ممبئي ۾ تباهي مچائيندڙ سسٽم ڪراچي ۾ به وسندو
هندستاني شهر ممبئي ۾ طوفاني برسات تباهي مچائي ڇڏي ۽ ساڳيو ئي موسمياتي نظام جيڪو ممبئي ۾ برسات جي ڪري آهي اڄ ۽ سڀاڻي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ به وسندو. ممبئي ۾ 107 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلندڙ هوائن زندگي کي هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا موجب ممبئي جي ڪجهه علائقن ۾ 300 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته اختيارين ممبئي ۾ طوفاني برسات بابت ريڊ الرٽ جاري ڪيو آهي. موسميات کاتي موجب اڄ به جاري رهڻ جو امڪان آهي جڏهن ته چار ماڻهو فوت ۽ ڪيترائي ٻيا برسات سان لاڳاپيل حادثن ۾ فوت ٿي ويا آهن. ٻئي طرف مختلف علائقن ۾ ٻوڏ جي پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهو ٻيڙين ذريعي بچايا پيا وڃن.