مزمل سائر ڇهين سالگره جي موقعي تي ميگزين بابت تاثرات
همسري: سماج ۾ هن وقت مئگزينن جي يا اِي-مئگزينن جي ڪهڙي اهميت آهي ۽ اهي ڪهڙو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن؟
مزمل سائر: ٻنهي اندر اهميت ان ليک جي آهي، ان اخبار يا ڪتاب جيان جيڪو سالن کان لکيو پيو هجي. مئگزين جيئن ته هڪ مخصوص فارميٽ آهي ڪنهن ليک جو. جيئن ته مئگزين اخبار ناهي ان ڪري ان تي محدود فوڪس رکي سگهجي ٿو. ڇو ته اهو ڪو ڪتاب ناهي، پر مئگزين اخبار وانگر آهي ڇو ته ان ۾ شاعري به آهي، آرٽ به آهي، ڪلچر به آهي، مضمون آهن، ڪهاڻيون آهن. ان ذريعي سماج سان لاڳاپو رکي سگهجي ٿو، مئگزين سماج جي لاءِ هڪ آئيني وانگر آهي، سماج ان ۾ پنهنجو عڪس ڏسي سگهي ٿو. مئگزين پنهنجي شايع ڪندڙ اداري ۽ پڙهندڙن جي وچ ۾ رابطي جو ڪم ڪري ٿو انهن کي ڳنڍي ٿو. ان جو سماج تي اثر به آهي جيڪڏهن توهان ان کي Art for life sake جي طور تي پيش ڪندا ته اهو توهان جي زندگيءَ ۾ انقلاب يا تبديلي يا توهان کي زندگيءَ کي نئين انداز سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو رنگ ڏيکاري ٿو. جيڪڏهن Art for art آهي ته اهو توهان کي جمالياتي حِس ۽ esthetic sense ۽ خوبصورتيءَ جو نئون جهان مهيا ڪري ٿو. اڄڪلهه سڄي دنيا ۾ Edition based جيڪي به مئگزين رهيا آهن سڀني جو زوال آهي، جيئن Paris Review ۽ ٻيا ڪيترائي مئگزين آهن انهن جي وڪري ۾ ڪمي آئي آهي. ڇو ته اهي ڪنهن به هڪ theme کي کڻي ان تي مضمون، شاعري ۽ ٻيون شيون شايع ڪندا هئا. انهن سڀني کي ملائي هڪ مئگزين ڪڍندا هئا يا ڪڍندا آهن. ان قسم جو مئگزين شايع ڪرڻ ڪجهه مهانگو ٿيو پوي. اڄڪلهه جي دور ۾ گهڻا ڊگها ليک به پسند نٿا ڪيا وڃن. ان جي جاءِ تي اڄڪلهه مسلسل پبلشنگ جو تصور اڀري آيو آهي ۽ اهو تصور ئي E-publishing آهي جنهن کي ڊجيٽل پبلشنگ چئون ٿا. اها اصل ۾ ان پراڻي پبليڪيشن واري تصور جي Digitization آهي، هاڻي مستقبل اِي پبلشنگ جو آهي يا ڊجيٽل پبلشنگ جو آهي جنهن ۾ مسلسل هڪ تسلسل سان پبلشنگ آهي. ايئن ناهي ته توهان هڪ ٿيم جي لاءِ هڪ يا ٻه مهينا ويهي انتظار ڪريو. جنهن وقت به جيڪو آرٽيڪل لڳل آهي ان کي اوڏيءَ مهل پنهنجي آن لائين مئگزين تي ڇاپي ڇڏيو. ان ۾ هڪ ڳالهه ته ماڻهن کي انتظار نٿو ڪرڻو پوي بلڪه جلدي معلومات جي فراهمي ٿئي ٿي. جيئن توهان وٽ گوگل ۽ ياهو سرچ آهن يا ٻيا سرچ انجن آهن اهي توهان جي مواد کي جلد ئي کڻي ٿا وٺن ۽ ڪلاڪن جي اندر توهان جو مواد سڄي دنيا تائين پهچائين ٿا ته پوءِ ايڊيشن بيسڊ مواد جو انتظار ڇو ڪجي. ٻنهي طرح جي مئگزينن جو ڪردار ته ساڳيو ئي آهي، پر ان جا انداز (dynamics) مختلف ٿي ويا آهن. شيون مختصر صورت ۾ ملن ٿيون، Varity آهي. توهان هڪ ٻوليءَ جو استعمال ڪري محدود نٿا رهو، مختلف Automated ايپس جي ذريعي ان مواد کي ڪيترين ئي زبانن ۾ ترجمو ڪري سگهو ٿا. توهان پنهنجي پڙهندڙن جو دائرو وڌائي سگهو ٿا. توهان جيڪو چوڻ چاهيو ٿا ان کي ٻڌڻ وارن جو انگ وڏو آهي ان کي اڃان وڌائي سگهو ٿا. انهن پڙهندڙن تائين پهچڻ لاءِ مختلف حڪمتِ عمليون جوڙي اهو ڪم آسانيءَ سان ڪري سگهجي ٿو. هن وقت به دنيا ۾ اِي-مئگزينن جي تمام گهڻي اهميت آهي. جيڪڏهن توهان Watch Tower ايڊيشن پبلشنگ ۾ ڏسو ته دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ پڙهيو ويندڙ مئگزين آهي جنهن جون چار ڪروڙ ڪاپيون اڃان به هر مهيني پرنٽ ۾ اچن ٿيون، مان average جي ڳالهه ٿو ڪريان، پر اها صورتحال تمام rare آهي. ان جي باوجود به اِي-پبليڪيشن اِي-مارڪيٽنگ خاص طور مئگزينن جي حوالي سان ڳالهه ڪجي ته ان جو اسڪوپ تمام وڌندو پيو وڃي ۽ اهو توهان جي موبائل بيسڊ ٽيڪنالاجيءَ تي پيو هلي. توهان وٽ آئي پيڊ هجي يا سٺو موبائل هجي ته توهان آن لائين مئگزينن تائين رسائي حاصل ڪري سگهو ٿا.
همسري: ڇا اڳتي هلي همسري مئگزين سوشل ميڊيا تي پنهنجي جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيندو؟
مزمل سائر: بلڪل ٺاهيندو، هينئر به ٺهيل آهي، پر ٿوري گهٽ آهي، پر اڳتي هلي وڌي ويندي. ڪجهه عرصي تائين ماڻهو اهو سمجهندا رهيا ته توهان جيڪڏهن پرنٽ Version کي PDF جي فارميٽ ۾ ٺاهي رکو ٿا ته اهو به اِي-پبلشنگ آهي، پر ان تصور کي اسٽينڊرڊ مئگزين رد ڪن ٿا. انهن جي چوڻ مطابق اها ڊجيٽل يا اِي-پبلشنگ ناهي. اِي-پبلشنگ interactive هوندي آهي. پڙهندڙ کي ان ڳالهه جو موقعو مليل هوندو آهي ته اهو پنهنجا رايا ڏيئي سگهي، ڪو ڪمينٽ ڪري سگهي يا وري ڪا وڊيو، ٽيڪسٽ، پڪچر، گراف ان باڪس ۾ اماڻي سگهي ۽ محسوس ڪري ته اهو پڙهندڙ به ان شيءِ جو حصو آهي. همسريءَ ۾ مون کي interactive element نظر اچي ٿو ۽ ان جو اثر به اهم آهي، پر جيئن ته ان کي وڌائڻ لاءِ توهان وٽ اڃان به Space آهي ان کي اڃان وڌيڪ ڊائينامڪ ۽ انٽر ايڪٽو ٺاهي سگهجي ٿو. 2007 ۾ مون هڪ ڪتاب پڙهيو هو جنهن جو نالو ياد نه پيو اچي ان ۾ لکيل هو ته 2022 ۾ آن لائين پبليڪيشن انڊسٽري جو سراسي حصو 30 سيڪڙو هوندو، 2032 ۾ اهو 75 سيڪڙو کان به مٿي هليو ويندو اڃان 2021 پيو هلي، پر توهان ڏسو ته اِي-پبليڪيشن وڌي پئي. جيڪڏهن توهان همسريءَ کي به ڏسو ته اهو ان Upward Trend جو حصو آهي. همسريءَ جا ڪافي فالوور آهن. توهان سوشل ميڊيا تي آهيو ماڻهو توهان کي سڃاڻن ٿا. اهو چئي سگهجي ٿو ته ڪجهه سالن اندر توهان جي مئگزين جو گراف مٿي ويندو ڇو ته توهان PDF تي همسري جي ڪاپي نٿا رکو بلڪه توهان ان کي انٽر ايڪٽو ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو پيا ۽ سوشل ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمن تان توهان مئگزين کي ماڻهن تائين پهچائي سگهو ٿا. ٻين سوشل ميڊيا گروپن ۽ پيجز سان جڏهن توهان همسري کي لنڪ ڪندا ته ان جو اسڪوپ اڃان وڌندو. مستقبل ۾ همسري جي نالي سان ڪا ايپ به ٺاهي سگهو ٿا. يوٽيوب تي توهان جا وائس اوور جي صورت ۾ جيڪي پروگرام هلن ٿا توهان جا پنهنجا اسپيڪر به اهو ڪم ڪري سگهن ٿا بلڪه منهنجو خيال آهي ته توهان پنهنجي audience کي به آفر ڪريو ته ڪو شاعر توهان کي پنهنجي آواز ۾ پنهنجي وڊيو ٺاهي موڪلي ۽ توهان ان کي پنهنجي چينل تي شايع ڪريو جيڪو Cost effective رهندو. مستقبل ۾ توهان کي آئي پيڊ جا جيڪي E-apps آهن يا فارميٽ آهن ۽ گلوبل آن لائين ايپس جي ذريعي توهان انهن جو به استعمال ڪريو توهان جو مئگزين Upward momentum وٺندو ۽ يقينن وڌندو ويجهندو. همسريءَ جي ٽيم خاص ڪري ٽيم جي اڳواڻ زاهده ابڙو تمام گهڻي مستقل مزاج آهي، شين تان هٿ کڻڻ واري ناهي ۽ حقيقي منظم انداز سان ڪم ڪري رهي آهي ۽ تمام گهڻي محنت سان اڳتي وڌي رهي آهي، مون کي يقين آهي ته سندس سرواڻيءَ ۾ هي مئگزين اڳتي نڪرڻ وارو آهي.
همسري: همسريءَ جي ڇهن سالن جي سفر کي ڪيئن ٿا ڏسو؟
مزمل سائر: مون کي پهرين خبر نه هئي ته همسريءَ کي ڇهه سال ٿي چڪا آهن، پر منهنجي شناسائي همسريءَ سان ڏيڍ سال کان ٿي آهي ۽ سچ ته ان جواب ڏيڻ لاءِ مون آن لائين مختلف مئگزينن کي آرڪائيوز ۾ وڃي ڏٺو. انهن کي ڏسڻ سان اهو اندازو ٿيو ته جيستائين همسري پرنٽ ٿي هارڊ ڪاپي ۾ اچي رهيو هو تيستائين آن لائين Space کي صرف توهان Average اسپيڊ سان استعمال ٿي ڪيو. ان وقت ۾ توهان جي ويب سائيٽ ايتري انٽر ايڪٽو به نه هئي هاڻي باقائده انٽر ايڪٽو آهي. ان ۾ اڃان به اضافو ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو room موجود آهي. وقت سان گڏوگڏ مئگزين جي مواد جي معيار ۾ به اضافو ٿيو آهي. شايد شروع واري حصي ۾ توهان مئگزين کي اوپن ڪرڻ لاءِ هر ماڻهو کي موقعو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هجي، جنهن ۾ مختلف ليکڪ، ڪهاڻيڪار، شاعر توهان کي مواد ڏيندا رهيا ۽ توهان انهن کي جاءِ ڏني ۽ شايد ڪنهن کي رد نه ڪيو ۽ ڪنهن جي دل ٽوڙڻ نٿي چاهي. هاڻي لڳي ٿو ته توهان مواد جي چونڊ ۾ ٿورا Selective ٿيا آهيو، پهرين جي مقابلي ۾ هن وقت مواد بهتر آهي. جيئن توهان جو آن لائين پبلشنگ تي Focus وڌيو آهي ته ان ۾ توهان interactive به آهيو، جمالياتي طرف کي به نظر ۾ رکو ٿا ۽ وڌيڪ تخليقي سگهه کي استعمال ڪريو ٿا. ٻيون شيون جيڪي توهان مئگزين ۾ ڪريو پيا اهي تمام بهترين آهن. توهان جو آن لائين پيج انٽر ايڪٽو لڳي ٿو، پر توهان جي مئگزين واري پاسي کي ڏسجي ته اهو اڃان ايترو انٽر ايڪٽو ڪونهي. مثال طور: ڪا ڪهاڻي آهي يا ڪو انٽرويو آهي ته ان کي جڏهن کولجي ٿو ته اهو PDF واري فارميٽ ۾ کلي ٿو، اهو ايئن نه هجڻ گهرجي اهو باقائده هڪ ڌار حيثيت ۾ کلڻ گهرجي جنهن ۾ هيٺ سوال هجن ماڻهو ان جا جواب ڏيئي سگهن. توهان جو پيج انٽر ايڪٽو آهي ۽ جيڪا سٺي ڳالهه آهي، توهان ويب سائيٽ کي اڃان به وڌيڪ بهتر ڪري سگهو ٿا. مان سمجهان ٿو ته توهان جي همسري جو آن لائين ارتقائي سفر اڳتي وڌي پيو جيڪو شايد ڪورونا جي ڪري شروع ٿيو آهي. ڇو ته توهان سڄو فوڪس ان تي ئي رکيو آهي ۽ ان ۾ بهتري آئي آهي، پر وري به ايئن چوندس ته اڃان به توهان جي مئگزين کي وڌڻ ويجهڻ لاءِ تمام گهڻو ميدان مليل آهي ۽ ان کي توهان کي والارڻو آهي.
همسري: پڙهندڙن لاءِ ڪو پيغام؟
مزمل سائر: رابندر ناٿ ٽئگور چيو تهWorld is one but different for everyone سو جڏهن توهان ڪو جملو چئو ٿا ته ان جون هزارين معنائون نڪرن ٿيون، سو اهو پڙهندڙن لاءِ پيغام ڪونهي. اهو هڪ پيغام آهي جنهن کي پنهنجي ڪا راءِ چئو يا خيال پيش ڪريون ٿا پوءِ دنيا ان کي پنهنجي ڪنهن نظم يا ڪنهن تصوير يا ڪا صورت يا ڪو پرتوو ٺاهي ٿي وٺي ته ڏاڍو سٺو. همسري مئگزين جي حوالي سان ذاتي طور چوندس ته مون کي سنڌيءَ ۾ هن وقت ٻيو ڪوبه مئگزين ايترو Prominent نظر نٿو اچي، جنهن کي معمول مطابق ڏسندو هجان يا منهنجي نظر مان روزاني جي بنياد تي گذرندو هجي. ممڪن آهي انهن جي مارڪيٽنگ صحيح نه هجي، پر همسري روز اکين اڳيان ايندو ٿو رهي ۽ ٻيو ته ان ۾ Variety آهي ان ۾ سياسي سماجي آرٽيڪل آهن ته انٽرويو آهن، ان ۾ ڪهاڻيون به آهن، ان ۾ سماجي مسئلن تي لکيو ٿو وڃي، ان جا ايڊيٽوريل به ڏاڍا وقتائتن موضوعن تي لکيل هوندا آهن. جيڪڏهن هڪ اهڙو سٺو مئگزين جيڪو آن لائين پنهنجي جاءِ ٺاهي چڪو آهي ان کي پڙهندڙن کي بلڪل به miss نه ڪرڻ گهرجي، سنڌي مئگزينن ۾ سڀني کان منفرد ۽ پاڻ ڏانهن توجهه ڇڪرائيندڙ آهي. جنهن ۾ تمام سٺو مواد موجود آهي، جنهن ۾ مختلف لکندڙ پنهنجو حصو وجهن ٿا. باقي جڏهن توهان پڙهندڙ پنهنجي هن مئگزين کي اهميت ڏيندا ته مقابلي واري فضا قائم ٿيندي ۽ ٻيا به اِي-مئگزين سامهون ايندا.
***