪونه ڪڇندي هئس. شايد ان لاءِ جو مان پاڻ کي ٻاهر جي تصور ڪندي هئس. آخر هو گورا ڪارا آمريڪي ۽ مان ڪڻڪ رنگي مسلم عورت هئس. هنن ڪڏهن به مون کان منهنجو مذهب يا قوميت ڪونه پڇي هئي، پر مان خود ان معاملي ۾ حساس هئس ته ڪو دل سان مون کي ڪٿي برو نه سمجهي. نائن اليون کان اڳ آمريڪا ۾ مسلم تعصب تمام گهٽ هو، جيڪي گورا ڪونه هئا اهي به وڏي اعتماد سان ۽ ديده دليري سان رهندا ۽ مڪمل حق انجواءِ ڪندا هئا، مگر ٽرمپ جي صدر ٿيڻ کانپوءِ مسلمانن کي ٿورو سنڀالي رهڻو پيو ۽ سنڀالي هلڻو پيو هو. مان ڪونه چاهيندي هئس ته ڪنهن جي نظر ۾ پاڻ لاءِ ڪو نا خوشگوار جذبو يا تاثر پيدا ٿئي، ان لاءِ آئون محتاط هوندي هئس. آئون وري به اهو چونديس ته آمريڪا دنيا جي سڀني ملڪن کان وڌيڪ سهولتن وارو ملڪ آهي جتي مسلمان به شهريت وٺي ٿا سگهن، ملڪيت خريد ڪري ٿا سگهن، روز روز نئين کان نيون مسجدون تعمير ڪري ٿا سگهن ۽ انساني حقن کي آزادي سان ماڻي سگهن ٿا، حقيقت ته اها آهي جو عام طور آمريڪي ماڻهو ڪنهن کي به تنگ نٿا ڪن ۽ پنهنجي ڪم سان ڪم رکندا آهن. مون کي نائن اليون واقعي جو ٻيو ڏينهن ڪڏهن ڪونه وسرندو ان ڏينهن مان بذريعه ٽرين اڪيلي نيو يارڪ کان پنسلوانيا جو سفر ڪري رهي هئس، ڀيڻ سان ملڻ لاءِ وڃڻ ضروري هو، ريل تقريبن خالي هئي. آمريڪا جا ماڻهو گهرن ۾ ويٺا ٽي وي اڳيان ويهي نائن اليون جا منظر ڏسي رهيا هئا. هر طرف ويراني هئي ته هڪ شرابي قسم جو گورو جوڙو گاڏيءَ ۾ چڙهي آيو ۽ اهي اونڌيون سڌيون حرڪتون ڪرڻ لڳا. سڄي ٽرين ۾ ٿلها متارا ۽ قدآور سيڪيورٽي گارڊ هتان کان هتي تيزيءَ سان هلندا رهيا. مون کي لڳو جهڙوڪر سڀني جي نظر مون تي ٽڪيل آهي. آخر آئون به اها ئي ته هئس جنهن جي دهشتگرد ڀائرن هڪ ڏينهن اڳ آمريڪا ۾ تباهي مچائي ڇڏي هئي. بلند و بالا عمارتن کي ٽڪر ٽڪر ڪري ملڪ جا بنياد لوڏي ڇڏيا هئا، منهنجو ۽ انهن دهشتگردن جو مذهب هڪ هو، مان به مجرم هئس، وچ ۾ هڪ ٻه ڀيرا ٽرين جهنگ ۾ اوچتو بيهي رهي ته مون کي بيحد خوف محسوس ٿيو، حالانڪه مون آمريڪي طرز جا ڪپڙا پاتا هئا، پر پوءِ به مان گوري يا ڪاري ته ڪونه هئس مسلمان هئس. مون کي لڳو ته اجهو هي آمريڪن ماڻهو سخت ڪاوڙ ۾ اچي مون مٿان حملو ڪري مون کي ٻوٽيون ٻوٽيون ڪري ڇڏيندا. ان وقت آمريڪي ڏاڍا غمزده ڏکويل هئا، ڪجهه به ڪري ٿي سگهيا. مان سارو وقت چوڪس ۽ ڊنل ويٺي رهيس. پوءِ منهنجي اسٽيشن اچي وئي ۽ مان آرام سان لهي آيس ۽ رب جا لک لک شڪرانه ادا ڪيا جو مان محفوظ رهيس. بهرحال اهو به آمريڪا جو احسان هو جنهن مون کي مڪمل تحفظ ڏنو ۽ ڪنهن به مون کي ڪجهه نه چيو. ان ڏينهن مون واقعي دل ۾ سوچيو ته هي قوم تمام اصولي ۽ عظيم آهي، ان لاءِ دنيا تي راڄ پئي ڪري. هڪ ڏينهن حسب معمول مان عورتن جي ميز تي ويٺي ماني کائي رهي هئس ته منهنجي نظر مردن جي ميز تي ويٺل هڪ شخص تي پئي، هتي ڪو نئون مريض ويٺل هو، هي ڊگهو ويڪرو ڳورو چٽو آمريڪن هو جو ڳالهه ڳالهه تي ٽهڪ ڏيئي رهيو هو. عمر پنجونجاهه جي ويجهو لڳس ٿي هو به مون وانگر غالبن Rehab جي لاءِ هتي داخل ٿيو هو. ڇو جو هو ڪنهن به طرح سان اولڊ هوم ۾ رهڻ وارو پوڙهو ڪونه ٿي لڳو. هو وڏي آواز ۾ پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي رهيو هو. ڪجهه الفاظ منهنجي ڪنن تائين به پهتا ته مان حيران ٿي ويس. هو ٻڌائي رهيو هو ته هو ويٽنام جي جنگ ۾ بطور فوجي شريڪ رهيو هو. مان هن جي اها ڳالهه ٻڌي ان کي نظر انداز نه ڪري سگهيس ۽ غور سان هن کي ڏٺم. بطور تاريخ جي طالب علم جي آمريڪا جو ٻين ملڪن ۾ گهڙي بلا جواز جنگ ڪرڻ، انهن کي غلام بنائڻ، تباهه ڪرڻ جي عادت ۽ صلاحيت مون کي هميشه حيران ڪندي رهي آهي. مون هن جي ڳالهين کي ٻڌڻ شروع ڪيو، هو گڏ ويٺل ٻين مردن کي ٻڌائي رهيو هو ته هن ويٽنام جي جنگ کانپوءِ ٻين به ڪيترين جنگين ۾ حصو ورتو آهي. هاڻ War Veteran بڻجي رٽائرڊ زندگي گذاري رهيو آهي. منهنجي اندر جي ڪهاڻيڪار مون کي ٺونٺ هڻي چيو ته هن وٽ ته گهڻيون انوکيون ۽ قيمتي ڪهاڻيون هونديون هن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي. بس تڏهن کان مان هن سان ڳالهائڻ جي موقعي جي تلاش ۾ هئس. هڪ ڏينهن معمول مطابق مان اڪيلي ورانڊي ۾ پسار ڪري رهي هئس ته هو مون کي ڏسڻ ۾ آيو، هو ٿورو منڊڪائي هلي رهيو هو، جهڙوڪر تڪليف ۾ هو، پر هن جي چهري تي تازگي برقرار هئي. مان هن جي ويجهو ويس ۽ Hi ڪري مخاطب ٿيس. هو به Hi چئي مون ڏانهن ڏسڻ لڳو، ”ڪيئن آهيو؟ ٽنگ کي ڇا ٿيو آهي؟“ مون ڳالهائڻ جو بهانو ڪيو. ”دراصل ذيابيطس جي ڪري بيمار آهيان، منهنجي پير جي هڪ آڱر خراب ٿي وئي آهي، سور ٿئي ٿو، شايد ڪٽڻي پئي. منهنجو نالو بروس آهي“ هن دوستانه نداز ۾ هٿ اڳتي وڌائي چيو، مون هٿ ڏيئي مسڪرائيندي ڳالهه اڳتي وڌائي. ”هيلو بروس منهنجو نالو نيلم آهي آئون گوڏي جي آپريشن کانپوءِ فزيو ٿراپي ڪرائڻ لاءِ هتي آهيان، مون جواب ڏنو.“ تون انڊيا مان آهين؟ ”هن مون کان اهو ئي سوال ڪيو جيڪو سڀ شروع شروع ۾ ڪندا آهن. نه پاڪستان جي آهيان،“ مون هٻڪندي چيو. ڊپ هو ته گورو آمريڪن اهو ٻڌي ڪنڌ موڙي هليو نه وڃي. مگر ان جي برعڪس هو ته ڄڻ ٽڙي پيو؟ ”پاڪستاني؟ مون کي پاڪستاني تمام سٺا لڳندا آهن،“ هن مشڪندي چيو. مون بي يقيني سان چيو، ”اهو ڀلا ڪيئن؟“
”ڇو ته منهنجي هڪ ننهن پاڪستاني آهي ۽ هوءَ تمام سٺي آهي، منهنجو تمام گهڻو خيال رکندي آهي. ان جا ٻار به ڏاڍا تميزدار آهن.“ هن اهو چئي مون کي حيران ته ڪيو، مگر منهنجي تجسس کي مزيد وڌائي ڇڏيو. ”اڇا؟“ پاڪستاني ننهن؟ مان حيرت زده هئس. مون چيو مون ان ڏينهن توهان جون ڳالهيون ٻڌيون هيون، توهان ويٽنام جي جنگ ۾ سپاهي بڻجي ويا هئا، ان باري ۾ ڪجهه ڄاڻڻ چاهيان ٿي. مان دل جي ڳالهه زبان تي کڻي آيس. ”اڇا؟“ حيرت آهي ته توهان کي ان قسم جي موضوع سان دلچسپي آهي، مون کي توهان هڪ ذهين عورت ٿيون لڳو.“ هن اوچتو اهو چيو ته مون کلي ڏنو. دل ۾ سوچيو ته يقينن هي مون کي ٽين دنيا جي ڪنهن پوئتي پيل ملڪ جي اڻ پڙهيل، جاهل مسلم عورت ئي سمجهندو. ان وقت هن کي منهنجو سوال عجيب لڳو ۽ حيراني ٿي. هو ڀر ۾ پيل صوفا تي ويٺو ۽ چوڻ لڳو. ”جنگ جي باري ۾ ته مون کان ڪير به ڪونه ٿو پڇي ڪير پڇندو. War Veterans کي.“ هن جي اکين مان اداسي ڇلڪڻ لڳي. ڪجهه دير جي خاموشيءَ کانپوءِ هن پنهنجي زندگيءَ جي پٽاري منهنجي اڳيان کولڻ شروع ڪئي ته ان مان عجيب عجيب ڪهاڻيون نڪرنديون منهنجي چوڌاري وکرڻ لڳيون. آئون ڌيان سان هڪ من ٿي هن جون ڳالهيون ٻڌڻ لڳس. ”مان سٺ جي ڏهاڪي ۾ ڀرپور جوان هئس. هاءِ اسڪول ۾ منهنجو سنجيده رومان منهنجي ڪلاس ميٽ سيلي سان هو. اسان ٻئي هاءِ اسڪول ۾ سوئيٽ برڊز مشهور هئاسين.
فوٽو گرافي جو شوق هو، سو مون ڪاليج ۾ فوٽو گرافر بڻجڻ وارو ڪورس کنيو زندگي ڪيڏي حسين هئي. اوچتو هڪ ڏينهن سيلي مون کي ٻڌايو ته هوءَ ماءُ بڻجڻ واري آهي، اهو ٻڌي اسان ٻئي خوش ٿياسين ۽ فوري طور تي شاديءَ جو فيصلو ڪيو جيئن پنهنجي ٻار کي هڪ مضبوط ۽ خوشگوار زندگي ڏيئي سگهون. ان لاءِ هڪ محبت وارو گهر هجي جتي هو پوري اعتماد سان پلجي وڏو ٿئي. پوءِ اسان جو فرزند ايلن دنيا ۾ آيو، اسان خوشين سان جهومڻ لڳاسين، بيحد سٺا ڏينهن هئا. هاڻ مون کي هڪ پڪي سٺي آمدني واري نوڪري جي ضرورت هئي. اتفاق سان منهنجي ڊرافٽنگ ٿي وئي ۽ مون کي ويٽنام جي جنگ ۾ بطور فوٽو گرافر ڀرتي ڪيو ويو. ڊرافٽنگ سمجهو ٿا،“ هن مون کان سوال ڪيو. ”ها مون کي خبر آهي ڊرافٽنگ ڇا آهي. ستر جي ڏهاڪي ۾ باڪسر محمد علي ۽ ايلوس پريسلي ٻئي ڊرافٽ ٿيا هئا. ايلوس ته جنگ تي هليو ويو، پر محمد علي احتجاج ڪيو هو ته مان هن بي تڪي بي وجهه پرائي جنگ ۾ وڃڻ کان انڪار ٿو ڪريان.“ مون بروس کي ٻڌايو ته هو حيران ٿي ويو. ”تون ته گهڻو ڪجهه ڄاڻين ٿي، آمريڪي نظام ۽ تاريخ جي باري ۾ Wow“ هو متاثر نظر اچڻ لڳو، ”پوءِ ڇا ٿيو؟“ مون سوال ڪيو، ”پوءِ ويٽنام وڃڻ جون تياريون شروع ٿيون. جدائي جي خوف سان اسان ٻئي خزان جي سڪل پن وانگر ڏڪي رهيا هئاسين اسان بار بار ڀاڪر ۾ ويڙهبا چهٽندا چمندا رهياسين ۽ پوءِ پنهنجي پٽ ايلن کي چمندا رهياسين. اسان روزانو هڪٻئي کي خط لکڻ جا واعدا ڪيا. سيلي گهر جي فرنٽ يارڊ ۾ لڳل Oak Tree وڻ جي ٿڙ ۾ پيلي ربن ٻڌي. توکي ته يقينن خبر هوندي ته پيلي ربن ٻڌڻ جو ڇا مطلب آهي؟“ هن مون کان سوال ڪيو مون ها ۾ ڪنڌ لوڏيو، ”مان ڄاڻان ٿي، پيلي ربن ٻڌڻ جو ڇا مطلب آهي. گهر واپس اچڻ واري فوجي مڙس يا عاشق کي هي پيغام ڏيڻ آهي ته گهرواري تنهنجو انتظار پئي ڪري هوءَ اڃان به توکي چاهي ٿي ۽ ٻانهون کولي تنهنجو استقبال ڪرڻ لاءِ تيار آهي، تون بنا ڪنهن کٽڪي جي گهر هليو اچ.“ ”واهه ڀائي! تون ته مڪمل آمريڪن آهين اسان جي ڪلچر جي هر ڳالهه کان واقف آهين، ها صحيح ٿا چئو. هڪ پري جي فوجي گهر واپس اچڻ ڪيڏي نه خوشي آهي، ان جو اندازو صرف اهو ئي لڳائي سگهي ٿو جيڪو گهر کان پري هليو ويو هجي.“ هڪ تلخ مسڪراهٽ هن جي لبن تي تري آئي. ها ته پوءِ جنگ جون ڳالهيون ٻڌائي مون هن کان پنهنجي دلچسپي واري ڳالهه پڇي. ”جواني ۾ ماڻهو کي ايڏو شعور ڪٿي هوندو آهي؟ هو هر شيءِ کي هڪ راند سمجهندو هو هونئن به تون ته ڄاڻين ٿي، اسان آمريڪن ڪيڏي آسان آرامده زندگيءَ جا عادي آهيون جنگ تي ويس ته منهنجو ته دماغ ئي ڦري ويو، هن سنجيدگيءَ سان چيو. مان جنگ جا موت مار منظر ڏسندو مزي سان فوٽو ڪڍندو رهيس. اهو ئي سمجهندو رهيس ته ويٽنامي ماڻهو ڪيڙا ماڪوڙا آهن، اهي انهن جي لائق آهن ته اسان جي سفيد Race انهن کي چيڀاٽي ڇڏي، انهن تي قبضو ڪري ڇڏي، پر جڏهن ايجنٽ اورنج واري ڪيميائي برسات وسائي وئي ۽ مون مقامي ماڻهن کي تيزاب ۾ ڳرندي تڙپندي ٻرندي مرندي ڏٺو ته منهنجو من گهٻرائجي ويو. مان هڪ سال کانپوءِ موڪل وٺي گهر وڃڻ جي تياري ڪرڻ لڳس. پنهنجي پياري پٽ ۽ محبوبه زال جي لاءِ بي انتها اداس هئس ۽ انهن وٽ اڏامي پهچڻ ٿي چاهيم. منهنجو گهر پيارو گهر، مون کي خوابن ۾ اچي اتساهيندو هو“ ”ته تون واپس آئين؟ مون بي چين بڻجي پڇيو ها.“ سوچيم پنهنجي زال ۽ پٽ کي سرپرائيز ڏيندس ته هو خوشيءَ مان بي قابو ٿي وڃان. ڪجهه ڏينهن ۾ مان پنهنجي اباڻي شهر هڪس ول پهتس، شام لهي رهي هئي ۽ مان پنهنجي گهر جي سامهون اچي بيٺس ان کي محبت ۽ حسرت سان ڏسڻ لڳس. گهر جي اندران ايپل پائي بيڪ ٿيڻ جي اتساهيندڙ خوشبو اچڻ لڳي، جنهن کي سُنگهڻ سان بي چين ٿي فورن گهر اندر داخل ٿيس.
سيلي بورچي خاني ۾ ايپرن ٻڌي بيٺل هئي ۽ ايلن ڪنهن رانديڪي سان کيڏي رهيو هو. مان فورن سيلي کي ڀاڪر ۾ ڀري چهٽي ويس ۽ ان کي بي تحاشا چمڻ شروع ڪيم. هن جي وات مان بس اهو ئي نڪرندو رهيو، او ماءِ گاڊ، او منهنجا خدا هوءَ به مون کي هو ڀاڪر ۾ ڀريندي چهٽندي رهي. چند لمحن بعد مون نظر ڦيرائي هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو ته مون کي صوفا تي ويٺل هڪ شخص نظر آيو، جيڪو تمام توجهه سان ٽي وي تي فوٽ بال راند ڏسي رهيو هو. ان کان پهرين جو مان ڪجهه پڇان يا چوان، هو، هيلو بروس چئي اٿيو ۽ مون سان هٿ ملايو. مان ڪجهه سمجهڻ جي ڪوشش ئي ڪري رهيو هئس ته هن چيو مان سيلي جو بواءِ فرينڊ فرينڪ آهيان اسان ٻئي توهان کي پنهنجي تعلق جي باري ۾ ٻڌائڻ وارا هئاسين ته توهان اچي ويا، هلو سٺو ٿيو. اميد آهي ته تون ڳالهه کي سمجهي ويندين. مون سيلي ڏانهن ڏٺو ته هن جي اکين ۾ ان ڳالهه جو اقرار لکيل نظر آيو. مان ڪيترا لمحا گم سم بيٺل رهيس، پوءِ ايلن کي ڪڇ ۾ کڻي ان کي ڪجهه لمحه پيار ڪيو ۽ دروازو کولي ٻاهر نڪري ويس.“ ”اوهه“ منهنجي وات مان ٻيو ڪجهه نه نڪتو بروس پنهنجي ڳالهه جاري رکي. ”ٻاهر وري Oak Tree وڻ جو ته مون کي خيال ئي نه رهيو، هتي ڪابه پيلي ربن هاڻ موجود نه هئي. بهرحال زندگي ته اهڙي ئي هوندي آهي، اهو چئي هو مسڪرائڻ لڳو. اڙي ڳالهين ڳالهين ۾ مون کي ياد ئي نه رهيو ته منهنجي نرس ڪمري ۾ پهچي وئي هوندي ۽ مون کي ڳولهيندي هوندي.“ اهو چئي هو اٿيو ۽ ٻرانگون ڀريندو پنهنجي ڪمري ڏانهن هليو ويو. هن جي هلڻ مان هن جي ٽنگ ۽ پير ۾ ٿيندڙ تڪليف صاف واضح ٿي رهي هئي. ان کانپوءِ ڪيترن ڏينهن تائين هو مون کي فزيو ٿراپي روم ۾ نظر ايندو هو ته محض هيلو هاءِ ڪري پاسي مان گذري ويندا هئاسين، ڳالهه نه ٿيندي هئي. مان معمول مطابق شام جو ڪاريڊور ۾ واڪ ڪري گذاريندي هئس، پر وقت ڏکيو گذرندو هو، دل چاهيندي هئي جلد از جلد هتان ڀڄي نڪران. هاڻ ته هتي منهنجو ساهه گهٽجندو هو، لڳندو هو ڪنهن مون کي هڪ ويران جزيري ۾ قيد ڪري ڇڏيو هو ۽ آزادي جي ڪابه صورت نظر نه ايندي هئي. چئني طرفن سمنڊ آهي ۽ مون کي تري پار وڃڻ نٿو اچي. ڊائننگ روم ۾ حسب معمول عورتون ۽ مرد گڏ ويهي گپ شپ ڪري وقت پئي گذاريو، اتي مون کي بروس به نظر ايندو هو ۽ اسين مسڪرائي هيلو چوندا هئاسين. مون کي بروس کان اڃان ڪيئي ڳالهيون پڇڻيون هيون. هڪ ڏينهن هن کي هڪ صوفا تي اڪيلو ويٺل ڏسي وري وڃي هن جي ڀر ۾ ويٺس ۽ هن جو حال چال پڇيم. ”توهان جي پير جي آڱر هاڻ ڪيئن آهي؟“ مون هن کان پڇيو. ”لڳي ٿو آڱر ڪٽڻي پوندي، ڊاڪٽرن اهو ئي ٻڌايو آهي، دراصل مان شگر ذيابيطس جي پرهيز وغيره نٿو ڪريان، هر شيءِ کايو پيو وڃان. هن ڏند ڪڍي منهنجي سامهون اعتراف جرم ڪيو.“ سامهون پيل ڪيڪ جو پيس کڻي وات ۾ وجهي ڇڏيو. ”توکي ڪير سمجهائڻ وارو ڪونهي؟ منهنجو مطلب آهي تنهنجي زال؟ وري شادي ڪئي؟“ مون هن کي کوليو. ”ها ٻي شادي مون لنڊا سان ڪئي. اسان ٻئي هڪ فشنگ ڪيمپنگ ٽرپ تي ملياسين، ملڻ جي ڪجهه وقت بعد اسان هڪٻئي جي ويجهو اچي وياسين ۽ پوءِ اسان شادي ڪئي. ڏاڍي سٺي زال هئي لنڊا.“ ”واقعي اهو ٻڌي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ته هلو تنهنجو گهر وري آباد ٿي ويو.“ مون مسڪرائيندي چيو. ”ها اسان به بيحد خوش هئاسين. هن جا پهرين ٻه ٻار هئا ۽ پوءِ ٻه ٻار اسان جا به ٿيا. زندگي ڏاڍي سٺي گذري رهي هئي.“ هن پنهنجي داستان حيات جاري رکي ”ته پوءِ هاڻ لنڊا ڪٿي آهي؟ ملڻ ايندي آهي؟“ مان پنهنجو تجسس لڪائي نه سگهيس ۽ فورن پڇي ورتو. ”هاڻ اسين گڏ ڪونه آهيون، هن جواب ڏيئي منهنجو ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيو. ”ڇو؟ ڇا ٿيو؟“ مون فڪرمندي سان پڇيو. ”چند سالن بعد مون کي ڪوريا جي جنگ ۾ وڃڻو پيو، اوڏانهن ٻن سالن جي پوسٽنگ ٿي. هن ڀيري به واپسي ته حالات بدلجي چڪا هئا، لنڊا جي زندگيءَ ۾ ڪو ٻيو اچي چڪو هو. واپس آيس ته هن طلاق جي خواهش ڪئي مان صورتحال کي سمجهيو، ظاهر آهي هوءَ ايترو عرصو ته اڪيلي نٿي رهي سگهي. هن جي زندگي ۾ ڪنهن کي ته اچڻو هو. بس پوءِ اسان پنهنجا رستا جدا ڪري ڇڏيا.“
”پر تون ٻڌائي توکي هڪ وساري ڇڏيل سپاهي جي ڪهاڻي سان ايڏي دلچسپي ڇو آهي؟“ بروس سوالن جو رخ منهنجي طرف موڙي ڇڏيو. بس آهي دراصل مان ڪهاڻيون لکندي آهيان نه، ته مون کي دنيا جي سياست جنگين ۽ انسانن جي زندگين تي ان جي اثراتن جون ڪهاڻيون بيحد دلچسپ ۽ پرڪشش لڳنديون آهن. آمريڪا ۽ پاڪستان ٻنهي ملڪن ۾ وقت گذرندو آهي ته مون کي دنيا جي حالتن کان با خبر رهڻ سٺو ٿو لڳي.“ مون هن کي توجيهه پيش ڪئي ته هو مطمئن ٿي ويو ”ته هاڻ تنهنجي فيملي آهي؟“ مون ڪهاڻي جو سرو وري ملائڻ شروع ڪيو. ”مون وري به قسمت آزمائي ڪئي ۽ ٽينا سان ٽين شادي ڪئي. تمام سٺي عورت هئي ٽينا. بس هڪڙو ئي مسئلو هو هن کي ڊرگس نشي جي عادت هئي. مون هن جو نشو ڇڏائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي. هن کي Rehab داخل ڪرايو، هن جا ٻار به سنڀاليا. مزي جي ڳالهه ٻڌايان پنهنجي ٽنهي زالن جي اڳين پوين ۽ اسان جا پنهنجا ٻار ملائي اسان ٻنهي تقريبن ويهه ٻارن جي پرورش ڪئي. اسان جي گهرن ۾ تقريبن هر نسل، هر رنگ، هر قوميت جا ٻار ايندا ويندا رهندا هئا. اسان کي اهو سڀ ڏاڍو سٺو لڳندو هو. گهر ته آخر گهر ئي هوندو آهي نه؟ هوم سوئيٽ هوم، هر ٻار جو حق هوندو آهي.“ مون نوٽ ڪيو ته بروس جو ڪنهن به ڳالهه جي باري ۾ رويو منفي نه هو اها هن جي هڪ قابل تعريف ۽ قابل قدر ڳالهه هئي، جيڪا منهنجي من کي ڏاڍي سٺي لڳي، انسان کي هر حالت ۾ مثبت ئي هئڻ گهرجي، بروس چيو.“ اهڙي طرح منهنجي هڪ پٽ پاڪستاني ڇوڪري پسند ڪئي، انهن جي شادي ٿي وئي ۽ هوءَ اسان جي فيمليءَ جو حصو بڻجي وئي، ڏاڍي سٺي آهي ويري ڪيئرنگ ”بروس جي ڳالهه ٻڌي مون کي وري خوشي ۽ ڪي قدر احساس فخر ٿيو اسان جي پاڪستاني نياڻيءَ آمريڪن فيملي جي سٺي طرح سنڀال ڪئي.
هاڻ ٽينا ڪٿي آهي؟ تنهنجي زال؟ مري وئي، بروس آرام سان جواب ڏنو. مگر منهنجون اکيون ته ڦاٽي ويون، ”مري وئي؟ ڪيئن؟“ مان حيرت مان پڇيو ”وري به جنگ وچ ۾ اچي وئي. ڪنهن کي احساس به ناهي ته هي جنگيون ڪيئن اسان جون خوشيون کسي اسان جي زندگين کي اٿل پٿل ڪري ٿيون ڇڏين. نائن اليون کانپوءِ مون کي فوج افغانستان موڪلي ڇڏيائون، اها هڪ عجيب و غريب جنگ هئي، گرم واريءَ جي طوفانن ۾ گهيرجي مان ڪجهه عرصي لاءِ لاپتا ٿي ويس وڃائجي ويس هن بي تڪي ۽ ظالم جنگ مون کان پنهنجي سڃاڻپ، منهنجا احساس ۽ منهنجو ذهن سڀ ڪجهه کسي ورتو. منهنجا حواس گم ٿي ويا ۽ مون کي هن ذهني طور تي ايڏو ڊسٽرب ڪيو جو مان گهر پياري گهر پنهنجي ملڪ آمريڪا موٽڻ جي اميد ئي وڃائي ويٺس.“
”پهاڙن ۽ غارن ۾ لڪندي ڇپندي وڙهندي وقت گذرندو ويو. ٽينا منهنجي گمشدگي کان پريشان ٿي وئي ڊپريشن جو شڪار ٿي وئي، هوءَ هيروئن جي نشي تي وري هري وئي ۽ هڪ ڏينهن اوور ڊوز ڪري ختم ٿي وئي.“ اڃان اسان ڳالهيون ڪري رهيا هئاسين ته هڪ عورت ۽ هڪ ڇوڪرو بروس کي ڳوليندا هتي اچي ويا، هو خوشيءَ سان ٽڙي پيو ۽ مون کي ٻڌائڻ لڳو ته هيءَ منهنجي ڀيڻ ۽ ان جو پٽ آهي مون سان ملڻ آيا آهن، هاڻ مان هلان ٿو. ”Hi“ ڪري هو منڊڪائيندو انهن سان گڏ ڪمري ۾ هليو ويو. مان ٿڪجي پئي هئس، اٿي پنهنجي ڪمري ۾ اچي صوفا تي ويٺيس، سوچيم وقت گذارڻ لاءِ ڪمپيوٽر تي ڪجهه پراڻن وڊيو گانن کي ڏسان، طبيعت وندري ويندي. ڪيترائي گانا ٻڌا ته اوچتو هڪ گانو يوٽيوب مان نڪري منهنجي سامهون آيو، جهڙوڪر مالا مان ڪو مڻڪو نڪري ٻاهر اچي ڪريو. اهو انڊيو گانو ڪنهن پراڻي بليڪ اينڊ وائٽ فلم جو هو جنهن جا ٻول به ڏاڍا ڏک ڀريل هئا.
هو ڪي مجبور مجهي اس ني بلايا هوگا
زهر چپڪي سان جان ڪي کايا هوگا
سين ڪجهه هينئن هو:
هند جا ڪجهه فوجي جوان غالبن ڪنهن محاذ تي ڪنهن ويران جاءِ تي قيد آهن آسپاس ويران بنجر جبل ۽ اداسيون آهن، هٿن ۾ بندوقون مگر اکين ۾ حسرت ۽ جدائين جا سايا رقص ڪري رهيا هئا. اوچتو هڪ فوجي اهو ئي گانو شروع ڪريو ڇڏي ۽ آهستي آهستي هڪ کانپوءِ ٻيو. سڀ ان سان گڏ اهو گانو ڳائڻ شروع ٿي ويا. شاعري ايتري خوبصورت ۽ اثر انگيز هئي جو منهنجي دل درد سان ڀرجي آئي. فوجي جوان سپاهي جڏهن پنهنجن گهرن، زالن ۽ محبوبائن ۽ پيارن کان وڇڙي اڪيلا ٿيو وڃن، تڏهن انهن تي جذبات ڇا هوندا آهن؟ ڪهڙا ڪهڙا درد انهن جي روح ۾ سمائجيو وڃن، هي نغمو انهيءَ ڪرب جي عڪاسي ٿو ڪري. پراڻي فلمن جي شاعري لازوال هوندي آهي، جنهن کي اڄ به ادب عاليه ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. هن گيت جو هڪ هڪ شعر، موتين ۾ تورڻ لائق آهي. مان ته ٻڌي جهومندي رهيس. فوجي جي دل جي رڙ ڪجهه انهيءَ طرح اڀرندي آهي.
بند ڪمري مين جو خط ميري جلائي هونگي،
ايڪ ايڪ حرف جبين پر اڀر آيا هوگا
ميز سي جب ميري تصوير هٽائي هوگي،
هر طرف مجهه ڪو تڙپتا هوا پايا هوگا
نام پر جب ميري آنسو نڪل آئين هونگي،
سر نه ڪانڌي سي سهيلي کي اٺايا هوگا
سچ ته اهو آهي ته دنيا جو ڪوبه خطو، علائقو، معاشرو هجي، محبت ڪرڻ وارن جي دلين ۾ محبت ۽ وڇڙي ويلن سان ملڻ جي تڙپ، واپس وري وڃڻ جي اميد ڪڏهن به نٿي ختم ٿئي. هر ذي روح، هر جاندار، هر باشعور گهر ئي واپس ورڻ ٿو چاهي. هن خواهش جي باهه جي شعلن کان ڪير به محفوظ نٿو رهي سگهي. گهر هوم سوئيٽ هوم اهڙي جاءِ آهي جتي آسودگي جي ڇت هيٺان محبتن ۽ مسرتن جي مهڪ هوندي آهي، گرم گرم کاڌا رڌبا آهن، پيٽ ڀرجندو آهي ته روح به شانت رهندو آهي، چاهت جي خمار ۾ پر سڪون ننڊ ايندي آهي ته مٺا مٺا خواب به ڪتڪتايون ڪندا آهن. توقع ۽ اميدن جي چمڪ زندگي کي روشن ڪري ٿي ڇڏي. اڪيلي ماڻهوءَ لاءِ تنهائي جي دوزخ پار ڪرڻ هڪ ڏکيو مرحلو هوندو آهي. هندستاني سپاهين جي تنهائين ۽ محبتن جي ڦرجي وڃڻ واري آزار جي جذبن تي فلمايل اهو گانو هڪ ڪلاسڪ جي حيثيت ٿو رکي. انهن کي احساس ٿو ٿئي ته هنن جون محبوبائون سندن ڊگهي جدائي ۾ ڪهڙي ڪهڙي ڪيفيتن مان گذرنديون هونديون، هنن کي ڪيتري مجبوري سان انهن جي يادن کي ذهن مان کروڙي ڪڍڻو پوندو هوندو، ڪيترو نه تڙپنديون هونديون. مون اهو به سوچيو اهڙو فرق ڇو آهي؟ ڇا هند و پاڪ جي عورت مغربي عورت کان مختلف آهي؟ بر صغير پاڪ و هند جي عورت جو مرد جڏهن جنگ تي وڃي ٿو ته هوءَ بيوسي محسوس ڪري ٿي ۽ لڪي لڪي ڳوڙها ڳاڙهڻ کي هي تقدير سمجهي ٿي. وڇوڙي جي باهه ان ڪاٺي مثل بدن کي ساڙيو ڪوئلو ڪريو ڇڏي ۽ پوءِ هڪ ڏينهن هوءَ ڦلهيار بڻجيو وڃي. ڇا هن جي تن ۽ من ۾ جيئري جاڳندي خواهشون ۽ آرزوئون نٿيون پلجن؟ سچ آهي ستي ٿي وڃڻ جي ظالمانه رسمون ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۽ صورت ۾ زنده ئي رهنديون آهن مرن نٿيون، مشرقي عورت اڪيلي ٿيو پوي هن جو مرد هن کان پري هليو وڃي يا گم ٿي وڃي ته هن جي لاءِ وري نئين زندگي جا سڀ دروازا بند سمجهيا ويندا آهن. اهو ئي تصور ڪيو ويندو آهي ته هاڻ هن جون تمام ضرورتون ۽ خواهشون ختم ٿي ويون آهن هن کي عظيم ۽ مهان چئي هن جي ڳچيءَ ۾ عزت و وقار جي گلن جي مالا پوئي دهل وڄائي خوش ٿيندا آهن. معاشري ۽ ٻارن جي ڪري انهن جي خواهشن جو گلو دٻائي، انهن جي قربانين جا مثال پيش ڪيا ويندا آهن ۽ هوءَ جيئري جاڳندي عورت مان هڪ پٿر جي مورت بڻجي وڃي ٿي. ان جي برعڪس مغربي معاشري جي عورت پنهنجي انسان هجڻ جو حق استعمال ٿي ڪري پنهنجي لاءِ نيون خوشيون تلاش ڪرڻ پنهنجو جائز حق سمجهي ٿي. هن جو پري ويندڙ مڙس جڏهن گهر واپس اچي ٿو ته اڪثر ان جي زال همسفر بدلائي چڪي هوندي آهي. ڇو ته ان کان انتظار ۽ اڪيلائين جو ڪشٽ ڪاٽڻ مشڪل ٿيو وڃي هڪ سبب هي به آهي ته مغربي معاشري ۾ مرد عورت جو آزادانه ميل جول جي ڪري نئون ساٿي ڳولڻ ايڏو مشڪل به ڪونه هوندو آهي، پوءِ هوءَ سوچي ٿي ته ڇا جي لاءِ لذت محبت کان پري رهان؟ پري ويندڙ جي واپس اچڻ جي وقت جي ڪابه خبر نه هوندي آهي ۽ صرف خوابن جي سهاري زنده رهي نٿو سگهجي. اها به حقيقت آهي ته زندگي موجوده لمحي سان عبارت آهي ۽ ڪنهن جي انتظار ۾ گهٽجي گهٽجي مرڻ يا مٽيءَ جو بت بڻجي جيئڻ آسان ته ڪونهي؟ ڪير نٿو چاهي ته هن جي مرده تن و روح ۽ زندگي ۾ محبت جي روح ڦوڪجڻ جو عمل جاري ته رهي؟ هن خوبصورت تجربي جي سرشاري جي لذت کان ڪنهن کي انڪار ٿي سگهي ٿو؟ ان جو مطلب ته اهو ٿيو ته وفا جي روايت انساني حياتيون، خواهشات ۽ ضروريات جي پورائي تشفي به تهذيب و تمدن جي قانون جي تابع هوندي آهي. ڪيترا ڀيرا انسان ۽ خاص طور اسان جي معاشري جي عورتن کي خلاف فطرت، طرز زندگي اختيار ڪرڻي ٿي پوي، اهي اهو عذاب برداشت ته ڪن ٿيون، پر انهيءَ سان سندن پنهنجي ذات جي تڪميل جو ڪم ته اڌورو رهجيو وڃي. گهٽ ٿيندي ٿيندي صديون لڳي وينديون. انسان ته حسيات جو مرقعو هوندو آهي. عورت انسان آهي، ڦلهيار ٿيڻ جو هنر ڄاڻي ٿي. مگر ڇا ڦلهيار ۾ چڻنگ لڪل ڪونه هوندي آهي؟ مشرقي معاشرو ۽ تهذيبون اڪيلي عورت کي رک جي ڍير سمجهي فراموش ڪريو ڇڏين. مگر عورت ته سرشار جذبن جو ٻرندڙ روشن ديپ آهي. هن جا ڪن پيار جا رسيلا ٻول ٻڌڻ لاءِ ۽ دل پيار جا خزانه پنهنجي اندر لڪائي ڇڏڻ لاءِ هميشه تيار هوندي آهي، اها ئي هن جي فطرت ۽ جبلت جي تقاضا آهي.
منهنجي فزيو ٿراپي جا سيشن مڪمل ٿي رهيا آهن، هاڻي مان به گهر واپس وڃڻ جا خواب ڏسڻ ۽ ڏينهن ڳڻڻ ۾ لڳي پئي آهيان. بروس ڪيترا ڏينهن مون کي ڏسڻ ۾ ڪونه آيو هو. مون سمجهيو شايد هن کي موڪل ملي وئي ۽ هو گهر هليو ويو هجي هڪ ڏينهن اوچتو مون هن کي منڊڪائيندي ڪاريڊور مان گذرندي ڏٺو. هيلو بروس مان هن جي ويجهو هلي ويس، ”ڪيئن آهيو؟“ ”اوه هيلو پاڪستاني، تون ٻڌائي ڪڏهن پئي گهر وڃين؟“ هن الٽو مون کان سوال ڪيو، ”مان جلدي هلي وينديس،“ مون هن کي جلدي ۾ جواب ڏيندي پڇيو، ”ڪيترن ڏينهن کان توهان ڏسڻ ۾ ڪونه آيا؟“ ”پير جي آڱر جي سرجري ٿي هئي نه ته ان جي ڪري نظر ڪونه آيس.“ ”اڇا، مون کي ٻڌي افسوس ٿيو،“ مون چيو، ”ها ليڪن هاڻ مان ٺيڪ پيو محسوس ڪريان ۽ خوشيءَ جي خبر ته اها آهي جو اڄ مان گهر پيو وڃان، هوم سوئيٽ هوم، گهر پيارو گهر.“ هن پنهنجي ٻٽيهي جي نمائش ڪندي خوشيءَ سان چيو. ”اڇا مبارڪ هجي، هيءَ ته واقعي خوشيءَ جي ڳالهه آهي،“ مون کلندي چيو. ”بس هاڻ ٿوري دير ۾ منهنجي ڀيڻ ۽ ان جو پٽ ايندا ۽ مون کي منهنجي گهر ڇڏيندا، مان ته ڏاڍو بيچين آهيان پنهنجي گهر وڃڻ لاءِ.“ هن جذباتي ٿيندي چيو. ”گهر ۾ ڪير هوندو توهان سان گڏ؟ منهنجو مطلب آهي؟“ مون ڳالهه اڌوري ڇڏي ڏني. ”ها ها هوءَ منهنجو انتظار ڪري رهي هوندي،“ هن مسڪرائيندي چيو. ”اڇا ڪير؟“ مان بروس جي خوشي ڏسي خوش ٿي ويس. ”منهنجي ٻلي ڏاڍي اداس ٿيو وڃي مون کانسواءِ، سچي،“ بروس جي لهجي ۾ دنيا جو پيار لهي آيو هو.“ ”اوڪي باءِ، توسان ملي سٺو لڳو.“ هو هٿ لوڏيندو آهستي آهستي قدم کڻندو ڪاريڊور مان دور ويندي نظر آيو ۽ ڪجهه دير بعد منهنجي اکين کان غائب ٿي ويو.
***