خاص

ملائيشيا ۾ جهاز تي قبضو: ملائيشين عدالت پي آءِ اي جو جهاز واپس ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ملائيشيا ۾ پي آءِ اي جي جهاز تي قبضي واري معاملي تي پي آءِ اي ۽ ليزنگ ڪمپني سان معاملا طئي ٿي ويا. قومي ايئر لائين جي ترجمان موجب پي آءِ اي ۽ ليزنگ ڪمپني جي گڏيل رضامندي سان ملائيشيا جي عدالت ۾ ڪيس رد ٿي ويو آهي جنهن کان پوءِ جهاز پي آءِ اي جي حوالي ڪيو ويو آهي. ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته پي آءِ اي جهاز کي مسافر اڏام جي طور تي آپريٽ ڪري واپس وٺي اينداسين ۽ جهاز واپس آڻڻ جي لاءِ عملي کي پاڪستان کان روانو ڪيو پيو وڃي. ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته جهاز جي واپسي ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي. واضح رهي ته 15 جنوري تي پي آءِ اي جي بوئنگ 777 جهاز کي ملائيشيا جي ڪوالالمپور ايئرپورٽ تي قبضي ۾ ورتو ويو هو. ملائيشين سول ايوي ايشن اختيارين ٻڌايو هو ته ليز جا واجبات ادا نه ڪرڻ سبب عدالتي حڪم تي پي آءِ اي جي جهاز کي روڪيو ويو آهي. ملائيشيا ۾ روڪيل بوئنگ 777 جهاز تي مقرر پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز (پي آءِ اي) جي هوائي عملي کي ملڪ واپسي جي اجازت ڏني وئي هئي.