ملئي _ ڏُور اوڀر جي سولي ۾ سولي ٻولي

الطاف شيخ جو سفر نامو

خبرون کيڙائن جون

ملئي _ ڏُور اوڀر جي سولي ۾ سولي ٻولي

الطاف شيخ

ملئي زبان لاءِ چيو وڃي ٿو ته دنيا ۾ سولي ۾ سولي ٻولي آهي. خاص ڪري اڙدو، سنڌي، هندي، پنجابي ڄاڻندڙن لاءِ، جو انهن ۾ ٻولين ۾ عربي، فارسي، سنسڪرت ۽ انگريزيءَ جا ڪيترائي لفظ آهن جيڪي ملئي زبان ۾ پڻ آهن. بلڪه ملئي زبان لاءِ ته چيو وڃي ٿو ته اها ڌارين ٻولين جي Melting – pot آهي ڇاڪاڻ جو منجھس تمام گھڻا ڌاريان لفظ آهن. اسان جو هڪ ملئي پروفيسر دوست ته ايتري قدر چوندو آهي ته ملئي زبان جا اصل فقط ٽي لفظ آهن: اوبي، بيسي ۽ بابي (گجر، لوهه ۽ سوئر).

گرامر جي لحاظ کان به منجھس ڪو گھڻو مونجھارو ناهي. مذڪر توڙي مونث لاءِ ساڳيو ئي ضمير DIA استعمال ٿئي ٿو. انگريزيءَ وانگر هر هڪ لاءِ ڌار ڌار She, He ۽ It  جو استعمال نٿو ٿئي. زمانن جو پڻ گھڻو کٽراڳ ناهي. عورت هجي توڙي مرد، يا ڪو ڪتو ٻلو، اهو فعل ٻڌائڻ ته ”هو هلي ٿو“Dia Pergi   چوڻ ڪافي آهي. جنهن جي معنيٰ هو يا هوءَ وڃي ٿي، ويندو، ويو هليو آهي يا ويو. انهن ٻن لفظن ۾ سڀ ڪجھه اچي ويو. انگريزيءَ جي Go, Went, Gone جهڙن مڙني لفظن لاءِ ملئي فقط هڪ لفظ Pergi ڪافي آهي. ان ڪري ملئي زبان سکڻ تمام سولو ڪم آهي. جيتوڻيڪ هڪ بنگالي پروفيسر- ڊاڪٽر مزمل کي ملئي زبان جي اها خوبي ادبي خامي لڳي ٿي ۽ گرامر جي لحاظ کان ملئي زبان کي هو غريب ۽ غير سائنسي سڏيندو آهي.

ملئي زبان جي رسم الخط پهرين عربي نموني جي هئي- جيئن سنڌي، اڙدو، فارسيءَ جي لکڻي آهي. ان پراڻي نموني جي لکڻيءَ کي هتي جا ماڻهو جَوي (Jawi) سڏين ٿا. پر اڌ صديءَ کن کان ملئي زبان جويءَ بدران رومن نموني سان لکي وڃي ٿي، جنهن لاءِ انگريزيءَ واري اي بي سي استعمال ٿئي ٿي ۽ ان لکڻيءَ کي رومي سڏين. هڪ اڌ اخبار ۽ ڪجھه مذهبي ڪتاب اڃا به پراڻي نموني جي لکڻِي Jawi ۾ ڇپجن ٿا باقي ٻيو سڀ ڪجھه روميءَ ۾ هلي ٿو. ان ڪري ڌاريون ماڻهو جيڪو انگريزيءَ کان واقف آهي جھٽ پٽ ملئي پڙهيو وڃي. اهو ئي سبب آهي جو سنگاپوري شاگرد چيني تامل ۽ ملئيءَ مان هڪ آپشنل سبجيڪٽ کڻڻ وقت گھڻو ڪري ملئي جي چونڊ ڪن ٿا- ڇو ته چيني ۽ تامل زبانن جي ڀيٽ ۾ ملئي لکڻ پڙهڻ سولي آهي. جيڪو انگريزي لکي سگھي ٿو ان لاءِ ملئي لکڻ ڪو مشڪل ڪم نه آهي، پر چيني ۽ تامل زبانن جون لکڻيون بنهه مختلف ۽ بيحد ڏکيون آهن.

هن پاسي ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ڏي اسلام ڪافي دير سان آيو. ان کان اڳ هتي هندو ڌرم عام هو. ان ڪري هتي جي ماڻهن جون ڪيتريون ئي ريتون رسمون هندو ڪلچر سان واسطو رکن ٿيون. ساڳي طرح ملئي زبان جا پڻ ڪيترائي لفظ هندي ۽ سنسڪرت سان تعلق رکن ٿا. تنهن کان سواءِ اڙدو ۽ ٻين ڀاشائن جا پڻ ڪيترائي لفظ ملئي زبان ۾ اڃا تائين موجود آهن. جيئن ته:

 

ملئي لفظ معنيٰ

PERDHAN MENTRI  پرڌان منتري- وزيراعظم

PERTAMA پرتاما- پهريون

CUTI  چُوٽي- موڪل

CURI  چُوري- چوري

GERHANA گرهنا- گرهڻ

SASTERA ساسترا- ادب

RATNA –  MANIK رتنا مانيڪ- هيرو موتي

NERAGA نرگا- نرڳ  جھنم

SYRGA  شرگا- سرگ جنت

UTAMA اتاما- اتم مٿانهون

MAHA               ماها        مها _ وڏو

RUPA                روپا        روپ

SENJA               سينجا     سانجھي_ شام

PURAANAMA    پورنما      چوڏهين جو چنڊ

PERTIWI                        پرتوي      ڌرتي

PUTERA – PETERI  پترا_پتري         شهزادو_ شهزادي

PERIKSA                       پريڪشا   پرک _ امتحان

PUSPA              پسپا       گل

MUNSYI                        مونشي  منشي _ ماستر

PENJRA             پنجرا پڃرو _ جيل

SUAMI-ISTERI    سوامي _ استري      مڙس _ زال

CAP      چاپ       ڇاپ

ANAYA             انيا  انياءِ، ظلم، وغيره، وغيره.

هڪ ڳالهه جو خيال رکڻ کپي ته ملئي زبان ۾ “چ” جي اچار لاءِ “C” استعمال ٿئي ٿي ۽ “ش” لاءِ “SY”. ان ڪري مٿي لکيل ملئي لفظ Cap کي “ڪئپ” نه پر “چاپ” پڙهڻ کپي. اهڙي طرح شوال جي ملئي اسپيلنگ Syawal آهي ۽ نه Shawal ۽ Syrga جو اچار شرگا آهي.

هندي ۽ سنسڪرت کان علاوه ملئي زبان ۾ عربي ۽ فارسيءَ جا پڻ لفظ آهن. فارسيءَ جا کڻي ايترا نه آهن پر عربيءَ جا ته تمام گھڻا آهن. نموني طور ڪجھه لفظ هن ريت آهن:

 

ملئي لفظ  معنيٰ

TAJ       تاج، ٽوپي

SAUDAGAR       سوداگر، واپاري

NAKHODA        جهاز جو ڪئپٽن فارسيءَ ۾ ناؤ معنيٰ ٻيڙي ۽ خدا معنيٰ هلائيندڙ ملئي زبان ۾ ناخدا لفظ ته آهي پر خدا ناهي.

MAUSIM            موسم

ZAMIN  زمين

HAWA   هوا

GUSTI   ملهه

KAHAT کوٽ، قحط

DOMBA گھيٽو

KABAB ڪواب، وغيره وغيره.

اهڙيءَ طرح ملئي زبان ۾ عربيءَ جا ته ڪيترائي لفظ آهن جيڪي هوبهو ساڳي شڪل ۾ آهن يا ٿوري گھڻي ڦيرڦار سان ملئي ٿي ويا آهن:

لفظ                    معنيٰ

KANDIL            قنديل، ڏيو

MAJLIS              مجلس، مير

MAHIR              ماهر

KERTAS            قرطاس، ڪاغذ

ISYARAT           اشارو، نشاني

ZAMAN             وقت

ISYTHAR           اشتهار، اعلان

ZALIM               ظالم

HAD                 حد

DALAL              دلال

YAKIN              يقين

HADIR              حاضر

MAKLUMAT       معلومات

 

ڪجھه عربي لفظ جن ۾ “غ” آهي انهن لاءِ ملئي ۾ “K” لکجي ٿو، پر اچارجي نٿو. جيئن ملئي ۾ لکجي معڪلومات ٿو پر پڙهجي معلومات ٿو. ساڳي طرح:

ملئي لفظ             معنيٰ

LAKNAT            لعنت، پٽ پاراتو

TAKLIMAT         تعليمات، سبق ڏيڻ.

گھڻي عرصي کان، ملائيشيا ۾ پنجاب جا پڻ ڪافي مسلمان، هندو ۽ سک رهن ٿا. ملائيشيا جي واپار، پوليس، ڪورٽ، بئنڪ ۽ چوڪيداري تي اڌ صدي کان پنجابي ڇانيل آهن، جن جي زبان جو پڻ ملئي ٻوليءَ تي اثر ٿيو آهي. ڪيترائي پنجابي ۽ سرائڪيءَ جا لفظ ملئي زبان جو حصو آهن. جيئن ته: Kadang Kadang  معنيٰ ڪڏهن ڪڏهن.

يا Jaga معنيٰ جاڳندڙ، چوڪيدار وغيره.

ملايا تي پورچوگالين جي سوا صدي کن حڪومت رهي (1511 کان  وٺي 1641ع تائين.) ڪيترائي پورچو گالي اڃا تائين هتي رهن ٿا. سندن زبان جو پڻ ملئي زبان تي اثر  ٿيو آهي. ڪيترائي ملئي لفظ اصل ۾ پورچوگالي آهن، جهڙوڪ:

ملئي لفظ                         معنيٰ

BOTOL                          بوتل، شيشي

ALMARI                        الماري، ڪٻٽ

DODOL                         مٺو ڪيڪ

SEPATU                         سپاٽو، چمپل

BENDERA                      جھنڊو

KAMAR                         ڪمرو، وغيره.

پورچوگالي زبان جو اثر اسان جي ٻولين تي پڻ آهي ۽ ڪيترائي پورچوگالي لفظ سنڌي اڙدوءَ ۾ پڻ رچي بسي ويا آهن.

1786ع کان وٺي انگريزن ملائيشيا تي قبضو شروع ڪيو ۽ آزاديءَ تائين_ پوڻا ٻه سؤ کن سال انگريزن جي حڪومت رهي. ان دوران انگريزيءَ جا ڪيترائي لفظ ملئي زبان جو حصو بڻجي ويا. پوءِ ڪي ساڳي صورت ۾ آهن ۽ لڳي ٿو ته ڄڻ اصل کان ملئي هجن جيئن پاڻ وٽ گلاس، روڊ، ٿرماس، لاٽري، صورتي، ڊم، بائڪاٽ جهڙا اصل انگريزي لفظ آهن. ڪي ٿوري ڦير گھير سان ملئي ٿي ويا آهن. ڪي ته انگريزيءَ جا بيحد اوپرا لفظ ملئي زبان ۾ايترو ته عام ٿي ويا آهن جو ڳوٺن جون اڻ پڙهيل ۽ پوڙهيون مايون به بنا دقت جي اهي لفظ لس ئي لس ڳالهائي وڃن ٿيون. انهن لفظن مان ڪجھه هن ريت آهن: لاجڪ، انفراسٽرڪچر، انٽيلڪچوئل، پورٽوڪال، انٽروورٽ، ٽرئجڊي، ڪاميڊي، اسڪينڊل وغيره. ڪن جي وري ٿوري اسپيلنگ بدلائي انهن کي ملئي ڪيو ويو آهي. جيئن ملئي لفظ Simpati  دراصل انگريزي لفظ Sympathy (همدردي) مان آهي. اهڙيءَ طرح:

 

ملئي لفظ             اصل انگريزي لفظ

AKAUN             ACCOUNT

EJEN                 AGENT

BOM                 BOMB

LIF        LIFT    مان نڪتو آهي.

AGRESIF           ائگريسو

SIMEN               سيمنٽ

OPTIMIS                        آپٽيمسٽ مان

ASPEK              ASPECT  مان

 

ملئي زبان ۾ ڪي ڪي انگريزيءَ جا لفظ هوبهو ساڳي صورت ۾ کنيا ويا آهن. پر انهن جون اسپيلون ملئي نموني جون رکيون ويون آهن. ائين ڪرڻ سان ڏٺو وڃي ته اهي انگريزيءَ جا لفظ ملئي نموني لکڻ ڪري پڙهڻ ۾ وڌيڪ سولا لڳن ٿا ۽ بنا مدد جي ٻار يا ڌاريون به اچاري سگھي ٿو. مثال طور:

انگريزي لفظ                      ملئي لفظ

BUNGALOW                  BANGLO

CALORIE                       KALORI

CAKE                            KEK     

CHEQUE                                    CEK

COLLEGE                       KOLEJ

PROOF                          PRUF

EXCISE                          EKSAIZ

POLICE                          POLIS

PHOTO                          FOTO

MICROPHONE                MIKROFON

LIEUTENANT                 LEFTINAN

CYCLONE                      SIKLON

انگريزيءَ جا اهي لفظ جن جي آخري ۾ شن Tion اچي ٿو ان کي ملئي بنائڻ لاءِ “Tion” کي “SI” ڪيو ويو آهي. جيئن ته انگريزيءَ جو اصل لفظ ايڊيشن ملئيءَ ۾ ايڊيسي ٿي ويو آهي. ڊيڊيڪئشن لاءِ ملئي لفظ ڊيڊيڪيسي آهي. ۽ اهڙيءَ طرح:

ملئي لفظ                                     اصل انگريزي لفظ

KOLESKI                                   COLLECTION

DEMENSI                                   DIMENTION

IMAGINASI                                IMAGINATION

REAKSI                                     REACTION

REOVOLUSI                               REVOLUTION  وغيره.

پر ضروري ناهي ته هر لفظ لاءِ اهو قاعدو استعمال ڪيل آهي. ڪي لفظ ساڳي اُچار وارا پڻ آهن. جهڙوڪ:

انگريزي لفظ                      ان مان ٺهيل ملئي لفظ

OPTION                         OPSYEN

SECTION                       SEKSYEN

يا وري ٿوري فرق سان:

PENSION                       PENCEN  پنچن

ملئي زبان ۾ ڪيترائي انگريزيءَ جا لفظ اهڙا آهن جيڪي ڳالهائڻ وقت ته سمجھيو وڃجن پر ملئي جامو پهرڻ بعد اسان کي پڙهن ۾ عجيب لڳن ٿا. جيئن ته اسان جون نظرون انگريزي اسپيلنگ تي هريل آهن ان ڪري انهن انگريزي لفظن جون ملئي اسپيلون نراليون لڳن ٿيون. مثال طور انگريزيءَ جو سرڪس لفظ ملئي ۾ به سرڪس آهي پر ملئي ۾ سندس اسپيلنگ انگريزي واري Circus  بدران Sarkas ٿيو وڃي. اهڙيءَ طرح:

انگريزي لفظ Captain  جي ملئي اسپيل Kapten آهي.

GENERAL          JANRAL

CONCRETE        KONKRIT

GREASE            GRIZ

SCIENCE            SAINS

PHYSICS           FIZIK

PRACTICE          PRAKTIS

RAIL                 REL

TEXT                 TEKS  وغيره.

مٿي لکي آيو آهيان ته ملئي اي بي سي ۾ سي (C)  جو اچار  “چ” آهي. جيئن “Cat” لفظ انگريزيءَ ۾ “ڪئٽ” ٿيو. معنيٰ “ٻلي”. پر ساڳيو لفظ ملئي ۾ “چاٽ” پڙهبو. معنيٰ “روغن”. ان ڪري ملئي پڙهندڙن کي انگلنڊ، يورپ پاسي ۽ انگريزي ڄاڻندڙ کي ملائيشيا ۾ ان اکر وارن لفظن ۾ ڪڏهن ڪڏهن مونجھارو ٿئي ٿو. ۽ Cuba ڪيوبا ملڪ کي ملئي ماڻهو چوبا پڙهيووڃن . يا ڌاريو ماڻهو ملئي Cuba چوبا (معنيٰ ڪوشش) کي ڪيوبا پڙهي سگهي ٿو. هڪ دفعي ٽي ويءَ جي ملئي انائنسر Here is Lucy  “هيئر از لوسي” پروگرام جو اعلان ڪرڻ دوران “هيئر از لوچي” چئي ويئي.

ڌارين زبانن کان علاوه ملئي جي ٻن لفظن کي ملائي پڻ نوان ملئي لفظ ٺاهيا وڃن ٿا. جيئن فارسيءَ جي لفظ بُز (ٻڪري) ۽ دل کي ملائي بزدل لفظ ٺاهيو ويو آهي. معنيٰ ڊڄڻو. ٻڪريءَ جي دل وارو. اهڙيءَ طرح ملئي ۾ چنڊ کي انڪ بولان سڏجي ٿو. جيڪو ٻن لفظن جو ميلاپ آهي. Anak معنيٰ ٻار. Bulan  معنيٰ مهينو. يعني مهيني جو ٻچو، سو ٿيو چنڊ. اهڙي طرح Hari  معنيٰ ڏينهن ۽ Mata  معنيٰ اک. پر جي ٻئي لفظ ملائبا ته ٿيندو ماتاهاري معنيٰ سج. اهڙيءَ طرح ڪار کي Kereta چون ۽ ڍڳي کي Lembu . ٻئي لفظ ملائڻ سان ٿئي ڍڳي گاڏي- ڪيريٽا لمبو. ۽ ڪيريٽا آپي ٿي ريل گاڏي. Api معنيٰ باهه. جيئن پاڻ وٽ ٻاڦ تي- يعني باهه تي هلندڙ بوٽ (ٻيڙيءَ) کي آگبوٽ سڏين.

افواهن کي ملئي ٻوليءَ ۾ Khabar _ Angin سڏين. خبر معني خبر، حال چارل ۽ انگن معنيٰ هوا. يعني هوائي ڳالهه، ڊاڙ، ٻٽاڪ، گشو. انٽارڪٽڪ Antarctic کي ملئي ۾ Kutup – Selatan چون. Kutup معنيٰ قطب، ۽ سلاطين معنيٰ ڏکڻ. گاديءَ جو هنڌ (Capital) لاءِ ملئي لفظ Ibu- kot آهي. اِبو معنيٰ ماءُ ۽ ڪوٽا معنيٰ شهر. يعني گاديءَ جو هنڌ ٿيو شهرن جي ماءُ. اهڙي طرح هيڊ آفيس کي چون Ibu – Pejabat معنيٰ آفيس جي ماءُ. گلابي رنگ کي Merah – Jambu سڏين. ميراح معنيٰ ڳاڙهو ۽ جمبو معنيٰ زيتون. يعني زيتوني ڳاڙهو ٿيو گلابي رنگ. جيئن Violet رنگ پاڻ وٽ ٿيو واڱڻائي.

ڪيترين شين جا انگريزي نالا جيڪي اصلي صورت ۾ وڌيڪ مشهور آهن، انهن لاءِ نوان ملئي نوعيت جا نالا گھڙيا ويا آهن جيڪي قبوليت حاصل ڪرڻ بدران اوپرا لڳن ٿا. جيئن ته ريفريجريٽر کي “پيٽي سِجوڪ” سڏجي ٿو. Peti معنيٰ پيتي يا دٻو ۽ Sejuk  معنيٰ ٿڌو. اهڙي طرح ٿرماس بدران “بوتل آير پاناس” لفظ گھڙيو ويو آهي. Botol معنيٰ بوتل يا شيشو. Air معنيٰ پاڻي ۽ Panas  معنيٰ گرم. يعني گرم پاڻيءَ جو شيشو. ميڊيڪل جي سبجيڪٽ “گائني” جو ملئي نعم البدل لفظ Ilmupenyakit – Puan عِلمو پينياڪت پُئان يعني عورت جي بيماريءَ جو علم، يا جاگرافيءَ لاءِ Ilmu Alam لفظ رکيو ويو آهي- يعني عالم جيڄاڻ.

آنڊي لاءِ ملئي ٻوليءَ ۾Tali Perut (پيٽ جي رسي) لفظ ٺاهيو ويو آهي. Sarong معنيٰ گوڏ. ۽ جيئن ته لفافي لاءِ ملئي ۾ ڪو لفظ ناهي ته ملئي جا ٻه لفظ Sarong –۽ Surat ملائي ٺاهيو ويو آهي. سرونگ معنيٰ گوڏ سورت معنيٰ خط. يعني خط جي گوڏ – سو ٿيو لفافو. هونءَ سرونگ نه فقط ٽنگن کي ڍڪڻ جي ڪپڙي کي چئجي ٿو، پر هر پوش، ڍڪ، جلد، گوڏ، وهاڻي جي ڇَوَ لاءِ اهوئي لفظ Sarong آهي. جيڪڏهن دڪاندار کان سرونگ جي آهستي آواز ۾ گھر ڪندائو ته گوڏ يا وهاڻي جي ڇَو بدران ڪنڊوم ڪڍي ڏيندانوَ. ڇوجو برٿ ڪنٽرول جي رٻڙ لاءِ به ملئي لفظ Sarong يعني گوڏ آهي. اهڙي طرح چٻري کي Burung Hantu- غيبات جو پکي سڏين جو اهو رات جي اونداهيءَ ۾ ڊٺل جاين ۾ نظر اچي ٿو.

پر ريفرجريٽر جهڙن عام مروج لفظن کي زوريءَ ’پيٽي سجوڪ‘ بڻائڻ سان ڪو خاص فرق نه پيو آهي. آسانيءَ بدران ويتر وڏا ۽ ڏکيا نالا ٿي پيا آهن. جيئن ڪجھه عرصو اڳ انڊيا ۾ انگريزي لفظن کي هندي بنائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي هئي. پوءِ ڪجھه ته ڪاميابيءَ سان هندي ٿي ويا ڪي اوپرا ئي رهيا. جيئن ٽرين جو هندي نالو ’اگني رٿ‘ رکيو ويو. اگني معنيٰ باهه ۽ رٿ معني ڦيٿن تي هلندڙ گاڏي.

سڀ کان مزيدار نالو ان ريل کي بيهارڻ ۽ هلڻ جو اشارو ڪندڙ لوهي سگنل جو تجويز ڪيو ويو هو، جيڪو هن ريت آهي:

“اگني رٿ، گامن اَگامن، سُوچڪا تامبا ورنا لوها پاتِڪا” – يعني آگ گاڏي جي اچڻ وڃڻ لاءِ اشارو ڪندڙ ٽامي جي رنگ جو لوهي پٽي- يعني سگنل.

ڪنهن چيو گاڏي بيهارڻ لاءِ جيسين ڪنهن کي حڪم ڏجي ته “اگني رٿ گامن اگامن سوچڪا تامبا ورنا لوها پاتڪا” کي مٿي ڪر، تيسين گاڏي ته اسٽيشن به ٽپي ويندي.

ائين به نه آهي ته رڳو ٻين زبانن جا لفظ ملئي ۾ آيا آهن. ڪجھه ملئي جا لفظ ڌارين ٻولين ۾ پڻ جذب ٿي ويا آهن. جيئن انگريزيءَ جو لفظ Compound ملئي لفظ ڪمپونگ (Kampong) مان نڪتو آهي جنهن جي معنيٰ آهي ڳوٺ، گھر، چؤديواري. اهڙي طرح انگريزيءَ جو لفظ Amok پڻ ملئي مان نڪتو آهي. وڏو طوطو جيڪو آسٽريليا، انڊونيشيا، پاپا نيوگني ۽ هتي ملائيشيا ۾ جام ٿئي ٿو. ان جو انگريزي نالو   Cockatooملئي لفظ Kakak-Tua مان ٺهيو آهي. ڪاڪا(ڪ) معنيٰ ڀيڻ ۽ تئا معنيٰ وڏي يا پوڙهي. اهو آڪسفورڊ جي ڊڪشنريءَ ۾ پڻ ڄاڻايل آهي. اهڙيءَ طرح سان Orang Utan هڪ ڀولڙي جو قسم آهي جيڪو ماڻهوءَ سان ڪافي ملي ٿو ۽ اهو فقط هن پاسي جي جھنگلن ۾ نظر اچي ٿو. انگريزيءَ جو لفظ “اورانگ اُوتان” در اصل ملئي لفظ “اورانگ هُوتان” مان ٺهيو آهي ۽ هتي ان ڀولڙي کي اورانگ- هُوتان ئي سڏين. Orang ملئي لفظ جي معنيٰ آهي ماڻهو ۽ Hutan معنيٰ جھنگل. يعني جھنگل جو ماڻهو.

اهڙيءَ طرح Tiadapa جيڪو ٺيٺ انگريزي لفظ لڳي ٿو پر اصل ملئي لفظ Tidak Apa Apa  مان ٺهيو آهي. ان جي معنيٰ آهي ڪجھه به نه. تِداق معنيٰ نه ۽ آپا آپا معنيٰ ڪجھه. ڪو امتحان ۾ فيل ٿي پوي ۽ کيس چئجي ته يار پڙهين ها ته پاس ٿي وڃين ها. هو ان تي بي پرواهي ڏيکارڻ لاءِ چوندو تِداق آپا آپا. يعني مڙئي خير آهي. يا انگريزيءَ ۾ چئجي ته I Damn Care.  “تِداق آپا آپا” سڄو لفظ چوڻ بدران ان جو مخفف تاپايا Tapaya پڻ چيو وڃي ٿو.

ان کان علاوه انگريزيءَ جا لفظ:  Launch, Criss, Sampan ۽ Gutta Percha  پڻ اصل ۾ ملئي جا لفظ آهن.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments