مسڪان آغا ظفر Sep 2020
آئون اسڪوٽر تي چڙهيو ويس پِئي، هُن تي نظر پيم، هوءَ گھِٽيءَ جي گَھَٽ وٽان روڊ ڏانهن اچي رهي هئي. مون کي ڏسندي ئي اکين سان بيهڻ جو اشارو ڪيائين مون بائيڪ جون ٻئي بريڪون ڇڪيون، بائيڪ بيٺي ته هوءَ مون ڏانهن وڌي آئي.
“توکي ڏسندي آهيان ته ڄڻ پير پٿرائجي ويندا اٿم،” خبر ناهي ڇو.. توکي ڏسندي ئي مون کي ڄڻ بريڪ لڳي ويندي آهي، دل چوندي آهي توسان ڳالهيون ڪريان. هُن چيو. سندس لھجي ۾ هڪ دلاويز پنهنجائپ هئي.
مسڪان سان منهنجي سڃاڻپ گھڻي پراڻي ڪانهي. ساڻس پھرين ملاقات منهنجي ئي آفيس ۾ ٿي هئي. جڏهن ڪنهن ڪم سانگي هوءَ اسان جي باس عظمت صاحب سان ملڻ آئي هئي. هوءَ ٻاهر رسيپشن تي ٿورڙي دير ترسي هئي. رسپشنسٽ جي سامهون منهنجي ڪرسي ٽيبل، ساڄي پاسي کان ٻه ٻيا ڪلارڪ ۽ کاٻي پاسي مهمانن جي انتظار گاھ طور صوفا رکيل آهن. عظمت صاحب سان ملاقات لاءِ ضروري هو ته پھرين سيڪريٽريءَ سان ملجي، هوءَ انٽر ڪام تي کانئس اجازت وٺي پوءِ ئي ملڻ وارن کي اندر وڃڻ لاءِ ڇڏيندي هئي، سو هوءَ ٿوري دير اتي ويٺي هئي. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي صوفا تي ويٺي انتظار ڪندي هُن تکيرين نگاهن سان مون ڏي ڏٺو ٿِي. الائي ڇو، هن غير متوقع طور منهنجي تعريف ڪئي هئي، اهو چئي ته:
“ڪافي هئنڊسم ٿا ڏسجو.” جواب ۾ آئون صرف مرڪي ئي سگھيو هئس.
مسڪان پنهنجي ڍنگ رنگ مان وچولي طبقي جي هڪ بيباڪ فيشن ايبل ڇوڪري لڳندي آهي. سندس حُسن ۽ سوڀيا بابت زمين آسمان جا قلابا کڻي نه به ملائجن تڏهن به اهو دعويٰ سان چئي سگھجي ٿو ته هوءَ هڪ اهڙي قبول صورت ڇوڪري آهي جنهن جو سنهڙو بُت، سهڻي کَڙي هاٺي، پورو قد، ڪڻڪائون رنگ ۽ ڪاريون وڏيون اکيون مٿان وري کليل ڊگھا وار سولائيءَ سان نظر انداز ڪرڻ جوڳا ڪونه آهن.
۽ ٻيو ڀيرو جڏهن هوءَ اسان جي آفيس آئي هئي، (صاحب هفتو کن رکي کيس ٻيهر اچڻ لاءِ چيو هو، تڏهن ٻه چار جملا ڳالهائيندي مون کان منهنجو نالو پڇيو هئائين ۽ منهنجو سيل نمبر گھُري مون کي ٿورو حيران ڪري ڇڏيو هئائين. جواب ۾ اخلاقن مون کي به سندس فون نمبر وٺڻ يا پڇڻ کپندو هو، پر آئون ائين ڪري نه سگھيو هئس.
ان کانپوءِ هڪ ڏينهن سيل تي ڳالھائيندي کِلي، آفر ڏيندي چيو هئائين، “مون سان گڏ چانھ پيئڻ چاهين ته آئون ريسٽورينٽ تي انتظار ڪيانءِ.” مون بهانو ڪيو هو بابا سائينءَ جي ڳوٺان اچڻ جي ڳالھ ڪري، شايد منهنجي ڇِرڪڻ جو هڪ سبب اهو به هو جو خود مون کي حيدرآباد آئي، رهندي، اڃا ڪي ٿورا ڏينهن ٿيا هئا. ماحول کي سمجھڻ ۽ ان ۾ ائڊجسٽ ٿيڻ ۾ ڪجھ وقت ته لڳي ٿو..نه؟..
تنهن ڏينهن وري ايئن راھ ويندي اکين سان روڪي مون کي ڪجھ وڌيڪ حيران ڪري ڇڏيو هئائين.
“توکي ڏسندي ئي منهنجا پير پٿرائجي ويندا آهن.” سندس پھريون جملو ئي حيران ڪندڙ هو.
شايد منهنجي حيرانيءَ کي سمجھي ويئي هئي.
“الا” يقين ڏيارندي چيو هئائين، اهو چوندي چپن سان گڏ سندس نيڻ به مُرڪي پيا هئا.
“خبر ناهي ڇو…؟ ” هُن ڳالهائڻ شروع ڪيو “خبر ناهي ڇو.. توکي ڏسندي ئي مون کي ڄڻ بريڪ لڳي ويندي آهي، دل چوندي آهي توسان ڳالهيون ڪريان.” مون اوسي پاسي نهاريو، ايندڙ ويندڙ ماڻهو به اسان ڏانهن نهاريندا ويا ٿِي.
“ ها.. پرمنهنجو…” مون کي جملو پورو ڪرڻ ڪونه ڏنائين.
“ منهنجو وري.. ڇا.. مون کي لڳندو آ ته جيئن تون منهنجو پنهنجو هجين. ”
“جي.. ؟؟؟!!” آئون سچي به حيران ٿي ويو هئس.
“پر ڪڏهن ايئن به لڳندو آهي ته تون ڪنهن جو به نه آهين، نه منهنجو نه پنهنجو..” هن هلڪو ٽهڪ ڏيندي چيو.
“مطلب!!؟” مون تي حيرانيءَ جون ڄڻ ته ويرون وري ويون هيون.
“مطلب، اهو ته چانھ جي دعوت ڏنم ته نٽائي وئين، اڄ وري…” هن جملو اڌ ۾ ڇڏي اکيون ڇنڀندي جُوھ وجھي مون ۾ نهاري چيو، “ڪي ايف سي پري ته ڪونهي، هلين ته حاضر آهيان.”
“ڪڏهن ٻئي واري” مون سندس اکين مان اکيون هٽائيندي چيو، “ڪم ٻڌاءِ، جنهن لاءِ بيهاريو اٿئي.”
“چيم نه.. توکي ڏسندي آهيان ته ڄڻ پير پٿرائجي ويندا اٿم، دل چوندي آهي، توسان ڳالهيون ڪريان.” سندس لهجي ۾ بيحد پنهجائپ هئي. مون به مروت کان ڪم وٺندي پنهنجائپ واري لهجي ۾ چيو، “پاڻ رستي تي بيٺا آهيون، هر ڪو واٽهڙو اسان ڏي تڪيندو لنگھي ٿو وڃي، سٺو ڪونه ٿو لڳي…”
“تنهنڪري ته چوانءِ ٿي، ڪي ايف سي پري ڪونهي.”
“نه…” ٺھ پھ وراڻيم.
“ڇو.؟”، هن به ساڳيءَ طور پڇيو.
“ڇو ته هينئر مون کي هڪ ٻيو ضروري ڪم آهي.” چيم
“ اوهه… آئي.. سي …. مون کي خبر آهي”
“جيءُ.. ؟!!”
“منهنجو اهو مطلب نه هو… مطلب آئون ڄاڻان ٿي ته تون تمام مصروف ماڻهو آهين.. پر ماڻهوءَ کي ڪڏهن دوستن لاءِ به وقت ڪڍڻ گھرجي.”
مون سندس سوال جواب ڏيڻ بجاءِ غير ارادي طور سندس مُنهن ۾ تڪيو ۽ ٻيءَ ساعت نظرون هٽائي ڇڏيون.
“آئون توسان گڏ چڙهان ٿي، مون کي منهنجي منزل تي ڇڏيندو پوءِ ڀلي ڪيڏانهن وڃج. “نهايت هجت منجھان چيائين. خبر ناهي سندس انهيءَ فرمائش کي آئون ڇو ڪونه ٽاري سگھيس.
“ڊڄين ٿو..؟”.. بنا پڇڻ ڳُڇڻ، بائيڪ تي ويهندي پڇيائين.
“نه…نه..” مون گھٻرائيندي چيو.
“پوءِ پريشان ڇو آهين؟.. گھٻرائڻ ته مون کي گھرجي”
“شايد..” چيم.
“ڇا شايد؟ ” چڀندڙ لهجي ۾ پڇيائين.
“شايد ها.. شايد.. نه” مون کي جواب سُجھيو ئي نٿي. هن ٽهڪ ڏنو، لڳم ڄڻ سندس ٽهڪ سان گڏ سڄي سرشٽيءَ جا سڀ ٽاڻا ٽهڪڻ لڳا هئا.
تنهن کانپوءِ آئون چپ رهيس. هوءَ ڳالهائيندي رهي، ڪجھ پنهنجي باري ۾ ڪجھ سندس گھر وارن بابت، جن مان گھڻيون ڳالهيون مون کي ان لاءِ به نه سُئيون جو واءَ جي اُبتي وَهڪ سبب سندس سنهڙو آواز منهنجي ڪنن تي مڙئي گھٽِ ٿئي پيو. شايد مون پاران ڪوبه جواب نه ملڻ تي هوءَ به چُپ ٿي ويئي. ڪجھ دير ايئن ئي خاموشي رهي.
“هيڏانهن هيڏانهن.. هِن گھٽيءَ ۾” هُن اوچتو ڳالهايو.
پر تنهنجو گھر ته.. تو ٻڌايو هو….
“ها.. هيڏانهن منهنجي آنٽيءَ جو گھر آهي،”
مون گاڏي ڦيرائي، ٻه ڇوڪرا گھِٽيءَ جي گھيڙ وٽ ئي بيٺا هئا، وڏي غور ۽ واسنا ڀرئين نظرن سا چُڀندڙ لهجي ۾ منجھائن هڪڙي فڪرو هنيو،
“ ڪنچو آهي استاد، ”
هلڪو ٽهڪ…
مون کي سندن اها حرڪت نه وڻي،
“هي سنڌي ماڻهو به عجيب آهن، ڪنهن حسين ڇوڪريءَ کي ڏسندا ته ايئن تجسس مان نهاريندا ڄڻ ڪا ڌرتيءَ ڌاري مخلوق پهريون ڀيرو زمين تي ڏٺي هجينِ.”
“ڪمال آهي، مرد هوندي به ايئن ٿو سوچين؟ ”
مون رڳو ڪنڌ ورائي ڏانهنس نهارڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي.
“ساڄي پاسي… ساڄي پاسي.” هُن مون کي رستو ڏَسيندي موبائل فون تان ڪو نمبر گھمايو. مون گاڏي اوڏانهن ڇِڪي.
“بس..بس اتي ئي” هڪ بنگلي نما گھر آڏو اشارو ڪندي چيائين، جتي هڪ نوجوان گھر جي گيٽ وٽان بيٺو هو. نوجوان پنهنجي هاٺي ڪاٺيءَ مان گهريلو ملازم ٿي ڏٺو. هوءَ انهيءَ نوجوان طرف وڌي ۽ مون گاڏيءَ کي گيئر هڻي اڳتي ڌڪيو.
ٻئي ڏينهن آئون شهر جي مکيه چوڪ وٽان ڪنهن ڇاپرا هوٽل جي هڪ خالي پيل ميز ڪرسيءَ تي وڃي ويٺس، پنهنجي هڪ دوست جي انتظار سبب آرڊر ڏيڻ بجاءِ بيري کي چيم،
“ڪجھ دوست اچڻا آهن” هو ڪنڌ ڌوڻي هليو ويو.
منهنجي ڀر واريءَ ٽيبل تي چار ڇوڪرا اچي ويٺا، منجھن اهو نوجوان به هو جيڪو ڪالھ گھر جي انهيءَ گيٽ وٽ بيٺو هو جتي مسڪان کي ڇڏيو هئم. هُن گھڙيءَ گھڙيءَ مون ڏانهن نهاريو پئي. سندس ايئن نهارڻ سان مون کي عجيب قسم جي ڦڪائي پئي محسوس ٿي.
“تون ايئن گھڙيءَ گھڙيءَ هوڏانهن ڇو پيو نهارين؟” منجهائن هڪ کانئس پڇيو، نوجوان مون ڏانهن اشارو ڪندي چيو،
“ڪالھ عظمت صاحب جيڪا ڪال گرل گھُرائي هئي انهيءَ جو دلال اهو اٿوَ.”
***