ملڪ کي لڳل مرض جو علاج ميثاق جمهوريت تي عمل آهي: آصف علي زرداري

ملڪ جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته ملڪ کي لڳل مرض جو علاج ميثاق جمهوريت تي عمل آهي. آصف زرداري پيپلز پارٽي جي يوم تاسيس ۾ پي ڊي ايم پارٽين جي شرڪت تي ٿورا مڃيندي چيو آهي ته سمورين سياسي پارٽين جي ڪارڪنن کي سلام پيش ڪيان ٿو، ثابت ٿيو ته سياسي ڪارڪن لٺ، گولي ۽ جيل کان نٿا ڊڄن. آصف زرداري چيو ته اطمينان جي ڳالهه آهي ته جمهوريت جو جهنڊو نوجوانن سنڀاليو آهي، پارليامينٽ جي بالادستي، آئين جي حڪمراني ۽ جدوجهد فتح ياب هوندي، ملڪ کي لڳل مرض جو علاج ميثاق جمهوريت تي عمل آهي، جمهوريت ۽ سياسي پارٽين کي ڪمزور ڪرڻ سان قومي ٻڌي متاثر ٿيندي آهي.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments