مشرق منهنجي لاءِ سڀ ڪجھه آهي

الطاف شيخ جو سفر نامو

خبرون کيڙائن جون

مشرق منهنجي لاءِ سڀ ڪجھه آهي

الطاف شيخ

ملائيشيا جي شهر ڪوالالمپور ۾ هڪ ڏينهن ٽاڪ منجھند جو اوچتو هڪ انگريز “ليڊيءَ” سان ملاقات ٿي. ڪوالالمپور ۾ سير سپاٽي لاءِ آيل ڪيترائي انگريز نظر اچن ٿا، پر ڏُور اوڀر جي هن ملڪ ملائيشيا تان “پنهنجو اباڻو ملڪ انگلينڊ قربان ڪندڙ هيءَ پهرين  “مئڊم” ملي جيڪا ڪڏهوڪو هتي جي ٿي ويٺي آهي. ائين به نه آهي ته ڪو سندس مڙس هتي جو ملئي آهي جنهن ڪارڻ هن انگلينڊ کي ڇڏي ملائيشيا کي پنهنجو وطن بڻايو. سندس مڙس به هن جهڙو نج انگريز هو. (هو ڪجھه سال اڳ گذاري ويو) جنهن کي پاڻ چوٿون صدي سالَ اڳ ڇڪي هتي وٺي آئي هئي ۽ هاڻ هن ٽراپيڪل، ٻارهوئي گرم ملڪ ۾ هلي ٿي ته پگھر وڃيو کڙيون کڻيس. ان هوندي به هوءَ هتي جي ملڪ، ماڻهن، ماحول ۽ موسم مان خوش آهي.

آئون هيڪاندو وائڙو ٿي ويس ۽ هوءَ مون کي بيحد نرالي ۽ دلچسپ شخصيت لڳي، جڏهن هن پاڪستان جي ڪيترن ئي پراڻن فوجي آفيسرن، سياستدانن ۽ اهم شخصيتن جي خبر چار پڇي جن مان ڪيترن کي مون ئي نٿي سڃاتو.

“ڇا توهان پاڪستان ۾ به رهيون آهيو؟” مون پڇيو مانس.

“آئون پاڪستان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ رهي آهيان، پر ان وقت جڏهن اڃا ننڍي کنڊ جو ورهاڱو نه ٿيو هو ۽ اهو يڪو برٽش انڊيا سڏبو هو.”

“توهان جي قوميت ڇا آهي؟”

“آئون ملائيشين آهيان. 1952ع کان جڏهن آئون 30 سالن جي هيس هتي ملائيشيا ۾ رهان ٿي ۽ هتي جو ئي پاسپورٽ اٿم. منهنجا ماءُ پيءُ ضرور انگلينڊ جا هئا، پر آئون هن ملڪ کي پنهنجو وطن سمجھان ٿي.”

تنهنجي معنيٰ ته هيءَ مئڊم داتن پيگي ٽيلر، 1923ع ڌاري ڄائي ۽ هن وقت ڇاهٺ سالن جي ٿيندي- مون دل ئي دل ۾ سندس عمر جو حساب ڪري سندس صحت ۽ ڦڙتائي جو کيس داد ڏنو.

کلندي وراڻيائين:  “گھڻو مٺاڻ کائڻ ڪري هاڻ ٿلهي ٿي پئي آهيان، نه ته ڪجھه سال اڳ تائين ته پاڻ کي بنهه سنهو رکندي آيس.”

مون کانئس انگلينڊ ۾ گذاريل ننڍپڻ جي ڏينهن جو پڇيو:

“منهنجو ننڍپڻ انگلينڊ جي شهرن ۾ نه پر ايشيا ۽ هن ڏُور اوڀر جي گھٽين ۾ گذريو”، هن وري زور زور سان کليو، ۽ پوءِ سگريٽ جو ڪش هڻي چيو، “آئون برما ۾ ڄايس ۽ اتي ئي شروع جي تعليم حاصل ڪيم.”

ان ڏينهن داتن پيگي سان وڌيڪ خبر چار ٿي نه سگھي. هن تي ڪجھه لکڻ لاءِ هڪ دفعو وري ساڻس مليس. تيسين مون کي خبر پئي ته هو واقعي نه فقط ملائيشيا پر برما، سنگاپور ۽ ننڍي کنڊ جي هڪ اهم ۽ رنگين شخصيت آهي. هوءَ سياست ۾ به رهي آهي ته فوج جي آفيسر پڻ. هن کي آرٽ سان به دلچسپي آهي ته خدمت خلق جهڙي نيڪ ڪم سان به.

ملائيشيا ۾ داتن (Datin) ان عورت کي سڏبو آهي جنهن جي مڙس کي داتڪ(Datuk) جو خطاب مليل هجي. اهو خطاب ڪنهن اهم ڪم يا ملڪ جي خدمت ڪرڻ جي اجوري ۾ ملڪ جي بادشاهه يا ڪنهن به رياست جي سلطان طرفان ملندو آهي. اهو ائين آهي جيئن ڪنهن زماني ۾ انگريز بادشاهه کان ننڍي کنڊ جي هندن مسلمانن کي راءِ بهادر يا خان بهادر جهڙو خطاب ملندو هو.

گذريل هفتي عيد جون موڪلون هيون. سو پنهنجي شهر ملاڪا کان هلي ملي ڪوالالمپور ساڻس ملڻ ويس. پاڻ ائمپنگ روڊ تي هڪ پراڻي انگلش نموني جي گھر ۾ رهي ٿي جنهن جي چوڌاري ڪافي خالي پٽ ۽ پراڻا گھاٽا وڻ آهن. ڪوالالمپور جي ائمپنگ روڊ جهڙي مشغول رستي تان لنگھندڙ ٽرئفڪ جي آواز بدران سندس گھر اڳيان جھرڪين ۽ ڳيرن جي تنوار اچي ٿي. پاڻ ٻن نوڪرياڻين سان گڏ رهي ٿي، جن مان هڪ آح_ لان (Ah- lan) نالي چينياڻي ته ويهن سالن کان هن وٽ ڪم ڪري ٿي جيڪا گھر جي ڪم ڪار کان علاوه سندس ڪاغذ پٽ ۽ روزمره جي مشغولين کي پڻ ترتيب ڏئي ٿي.

شاديءَ کان اڳ داتن پيگي ٽيلر جو نالو پيگي ليما هو.

“منهنجي ڏاڏاڻي خاندان جو جهازن سان گھڻو واسطو رهيو آهي”، هن ٻڌايو، “منهنجو پيءُ B.I.S.M ڪمپنيءَ ۾ مرچنٽ نيويءَ جو ڪيپٽن هو ۽ منهنجو ڏاڏو انگلينڊ جي رايل نيويءَ ۾ Pay – Master چيف هو. منهنجي پيءَ جي نالي سان Lima  ۽ ڏاڏاڻي آڪهه جو جهازرانيءَ سان گھڻو تعلق هجڻ مان لڳي ٿو ته اسان جا وڏا پورچوگالي هئا، جيڪي ڪنهن دور ۾ پورچوگال کان لڏي انگلينڊ آيا هوندا.”

داتن ٽيلر ٻڌايو ته سندس ماءُ جو وري سياست سان واسطو رهيو آهي. 1920ع ڌاري انگلينڊ ۾ جيڪا Women – Suffrage جي تحريڪ  هلي هئي ان ۾ سندس ماءُ اهم ڪردار ادا ڪيو هو، جنهن بعد عورتن کي ووٽ ڏيڻ جو حق ڏنو ويو.

“سو شايد ان ڪري منهنجي رت ۾ به سياست شامل آهي ۽ سياست جو اهو شوق ماءُ طرفان مليو اٿم.”

ملائيشيا جي ائڊمو پارٽي Alliance Direct Member Organization Party  جيڪا 1960 ۾ ٺهي انجي داتن پيگي ٽيلر پهرين ۽ اڃا تائين واحد عورت ميمبر آهي. ان کان اڳ ۾ حڪومت جي Alliance پارٽيءَ ۾ فقط ملئي ماڻهن جي UMNO، انڊين جي MIC ۽ چينين جي MCA پارٽيون هيون.

“اسان جهڙا انگلينڊ ۽ يورپ کان آيل يا يوريشين، جن جو مٿين ٽن پارٽين سان ڪو به واسطو نه هو ۽ هو فقط ملائيشين هئا ۽ سندن وفاداريون حڪومت سان هيون، انهن لاءِ اسان جي نئين ٺهيل پارٽي ADMO اهم ڪردار ادا ڪيو. آئون ان پارٽيءَ جي قومي ليول تي وائيس چيئر پرسن ۽ سلينگور رياست جي پارٽي چيئر پرسن ٿي رهيس. رڳو سلينگور ۾ اسان جي پارٽيءَ جا پنج هزار ميمبر هئا. جيتوڻيڪ اسان جي پارٽي ڪا وڏي ڄمار نه ماڻي سگھي ۽ سياسي پارٽيءَ بدران اها هڪ قسم جي سوشل آرگنائيزيشن ٿيندي ويئي، پر جيترو وقت آئون رهيس، مون اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته نه فقط مرد، پر عورتون پڻ ملڪ ۽ عوام جي خدمت ڪري سگھن ٿيون.

“Politics is a Greek word meaning ‘To Care’ & if you do, it is simple.”

هن مون کي ڪيترن ئي غريب ماڻهن جا تعريفي خط ڏيکاريا جن جي ڏُورانهن ڳوٺن ۾ هن وڃي سندن مسئلا ٻڌا ۽ حڪومت تي زور آڻي اهي مسئلا ۽ ڏک ڏُور ڪيا.

داتن پيگي ٽيلر برما ۾ ڄائي، جتي سندس پيءُ انهن ڏينهن ۾ نوڪري ۾ هو. ٻي وڏي لڙائيءَ تائين هن رنگون (برما) ۾ ئي تعليم ورتي. لڙائيءَ ۾ سندس پيءُ مارجي ويو ۽ سندس ماءُ کي سرڪاري گھر ڇڏي پنهنجي ذاتي گھر ۾ رهڻو پيو، جنهن ۾ داتن پيگيءَ جنم ورتو هو.

“برما ۾ اسان جو اهو Hill House  ائين مٿانهين ۽ ٿڌي جڳهه تي هو جيئن هتي ملائيشيا ۾ ڪئمرون هاءِ لئنڊس يا پاڪستان ۾ ڪوهه مري يا نٿيا گلي وغيره آهن. آئون تن ڏينهن ۾ ڪاليج ۾ هيس ۽ ڪاليج جي هاسٽل ۾ ئي رهندي هيس. برٽش چيو ته جاپان ڇهه مهينا کن به مقابلو ڪري نه سگھندو. هو کين رستي تان ئي ڀڄائي ڪڍندا، پر پوءِ هرهڪ ڏٺو ته ائين نه ٿي سگھيو. هو ويو هڪ ٻئي پٺيان ملڪ فتح ڪندو ۽ برما تائين ڌوڪي آيو. انگريز ۽ سندس سپاهه-جنهن ۾ برما ۽ ملايا جي ماڻهن سميت ننڍي کنڊ جا سولجر پڻ هئا، سڀ ڪڻو ڪڻو ٿي ويا. ان سان گڏ شهري آبادي پڻ. اسان کي ماءُ جي ۽ ماءُ کي اسان جي خبر نه پيئي. هر ڪو پنهنجو سر بچائي سلامتيءَ جون واهون ڳولڻ لڳو.

“اسان جي ڪاليج جي ڇوڪرين جي هڪ جٿي کي انگريز سرڪار هڪ پاڻيءَ جي آگبوٽ ۾ چاڙهي هندستان روانو ڪيو. هندستان جاپان جي جنگي باهه ۽ ڄڀين کان اڃا بچيل هو.”

“پوءِ آرميءَ ۾ توهان ڪڏهن ڀرتي ٿيون؟” مون پڇيومانس.

“انڊيا پهچي مون 1941ع ۾ Women’s Auxiliary Service ۾ داخلا ورتي. ان وقت آئون ارڙهن سالن جي هونديس. جتان پوءِ مون کي ملٽري تعليم لاءِ ڪوئيٽا جي اسٽاف ڪاليج ۾ موڪليو ويو. ملٽري سکيا دوران بلوچستان ۽ سنڌ جا ڪافي حصا گھميس.”

ڪوئيٽا (پاڪستان) جي اسٽاف ڪاليج بعد کيس ليفٽيننٽ بڻائي چٽنگانگ (هاڻ بنگلاديش) جي آرمي ڪئمپ ۾ رکيو ويو. جتي پوءِ ڪجھه عرصي بعد هن جي پروموشن ٿي ۽ ليفٽيننٽ مان ڪئپٽن ٿي.

“مرد آفيسرن ۾ ان وقت آئون واحد عورت هيس. ڊيوٽي جي سلسلي ۾ ڪڏهن ڪڏهن ته نيپال ۽ ڀوٽان کان به وڃي نڪرڻو پوندو هو. بس يا ريل تي جيڪي منهنجي آڌر ڀاءُ لاءِ ايندا هئا اهي مون کي ڳولڻ بدران ڪنهن مرد ملٽري آفيسر کي ڳوليندا وتندا هئا. يا ڪڏهن ڪڏهن دهليءَ کان لاهور تائين يا ڪوئيٽا کان ڪراچيءَ تائين ريل جي ساڳي دٻي ۾ مرد فوجين سان سفر ڪرڻو پوندو هو.

“انهن ڏينهن ۾ هندستان ۾ سڀ کان تڪليف وارا آفيس جا ٽوائليٽ هوندا هئا. اهي اڪثر آفيس پٺيان ليچي يا گيدوڙي جي وڻ هيٺيان تختن جا ٺهيل هئا. مرد آفيسرن لاءِ ته مڙيئي خير هو، پر مون کي موڪل تائين پنهنجو پاڻ کي ڪنٽرول ۾ رکڻو پوندو هو.”

“ڀلا توهان جي شادي ڪڏهن ٿي ۽ مڙس سان ملاقات ڪٿي ٿي؟”

“منهنجو مڙس ايرڪ ٽيلر آرميءَ ۾ ميجر هو. هو انهن ڏينهن ۾ هندستان جي ڪوسٽ گارڊ سروس ۾ هو. پوءِ اتان هن جيڪا ريجمينٽ ڀرتي ڪئي ان کي مشرقي بنگال (اڄ جي بنگلاديش) ۾ رکيو ويو. اتي هن ان مشهور جنگ “انفال” ۾ حصو ورتو جنهن ۾ جاپاني انگريزن کي وڪوڙي ويا هئا. اتان ڀڄڻ بعد هن کي چٽگانگ ۾ رکيو ويو. جتي انهن ڏينهن ۾ آئون پاڻ بدلي ٿي آئي هيس. اسان جو چٽگانگ ۾ عشق ٿيو ۽ پوءِ 1946ع ۾ ڪلڪتي ۾ شادي ٿي.”

چٽگانگ ۾ هنن جي پوسٽنگ ۽ رهائش پتنگا علائقي ۾ هئي جتي هينئر چٽگانگ جو ايئرپورٽ به آهي. اهو علائقو چٽگانگ شهر کان ڪجھه ميل پري ڪرنا ڦلي نديءَ جي ساڄي ڪپ تي آهي جتي اها ندي خليج بنگال ۾ ڇوڙ ڪري ٿي، اتي ئي ٻئي ڪپ تي جُلديا نالي هڪ ٻيٽ آهي جتي تن ڏينهن جي انگريز فوج جا فوجي نوعيت جا ڪيترائي يادگار آهن. مارڪنگ ٽاور، لائيٽ هائوس کان وٺي رهائش جون بئرڪون ۽ ڪلب وغيره. ان ٻيٽ تي 1962ع ۾ پاڪستان حڪومت ملڪ جي پهرين مئرين اڪيڊمي ٺهرائي جيڪا پوءِ بنگلاديش ٿيڻ بعد ڪراچيءَ ۾ الڳ ٺهرائي ويئي. شروعاتي شاگردن مان آئون پڻ هڪ آهيان جنهن ان مان مئرين انجنيئرنگ جي تعليم ورتي. چٽگانگ جي هن ٻيٽ جُلديا ۽ پتنگا بابت داتن پيگي ٽيلر جي يادگيري قابلِ داد آهي. ان کان علاوه هوءَ ڀر وارن علائقن: چندرگنا، ڪپتائي پهاڙتلي، رنگا مٽيءَ جو پڻ ذڪر ڪندي رهي. مون کي سندس وقت جو خيال ٿيو جو هن وٽ ويٺي مون کي ڪافي دير ٿي ويئي هئي.

“ آئون اتفاق سان اڄ بنهه واندي آهيان. مون کي هڪ يوريشين ساهيڙيءَ ملڻ لاءِ چيو هو، پر اتفاق سان اڄ ئي هن جي مڙس رچرڊ ڊالائلا کي ملائيشيا جو جج مقرر ڪيو اٿن، ان جي مبارڪ ڏيڻ لاءِ ايندڙ مهمانن ۾ هوءَ بزي آهي. هن کان اڳ هو آسٽريليا جي شهر پرٿ ۾ ٻارن جي تعليم ڪارڻ، سترهن سال رهيا جتي سندس مڙس سينئر رجسٽرار هو. هن جو ڀاءُ البرٽ واشنگٽن ۾ ملائيشيا جو سفير آهي، سو تنهنجي اچڻ کان اڳ هن مون سان رکيل ملاقات ڪئنسل ڪري ڇڏي.”

ٿڌي ٿي ويل چانهه کڻي وڃڻ ۽ ٻي گرم آڻڻ لاءِ هن پنهنجي نوڪرياڻيءَ آح_ لان کي سڏيو:

“فرينچ چوندا آهن ته چانهه ٺاهڻ بعد ڪٽليءَ ۾ ڪلاڪ کن ضرور رکجي. خبر ناهي ايتري دير چانهه ڪيئن ٿي گرم رهي سگھي.” داتن ٽيلر ڳالهه بعد پنهنجا روايتي ٽهڪ ڏيندي رهي. نوڪرياڻيءَ کي تيسين ڪئميرا ڏنم ته اسان جا فوٽو ڪڍي.

“جلدي ڪرو، جلدي ڪرو” داتن ٽيلر هن کي اردوءَ ۾ چيو.

“So, You can speak Urdu Also?”

مون کانس پڇيو.

“ٿوڙا ٿوڙا اردو هندي سب بول ليتا هَي.” داتن چيو. ۽ پوءِ ٻڌايائين ته هوءَ جڏهن به ڪنهن دعوت يا فنڪشن ۾ افتخار سان ملندي آهي ته هن سان اردوءَ ۾ ڳالهائيندي آهي. افتخار ڪرڪيٽ جو مشهور ڪمينٽري ڪندڙ ڪجھه سالن کان هتي ڪوالالمپور ۾ سنگر سلائي مشين واري ڪمپنيءَ ۾ هڪ وڏيءَ پوسٽ تي آهي.

“افتخار جتي به ملندو آهي ته رڙ ڪري کيڪاريندو آهي. ’ميم صاحب، ڪَيسا هَي؟‘  ۽ آئون به جواب ڏيندي آهيانس ’ٺيڪ هَي، ٺيڪ هَي. تم اپنا خبر ڪرو‘.“ هوءَ وري کلڻ لڳي. مون محسوس ڪيو ته هن عمر ۾ ايترو صحتمند رهڻ جو راز نه فقط کاڌو پيتو ۽ ورزش آهي پر هر حال ۾ خوش رهڻ ۽ پنهنجو پاڻ کي ڪنهن نه ڪنهن ڪِرت ۾ رڌل رکڻ پڻ ضروري آهي. جنهن تي داتن ٽيلر پورو پورو عمل ڪري ٿي.

“ڀلا پوءِ هتي ملائيشيا ڪيئن اچڻ ٿيو؟” مون پڇيو.

“ها. اهو هن ريت. پاڪستان هندستان جي ورهاڱي کانپوءِ سگھو ئي اسين انگلنڊ هليا وياسين. منهنجي مڙس کي آرڪيٽيڪٽ ٿيڻ جو شوق هو، پر اسان کي سمجھه ۾ نه پئي آيو ته آيا هو ائين ڪري يا آرميءَ ۾ ئي رهي. پر پوءِ جيئن اسان ٻڌو ته هن جي فلسطين بدلي ٿيڻ واري آهي ته پوءِ آرمي ڇڏي آرڪيٽيڪچر پڙهڻ ۾ لڳي ويو. انهن ئي ڏينهن ۾ آئون پيٽ سان ٿيس. انگلنڊ ۾ جيڪو وقت رهياسين مزو نه آيو. اتي جي هڻ هڻان واري زندگي ۽ مشرق جي پرسڪون زندگيءَ ۾ وڏو فرق محسوس ڪيوسين. آئون مشرق جي پيداوار هيس. مشرق منهنجي لاءِ سڀ ڪجھه هو. رنگون، ڪوئيٽا، چٽگانگ، ڪلڪتو، کٽمنڊو، دهلي، لاهور- ڪنهن شهر ۾ ڄايس ته ڪنهن ۾ پڙهيس. ڪٿي پنهنجي نوڪريءَ جي ابتدا ڪيم ته ڪٿي عشق جو آغاز ۽ شادي رچايم. هن مشرق سان منهنجو اول کان چاهه هو. منهنجي مڙس ايرڪ جو به هاڻ مشرق سان من لڳي چڪو هو ۽ کيس مشرق ۾ رهڻ پسند هو. 1948ع ۾ هن سنگاپور ۾هڪ نوڪريءَ لاءِ درخواست موڪلي ۽ کيس اها نوڪري ملي وئي.”

اهڙي ريت ايرڪ سنگاپور آيو ۽ هن اتي عمارتن جا نقشا ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪيو. ان دوران سندس زال داتن پيگي ٽيلر ماڊلنگ ڪئي. سهڻي ۽ سنهي جسم ڪري هوءَ ان ۾ تمام گھڻو ڪامياب رهي.

ان بعد 1952ع ۾ اٺن مهينن جي موڪل تي جڏهن هو وري انگلنڊ ويا ته اتي کين خبر پئي ته ڪوالالمپور جي ميونسپل ڪائونسل ۾ آرڪيٽيڪٽ جي جاءِ خالي آهي. هن ان نوڪريءَ لاءِ اپلاءِ ڪيو. “ ۽ اهڙي طرح اسين ان وقت کان هتي ملائيشيا ۾ آهيون. ڪوالالمپور پهچي پهريان ڏينهن مون کي سنگاپور ڏاڍو ياد ايندو هو پر پوءِ آهستي آهستي هن شهر ڪوالالمپور سان به دل لڳي وئي. انهن ڏينهن ۾ هتي سڀ کان بهترين جاءِ Griffin Inn هو جتي ڊانس کان علاوه انهن ڏينهن جي مشهور ڳائڻي ٽوني شوليانو (Tony – Sollano) سان ڳائيندا هئاسين. اها جاءِ هاڻ به آهي پر ان کي هاڻ Intan – Bow سڏين ٿا.”

داتن پيگي ٽيلر ۽ سندس مڙس داتڪ ايرڪ ٽيلر کي ملائيشيا جي آزاديءَ کانپوءِ سگھو ئي 1960ع ۾ هن ملڪ جي شهريت Citizenship ملي.

“اسان لاءِ ملائيشيا انگلينڊ کان وڌيڪ هئي جتي جي ماڻهن ۽ ماحول سان اسان کي پيار ٿي ويو هو. منهنجي زندگيءَ جي سڀ کان اڻ وسرندڙ گھڙي اها آهي جڏهن 31 آگسٽ 1957ع تي ملائيشيا کي خودمختياري ملي ۽ آڌي رات جو سلينگور ڪلب جي ميدان Padang  تي اسان انگلينڊ جو جھنڊو لهندو ۽ ملايا جو چڙهندو ڏٺو.”

“اولاد ڇا اٿوَ؟” مون پڇيومانس.

“مون کي هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ آهي. مڙس جو 1977ع ۾ انتقال ٿي ويو. وڏو پٽ انگلينڊ ۾ رهي ٿو ۽ اتي ئي شادي ڪئي اٿس. هڪ ٻار به اٿس. منهنجي ڌيءَ کي ميوزڪ ۽ راڳ جو شوق هو. هوءَ جھانسبرگ (ڏکڻ آفريڪا) ۾ رهي ٿي ۽ ڪمپوزر آهي. هو ٻئي ايندا رهن ٿا يا خبر چار لهڻ لاءِ آئون هنن وٽ ويندي آهيان.”

داتن ٽيلر کي جھوني جڳ جون شيون Antique گڏ ڪرڻ جو شوق آهي ۽ اهڙين شين سان سندس گھر ڀريل آهي. مٽيءَ جون مورتيون، پٿر جا بت، پتل ۽ ٽامي جون هٿ جون ٺهيل شيون، تصويرون ۽ گلدستا- جن مان ڪيتريون  شيون ته خود انهن جي آرٽسٽن کيس تحفي طور ڏنيون آهن. انهن شين ۾ برما ۽ ڪمبوڊيا آرٽ جون سڀ کان گھڻيون ۽ تواريخي شيون شامل آهن- خاص ڪري Angkor Wat جي ڪپڙي تي ٺهيل تصوير جيڪا سندس گھر ۾ گھڙڻ سان سامهون نظر اچي ٿي.

انهن آرٽ جي شين وانگر هن وٽ اهم ماڻهن کان مليل ڪيترائي سرٽيفڪيٽ، خط ۽ فوٽو آهن جيڪي ڳالهين دوران غور سان ڏسندو رهيس. هڪ سرٽيفڪيٽ جيڪو سڀ ۾ اهم چئي سگھجي، اهو آرميءَ ۾ سٺي طرح ڊيوٽي ڏيڻ جي عيوض فيلڊ مارشل ويول (Wavell) جي حڪم سان 1946ع ۾ انڊيا جي شهر دهليءَ ۾ کيس ڏنو ويو هو. انگريز بادشاهه طرفان تن ڏينهن ۾ ڏنل ان قسم جو سرٽيفڪيٽ مون به پهريون دفعو ڏٺو، جنهن جي شروعات گلن وارن اکرن ۾ ڪجھه هن طرح آهي:

“جارج ڇهون جيڪو الله جي فضل سان عظيم برطانيا، آئرلينڊ ۽ ست سمنڊ پار حڪومتن جو بادشاهه، مذهب جو رکوالو ۽ هندستان جو شهنشاهه آهي…” وغيره وغيره.

سبحان الله! بلي بلي! اڄ به ان قسم جا سرٽيفڪيٽ هند سنڌ جي ڪيترن ئي خان بهادرن ۽ راءِ بهادرن وٽ سونن فريمن ۾ محفوظ آهن، پر هن متوالي عورت داتن ٽيلر جي چينياڻي نوڪرياڻيءَ ان کي هڪ پلاسٽڪ جي فائل ۾ وجھي هيڏانهن هوڏانهن پئي رلايو.

داتن ٽيلر جڏهن برما ۾ پڙهندي هئي ته هن جي ڪلاس ۾ هڪ برمي ڇوڪري سندس تمام سٺي ساهيڙي هئي. اڳتي هلي اها ڇوڪري برما جي انقلابي ڪائونسل جي چيئر پرسن ٿي ۽ سندس مڙس فوج جو جنرل ۽ برما جو ليڊر ٿيو. منهنجو اشارو برما جي جنرل ني ون (Ne – Win) جي زال مئڊم ني ون ڏي آهي. 1968ع ۾ جڏهن جنرل ني ون ملائيشيا جي سرڪاري دوري تي ڪوالالمپور آيو ته سندس زال تن ڏينهن جي ملائيشين پرائيم منسٽر تنڪو عبدالرحمان کان پنهنجي ڪلاس ميٽ داتن ٽيلر جو پڇيو ۽ هن سان ويهن سالن بعد ملاقات ٿي. اها خبر ان ڏينهن جي اخبارن تفصيل سان ڇپي هئي. داتن کان اها اخبار ۽ ڪجھه فوٽو به ورتم. هڪ ۾ هوءِ اڳوڻي ملائيشيا جي بادشاهه کان سند وٺي رهي آهي. هڪ ۾ مشهور نيپالي گائيڊ شيرپا تانزنگ سان بيٺي آهي. ايوريسٽ جبل جي چوٽيءَ تي پهچڻ ۾ جن پهرين ماڻهن فتحيابي حاصل ڪئي، اهي آهن: سر اڊمنڊ هلاري Sir Edmund Hillary ۽ هي گورکو گائيڊ شيرپا تانزنگ.

تانزگ ان فتحيابي بعد جڏهن ملائيشيا گھمڻ آيو ته هتي جي وزيراعظم تنڪو عبدالرحمان کيس تحفي طور هڪ خنجر ڏنو. وزيراعظم سان ملڻ بعد هو داتن پيگي ٽيلر سان ملڻ آيو جيڪا آرمي وارن ڏينهن ۾ سندن علائقي جي آفيسر رهي چڪي هئي. هڪ فوٽوءَ ۾ هو وزيراعظم طرفان مليل اهو تحفو داتن پيگي کي ڏيکاري رهيو آهي. ٻئي ۾ هنن سان گڏ آسٽريليا جو هاءِ ڪمشنر پڻ آهي. داتن ٽيلر جي ان وقت جي جسم ۽ سونهن مان چئي سگھجي ٿو ته هوءَ واقعي ماڊلنگ جھڙي پروفيشن ۾ ڪامياب رهي هوندي.

منهنجي ان چوڻ تي ته “آرمي بدران توهان کي هالي ووڊ وڃڻ کپي ها،” هن وڏو ٽهڪ ڏنو. سندس انهن سرٽيفڪيٽن ۽ خطن مان هڪٻئي خط جي فوٽو ڪاپي کنيم. جيڪو ان وقت اهم وقت جي ياد آهي جڏهن سنگاپور ملايا کان ڌار ٿيو. هي خط 23 آگسٽ 1965ع جو لکيل آهي جيڪو تن ڏينهن جي پرڏيهي وزير مسٽر راجا رتنام پنهنجي نئين ملڪ سنگاپور مان داتن ٽيلر کي لکيو هو. ان ۾ هن سنگاپور جي عليحدگيءَ بابت لکيو آهي ته اها جدائي اهڙي شيءِ آهي جيڪا هنن (سنگاپورين) هرگز نٿي چاهي، پر ملايا جي خوشيءَ ۽ سلامتيءَ لاءِ هنن مجبوريءَ ۾ قبول ڪئي ۽ اميد ته اهو وڇوڙو عارضي رهندو.

داتن پيگيءَ سان موڪلائڻ وقت مون سندس گھر ۾ وڇايل هڪ جھوني ۽ سهڻي غاليچي بابت پڇيو:

“ها، اها ڳالهه توکي ٻڌائڻ وسري ويئي. منهنجي مڙس ڪوالالمپور شهر جون ڪيتريون ئي عمارتون ڊيزائن ڪيون. “پاڪستان مسجد” به انهن مان هڪ آهي جيڪا جالان راجا مودا (Raja Muda Road) تي آهي. ان مسجد جي نقشي ٺاهڻ جو هن ڪو به اجورو نه ورتو. ان جي بدلي ۾ هتي جي رهندڙ پاڪستانين اسان کي هي ڪارپيٽ سوغات طور ڏنو، جنهن کي دل سان سانڍي رکيو اٿم.

پاڪستان ايمبسيءَ جو جيڪو هتي پهريون سفير نواب شير علي خان هو اهو پڻ اسان جو فئملي فرينڊ هو. هن جي لاهور واري گھر جو نقشو پڻ منهنجي مڙس دوستيءَ ۾ ٺاهيو هو. اسان جي ڀُٽي صاحب سان به ڪافي عليڪ سليڪ هئي. آخري دفعو هن سان 1962ع ڌاري U.N.O ۾ ملاقات ٿي جڏهن هو ايوب خان جي ڏينهن ۾ پاڪستان جو پرڏيهي وزير هو. مون کي مئڊم بينظير سان ملڻ جي ڏاڍي سڌ آهي. مون کي اهو پڙهي خوشي ٿي ته هوءَ ان ملڪ جي وزيراعظم ٿي آهي، جيڪو اسلامي رياست آهي. منهنجي خيال ۾ مارگريٽ ٿيچر جو انگلينڊ جو پرائم منسٽر ٿيڻ ايڏي وڏي ڳالهه ناهي جيترو بينظير لاءِ. مون کي مارگريٽ لاءِ به چاهت آهي، پر جهڙو مسلمان ملڪ، جتي مرد جي مٿانهين حيثيت آهي، اتي اهو مقام حاصل ڪرڻ لاءِ بينظير کي ضرور گھڻي محنت ڪرڻي پئي هوندي، ان ڪري هن جي آئون مارگريٽ کان به وڌيڪ واکاڻ ڪريان ٿي.”

“ايندڙ مهيني هتي ڪوالالمپور ۾ ڪامن ويلٿ جي وزيراعظمن جي گڏجاڻي آهي. ٿي سگھي ٿو ته هوءَ هتي اچي ۽ توهان جي ساڻس ملڻ جي تمنا پوري ٿي وڃي.” مون کانئس موڪلائيندي، ياد ڏياريو.

“ضرور. شل حياتي ساٿ ڏئي.”  هن وراڻيو ۽ پوءِ هڪ مشهور ملئي چوسٽي جون آخري ٻه سٽون چيون:

Kalau Ada Umur Panjag, Bloeh Kita Berjimpa Lagi.

“ڪلائو ادا عمر پنجانگ بوليح ڪيٽا برجمپا لاگي.”

جيڪڏهن عمر ڊگهي رهي ته ضرور هڪ دفعو وري ملاقات ٿي ويندي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments